صاحب
خان ڀٽي
ملڪ ۾
هڪ طرف موسم گرم ٿيندي پئي وڃي ته ٻي طر ف وري پاناماليڪس پيپرز
واري معاملي سياستدانن کي ٿرٿلي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ملڪ اندر سياسي
هيٽ اسٽروڪ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. حڪمرانن عوام کي هيٽ اسٽروڪ کان بچڻ لاءِ ته
هدايتون جاري ڪيون آهن پر پاڻ هن وقت تائين پاناماليڪس کان بچڻ لاءِ ڪو دڳ ڳولهي ناهن سگهيا. وزيراعظم نوازشريف به ٻه
ڀيرا قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪري چڪو آهي پر تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ ٻيا اپوزيشن اڳواڻ پاناما ليڪس بابت ڪميشن جو مطالبو ڪري رهيا آهن
ته ٻي طرف وري سڄي قوم به پاناما ليڪس معاملي جي جاچ شفاف نموني
ڪرائڻ تي زور ڏئي رهي آهي. تحريڪ انصاف
سربراهه عمران خان ته وزيراعظم نواز شريف خلاف سندرا ٻڌي ميدان تي لٿل آهي. جيڪو
مختلف وقتن تي وزيراعظم کان اثاثن جو پڇاڻو ڪندو رهيو آهي. عمران خان پاناما ليڪس
پيپرز جي انڪشافن کان پوءِ وزيراعظم کان
استعيفيٰ جو مطالبو ڪندو رهيو آهي پر
پيپلزپارٽي طرفان پاناما ليڪس معاملي تي وزيراعظم خلاف ڪنهن به تحريڪ جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ته هيٽ
اسٽروڪ گذريل سال پنهنجو جلوه ڏيکاري چڪو
آهي، جنهن کان عوام اڳ ئي خوف زده هئي پر
حڪمرانن جي الرٽ جاري ڪرڻ بعد هو ويتر
ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا آهن. هڪ طرف گرمي ته ٻي طرف وري سياستدان احتجاجي ڌرڻن جو به
اعلان ڪندي نظر اچي رهيا آهن، جيڪڏهن تحريڪ
انصاف سربراهه يا ٻئي ڪنهن پارٽي اڳواڻ ڌرڻي
جو اعلان ڪيو ته ڪيترائي ماڻهو هيٽ اسٽروڪ
سبب متاثر ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن احتجاج ٿيا
۽ احتجاج دوران ڪو گرمي سبب فوت ٿي ويو ته ان جو ڏوهه به سمورو موجوده حڪمرانن جي
کاتي ۾ لکيو ويندو، تنهن ڪري حڪومت کي
اهڙا قدم کڻڻ گهرجن ته جئين هن سخت
گرمي ۾ ڪراچي اندر ڪنهن به پارٽي کي احتجاج يا مظاهري جي اجازت نه ڏئي ۽ سڄي شهر ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن تي پابندي لڳائي ته جئين هن ڇتي گرمي سبب ڪو به
ماڻهو هيٽ اسٽروڪ سبب فوت نه ٿئي.
پاناما
پيپرز جي انڪشافن کانپوءِ پاناما جاچ ادارا
به ٿرٿلي ۾ اچي ويا آهن، جنهن جو اندازو گذريل ڏينهن واري ڪارروائي مان لڳائي
سگهجي ٿو، پاناما پيپرز جي انڪشافن بابت حڪومت طرفان جاچ جو
اعلان ڪيو ويو هو، جنهن بعد پاناما جي جاچ
ادارن پنهنجي جاچ جو دائرو وڌايو ڇڏيو آهي، گذريل ڏينهن پاناما جاچ ادارن آف شور
ڪمپني موزڪ فونسيڪا جي اسٽور هائوس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو، جنهن بابت ٻڌڻ
۾ آيو آهي ته جاچ ادارن آف شور ڪمپني موزڪ
فونسيڪا جي اسٽور هائوس مان ڪاغذن سان ڀريل ٿيلها به پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيا آهن،
جن بابت اهو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته انهن ٿيلهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي اڳواڻن جا آف شور
ڪمپني اڪائونٽس موجود آهن، جيڪڏهن ان رڪارڊ
جي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ ٿي ته اڃان وڌيڪ ٻين ملڪن جي اڳواڻن جا نالا به سامهون اچي
سگهن ٿا، جنهن بعد اڃان وڌيڪ ممڻ مچي سگهي ٿو، آمريڪي صدر بارڪ اوباما به سعودي
عرب جي ٻن ڏينهن واري دوري بعد لنڊن پهتو آهي، جنهن بابت به اهي خبرون آهن ته بارڪ اوباما ۽ سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن
عبدالعزيز وچ ۾ خطي جي صورتحال سميت پاناما ليڪس پيپرز بابت ڳالهيون ٿيون آهن،
ڇاڪاڻ ته پاناما ليڪس پيپرز ۾ سعودي جي ڪجهه اڳواڻن جا نالا به شامل آهن، جنهن سبب
سعودي کي به ڳڻتي ورايو ويٺي آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ به سعودي عرب ۾ بادشاهي حڪومت
خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي وئي هئي ۽
بادشاهي حڪومت جي خاتمي لاءِ احتجاج به ڪيو ويو ۽ ان ڏوهه ۾ شيعا اڳواڻن کي
ڦاهي به ڏني وئي هئي، هاڻ جڏهن پاناما
ليڪس پيپرز ۾ سعودي عرب جي اهم اڳواڻن جا نالاا سامهون آيا آهن تڏهن ئي سعودي عرب
جي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز کي
پنهنجي تخت جي ڳڻتي لڳي آهي ۽ کيس اهو اونو آهي متان سعودي ۾ ٻيهر بادشاهي
حڪومت خلاف احتجاج شروع ٿي نه وڃن ، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پاناما ليڪس معاملي تي هن
ڀيري سعودي عرب ۾ احتجاج ٿيو ته اهو سڄو احتجاج بادشاهي حڪومت جي خلاف ئي هوندو،
جنهن سبب آمريڪي صدر کي سعودي جو دورو ڪرڻو پيو.
جيتوڻيڪ
وزيراعظم نوازشريف پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن پر اپوزيشن انهن اثاثن جي
تفصيلن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ صاف شفاف جاچ لاءِ حڪومت کان عدالتي جاچ ڪرائڻ جو
مطالبو ڪيو آهي، حڪومت طرفان ڪيترن ئي سينيئر ججن کي ڪميٽي جي سربراهي جي به آڇ ڪئي جنهن تي سڀني معذرت جو اظهار ڪيو،
تنهن باوجود تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ ٻين پارٽين جا اڳواڻ موجوده چيف جسٽس
جي سربراهي ۾ حڪومت کان ڪميشن جوڙڻ واري مطالبي تي بيٺل آهن. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پنهنجي بيانن ۾
اهو ئي چوندو رهيو آهي ته حڪومت پاناما ليڪس سميت ٻين سمورين ليڪس جي شفاف جاچ ڪرائڻ تيار آهي پر اپوزيشن نه مڃڻ واري
هوڏ تي بيٺل آهي، جنهن بابت هو ڪجهه به نٿا ڪري سگهن. هوڏانهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به اسلام
آباد جي نائن پارڪ ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ وڃي
رهيو آهي، جنهن بابت حڪومت طرفان اهو بيان ڏنو ويو آهي ته عمران حڪومت کان لکت
۾جلسي جي اجازت ورتي آهي ۽ هو ڌرڻو نه هڻندو
۽ پنهنجي طئي ڪيل وقت موجب پنهنجو جلسو ختم ڪري پارڪ کي خالي ڪندو. ڪجهه
سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته جيڪڏهن عمران خان ڌرڻو هنيو ته پوءِ حڪومت کي لوڏا اچي
سگهن ٿا ۽ جمهوريت واري ريل پٽڙي تان لهي
سگهي ٿي. جنهن جا امڪان به وڌندا پيا وڃن. جيڪڏهن پاناما ليڪس بابت جاچ صاف شفاف
نموني نه ٿي پوءِ لڳي ٿو ته ڪيترائي بحران پيدا ٿي سگهن ٿا. جنهن جو خدشو حڪمرانن
کي به آهي.
پاناما
ليڪس واري معاملي تي وزيراعظم نوازشريف هڪ دفعو ٻيهر قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ
خطاب ڪيو آهي ۽ ان دوران وزيراعظم پاڻ کي خاندان
سميت احتساب لاءِ قوم آڏ پيش ڪيو آهي. وزيراعظم خطاب دوران پاناما پيپرز تي واويلا
ڪندڙن کان اهو سوال ڪيو آهي ته کيس ٻڌايو وڃي ته سندس مٿان لڳايل هائي جيڪنگ وارو
الزام جو احتساب ڪير ڪندو؟ وزيراعظم اهو به سوال ڪيو ته کيس اهو به ٻڌايو وڃي ته
سندس حڪومت کي بار بار غير قانوني طور ختم ڪيو ويو ان جو به احتساب ڪنهن کان ورتو
ويندو، وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ پنهنجي جيل اندر قيد ٿيڻ جو ذڪر به ڪيو. وزيراعظم
پنهنجي خطاب ۾ اهو به چيو ته ڪنٽينر جي سياست ڪندڙن ملڪي ناڻي کي وڏو نقصان پهچايو
آهي، انهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي.
نوازشريف چيو ته مٿس الزام هڻندڙ ثبوت پيش ڪن،
ثابت ٿيا ته هو بنا دير گهر هليو ويندو.هو گدڙ ڀڀڪين کان ڊڄڻ وارو ناهي،
الزام هڻندڙ قوم کان معافي وٺن، وزيراععظم نوازشريف پاناماليڪس بابت سچ سامهون آڻڻ
لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي ۽
چيو آهي ته سندس زندگي هڪ کليل ڪتاب جيان آهي. ٻي طرف وري حڪومت سپريم ڪورٽ جي چيف
جسٽس کي پاناماليڪس بابت جاچ ڪميشن جوڙڻ لاءِ خط لکيو آهي، خط قانون واري وقتي
سيڪريٽري طرفان رجسٽرار کي موڪليو ويو، خط سان ٽرمز آف ريفرنس جي ڪاپي به لڳل آهي،
خط ۾ لکيو ويو آهي ته پاناماليڪس ۾ پاڪستاني شهرين جي آف شور ڪمپنين جي جاچ ڪئي
وڃي، عدالتي ڪميشن سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل جوڙي وڃي. خط ۾ اهو به لکيو ويو آهي
ته ڪميشن جي سربراهي اوليت جي بنياد تي چيف جسٽس پاڻ ڪري، ڪميشن ڪو به رڪارڊ ڏسڻ ۽
پرکڻ جي مجاز هجي، ٽيڪس ماهرن ۽ اڪائونٽنٽ کي به سڏائڻ جو اختيار هوندو خط ۾ اهو
به لکيو ويو آهي ته سموريون وفاقي ۽ صوبائي اختياريون ڪميشن سان سهڪار جون پابند هونديون، ڪميشن ڪنهن به آفيس يا عدالت
مان دستاويز گهرائي سگهندي، خط جي متن موجب پاڪستاني قانون جي ڪنهن به سطح تي لتاڙ
جي جاچ ڪري سياسي اثر رسوخ ذريعي قرض معاف ڪرائيندڙن جو پتو لڳايو وڃي، ڪرپشن ۽ ڪڪ
بيڪس ذريعي پرڏيهه فنڊ منتقل ڪرڻ جي جاچ ڪئي وڃي، خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن کي
ديواني ايڪٽ 1908 موجب اختيار حاصل هوندا، عدالتي ڪميشن جاچ مڪمل ڪرڻ بعد رپورٽ وفاقي
حڪومت کي پيش ڪندي.
پاناما
ليڪس معاملي کانپوءِ وزيراعظم نوازشريف کي وچ مدي واريون چونڊون ڪرائڻ واري تجويز به ڏني وئي هئي پر حڪومت ان کي رد ڪري
ڇڏيو هو ۽ ججن تي ٻڌل ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن تي اپوزيشن طرفان ڪيترائي
سوال اٿاريا ويا. لڳي ٿو ته مخالف پارٽيون
وزيراعظم نوازشريف جي جاچ ڪميشن تي اتفاق
نه ڪنديون، ڇاڪاڻ ته انهن پارٽين جو
مطالبو آهي ته وزيراعظم نوازشريف استعيفيٰ ڏئي ۽ وچ مدي واريون چونڊون
ڪرائي ته جئين انهن کي اڳتي اچڻ جو هڪ ٻيو
موقعو ملي. اهڙو موقعو حاصل ڪرڻ جو سڀ کان وڏو خواهشمند عمران خان آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل
ڪيتري ئي عرصي کان هو چوندو رهيو آهي ته سندس حڪومت آئي ته هو ملڪ جو ناڻو لٽيندڙن
کي جيل اماڻيندو ۽ ملڪ کان ٻاهر لڪايل ناڻو ڏيهه واپس آڻيندو. هڪ طرف عمران
خان وزيراعظم نوازشريف تي الزام لڳائي
رهيو ٻي طرف وري رد عمل ۾ مٿس به الزام لڳي رهيا آهن، جنهن تي ٻنهي اڳواڻن ۾ ظاهري
طور وڏا اختلاف نظر اچي رهيا آهن، جيڪڏهن
ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر تحريڪ انصاف سربراهه
عمران خان واحد اڳواڻ آهي جيڪو هر ڀيري حڪومت خلاف بيٺل نظر ايندو رهيو آهي، حڪومت طرفان جيڪي به عوام دشمن قدم کنيا ويندا آهن انهن خلاف سڀ کان پهرين عمران خان ئي ڳالهائيندو آهي، جئين ماضي ۾ ايم
ڪيو ايم سنڌ اندر پيپلزپارٽي جي اينٽي پارٽي هئي. هاڻ ته ايم ڪيو ايم کي ئي پنهنجو
مخالف ملي ويو آهي. جنهن جي ڪري ايم ڪيو ايم اڳواڻ پيپلزپارٽي کي ڇڏي ڪمال جي
ڪمالن بابت واويلا ڪندي نظر اچي رهيا آهن. سنڌ اندر به ايف آءِ اي ۽ نيب ڪرپٽ ڪامورن
جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن، جن مان ڪجهه ته وڃي
پرڏيس وسايو آهي ته ڪن وري روپوشي اختيار ڪري ورتي آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت پاناما ليڪس معاملي تي جاچ صاف شفاف نموني نه ڪئي ته پوءِ جمهوريت ته قائم رهندي پر حڪمران پنهنجن عهدن
تي شايد نه رهي سگهن. آرمي چيف جنرل راحيل شريف طرفان فوج کان احتساب جي شروعات ٿي
چڪي آهي، هاڻ سڀني کي اهو کٽڪو لڳو آهي ته جيڪڏهن فوجي آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي ته پوءِ سياستدانن جو احتساب
ڪرڻ ته تمام گهڻو آسان آهي.، جنهن سبب سياستدانن مٿان احتساب جي تلوار لٽڪي رهي
آهي، جنهن کان بچڻ لاءِ هو در بدر ڀٽڪي رهيا آهن.
No comments:
Post a Comment