Pages

Monday, 2 May 2016

سنڌي نوجوانن جي گمشدگين تي ڀوتارسرڪار جي خاموشي

صاحب خان ڀٽي
اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس افتخار محمد چوڌري ملڪ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي  لاءِ ڪميشن جوڙي هئي جنهن کي هدايت ڪئي وئي هئي ته ماڻهن جي گم ٿيڻ بابت جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، پر افسوس جو ان تي عمل نه ٿي سگهيو. اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جڏهن پنهنجي عهدي تي برقرار هو تڏهن ملڪ ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي به ٿي رهي هئي پر  افسوس  جو  ڳچ عرصو گذرڻ باوجود هن وقت تائين نه ته  انهن گم ٿي ويل ماڻهن جو پتو پئجي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪو ادارو انهن  کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪري رهيو آهي، جنهن سبب سندن گهرن ۾ ڪهرام متل آهي. اڳ ۾ ايترا ماڻهو گم نه ٿي رهيا ۽ جيڪڏهن ڪو گم ٿيندو به هو ته هو ڪنهن  نه ڪنهن هنڌ ظهار ٿي ويندو، جنهن بابت خبر پئجي ويندي هئي ته ڪهڙي هنڌ قيد آهي، پر بينظير جي شهادت کان پوءِ اهو سلسلو سنڌ اندر اڃان وڌيڪ شروع ٿي ويو آهي.  شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سنڌ اندر قومي ڪارڪنن  کي کنڀي گم ڪرڻ جو  جنهن ريت شروع ٿيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ حڪمران هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هن وقت تائين ڪيترائي اهڙا ڳڀرو نوجوان گم ٿي چڪا آهن، جن بابت هن وقت تائين ڪنهن به اداري جاچ ناهي ڪئي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت ان مسئلي طرف ڌيان ڏئي رهي آهي. پيپلزپارٽي  کان ويندي فنڪشنل ليگ تائين ڪنهن به هڪ پارٽي سنڌ مان گم ٿي ويل نوجوانن جي گولا لاءِ ايوان ۾ آواز ناهي اٿاريو، جنهن سبب  گم ٿي ويلن جا وارث روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل آهن پر سنڌ حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.  خبر ناهي ته الائي ڪهڙي خلائي مخلوق  آهي جيڪا سنڌي نوجوانن کي گم ڪري رهي آهي جنهن جي ڪنهن کي به سُڌ نه پئجي رهي آهي ۽ اها خلائي مخلوق پنهنجي ڪاررواين ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي. ڪجهه ڏينهن کان جسقم اڳواڻ ڪيهر انصاري به گم آهي، جنهن  سبب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن پر  وقت جي حاڪمن جون اکيون هن وقت تائين بند آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيڪو پاڻ کي سنڌ جي ماڻهن  هڏ ڏوکي سڏرائيندو آهي، ان جو به هن وقت تائين ڪو بيان سامهون نه  آيو آهي.
شهدادڪوٽ مان به شاگرد سهيل ڀٽي کي اڻچاتل ماڻهو کنڀي ويا هئا جنهن جو به هن وقت تائين پتو ناهي  پئجي سگهيو ته مٿان وري جسقم اڳواڻ ڪيهر انصاري به ڪجهه ڏينهن کان گم آهي، خبر ناهي ته  هو ڪٿي آهي. سندس وارث به پريشان آهن ته قومپرست ڌريون به سراپا احتجاج بڻيل آهن پر انهن جي احتجاج کي ڪو به چونڊيل نمائندو موٽ ناهي ڏئي رهيو، نه ئي وري وٽن ڪو  ڪامورو لڙي آيو آهي. جيڪڏهن سنڌ اندر ائين نوجوان گم ٿيندا رهيا ته پوءِ ڪير اچي انهن جي پرگهور لهندو؟ سنڌ جا حڪمران  ته ڪرسي جي لالچ ۾ ايترا ته انڌا ٿي چڪا آهن جو انهن کي نه ته سنڌ جي امن امان جي پرواهه آهي ۽ نه ئي سنڌ جي ماڻهن، جنهن جي ڪري ڏينهون ڏينهن صوبي مان ماڻهو گم ٿي رهيا آهن. ماضي  جي حڪومتن  تي نظر وجهنداسين ته بينظير ڀٽو جي شهادت بعد پيپلزپارٽي کي اڪثريت سان ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو  ويو هو، جنهن بعد پيپلزپارٽي  جي حڪومت قائم ٿي هئي پر ان ئي پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ سنڌي نوجوانن جا لاش مليا ۽ ڪيترن ئي کي کنڀي گم ڪيو ويو، ايتري قدر جو ڪجهه قومپرست ڪارڪنن کي ساڙي شهيد به ڪيو ويو پر ان باوجود پيپلزپارٽي نه ته ڪا جاچ ڪميشن جوڙي ۽ نه  ئي وري انهن جو ڪو ڪيس داخل ٿيو. جسقم چيئرمين شهيد بشير خان قريشي جي ڀاءُ کي ڪار ۾ سندس ساٿي سلمان وڌو سميت باهه ڏئي ساڙيو ويو پر  سنڌ حڪومت  اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ويهي رهي، جنهن جي اڄ تائين جاچ ناهي ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  اهڙا ٻيا به ڪيترائي قومپرست ڪارڪن آهن جن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو ۽ ڪجهه جا ته روڊن تان لاش به مليا پر  سنڌ سرڪار  پنهنجي روايت برقرار رکندي  معاملي جي جاچ ڪرڻ بدران قومپرست ڪارڪنن مٿان ڏمريل نظر آئي آهي. هاڻ جڏهن سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر قومپرست جماعت جا ڪارڪن گم ٿي رهيا آهن ته ان وقت به  سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪامورا خاموش تماشائي بڻيل آهن.
جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جو ڪيس هلندڙ آهي پر  ملڪ مان ماڻهن جو گم ٿيڻ جو سلسلو بند ناهي ٿي سگهيو،  جنهن سبب سنڌ  جا ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته  گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ  جي حقن جي جدوجهد ڪندڙن کي  چٿيو  ويو آهي، انهن جو آواز دٻائڻ لاءِ  انهن کي حراسان ڪيو ويو آهي،  ڪجهه گم ٿي آيل ماڻهو جيڪي واپس آيا آهن،  انهن کان به هن وقت تائين ڪنهن به پوليس ٿاڻي جاچ ناهي ڪئي  ته انهن کي ڪير کڻي ويو هو ۽  اهي ايترا ڏينهن ڪاٿي هئا،  جيتوڻيڪ سڄي سنڌ جا ماڻهو  سراپا احتجاج آهن  پر  سنڌ حڪومت ۾ ويٺل  اڳواڻ  صرف پاناما ليڪس پيپرز  واري معاملي پٺيان لڳيا پيا وڃن. جيڪڏهن هن وقت به انهن ڀوتارن سنڌ جي نوجوانن جي پرگهور نه لڌي پوءِ  انهن حڪمرانن تان سنڌي ماڻهن جو ويساهه ختم ٿي ويندو، جنهن  جي ڪري حڪومت کي گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ڪو جلد کان جلد قدم کڻڻو پوندو ته جئين گم ٿي ويل ماڻهن جا وارث سڪون جو ساهه کڻي سگهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي مان گم ٿي ويلن  ماڻهن بابت ڪيس هلي چڪو آهي جنهن ۾ پڻ ڪا به  اڳڀراتي ٿيندي نظر نه پئي اچي. جيڪڏهن صوبي اندر ائين قومپرست ڪارڪنن  گم ٿيندا رهيا ته  هتان جون به بلوچستان جهڙيون ٿي سگهن ٿيون.  جنهن لاءِ حڪمرانن کي گهرجي ته سنڌ جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻن ته جئين انهن مٿان ختم ٿي ويل اعتماد ٻيهر بحال ٿي سگهي.  هڪ طرف سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ بک ۽ بدحالي تي آهي ته ٻي طرف وري  سنڌ جي ماڻهن کان  روزگار به کسڻ جون ڪوشش جاري آهن، پرڏيهه به سنڌ جا ماڻهو  سنڌي جوجوانن جي گم ٿيڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن،  ماضي ۾ گڏيل قومن جي اداري جي نمائندن ملڪ مان گم ٿي ويل ماڻهن بابت  آواز اٿاريو هو پر اهو به هن وقت تائين دٻيل رهيو آهي، جيتوڻيڪ  سنڌ سميت دنيا جي ٻين شهرن ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاج ٿي رهيا آهن پر سنڌ سرڪار ۾ ويٺل ڪامورا پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه ڏئي خاموش ٿي ويا آهن، جنهن مان لڳي پيو ته مستقبل ۾ به اهي حڪمران سنڌي نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪو به قدم نه کڻندا.  
وفاقي حڪومت به گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي، جنهن 2014 ع ۾ پنهنجي جاري ڪئي هئي. ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته  اسلام آباد، لاهور ۽ڪراچي ۾ ٻڌڻي ڪندي ڪميشن 135 کان وڌيڪ ماڻهن کي بازياب ڪرايو. جيتوڻيڪ پهرين جنوري 2011ع تي ڪميشن وٽ 138 ڪيس هئا جنهن بعد ڪميشن کي سيپٽمبر 2014ع تائين ٻيا به نوان ڪيس مليا، جن سان اهو انگ وڌي 2232 ٿي ويو هو، جن مان اڪثر ڪيس اڪلايا ويا هئا، هاڻ به سنڌ ۾ اڪثر شهرن مان ماڻهو گم ٿي رهيا آهن، جن بابت به هن وقت تائين ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو. سپريم ڪورٽ به جبري گمشدگين بابت گهڻو ڪجهه واضع ڪري چڪي آهي پر ڪنهن به اداري جي عملدار جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري. هن وقت به ڪيترائي گم ٿي ويلن ماڻهن جا ڪيس التوا ۾ پيل آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به ڪجهه گم ٿي ويلن جا ڪيس هلي رهيا آهن، ان باوجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن کي بازياب  ڪرائڻ لاءِ ڪو به قدم ناهن کڻي رهيا. هن وقت به سنڌ مان گم ٿي ويل نوجوانن جا وارث انساني حقن جي تنظيمن  ڏانهن وانجهائي رهيا آهن ته شايد اهي ڪو نوٽيس وٺندا پر اهي به خاموشي اختيار ڪري ويٺا آهن.
جيتوڻيڪ سنڌ ۾ گم ٿي ويلن سنڌي نوجوانن لاءِ  احتجاج ٿي رهيا آهن پر اهي سنڌ سرڪار  جي ڪامورن تي ڪو به دٻاءُ وجهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي رهيا آهن، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته  قومپرست ڌرين ۾ اتحاد قائم نه آهي، جنهن سبب هر قومپرست جماعت جا ڪارڪن گم ٿي رهيا آهن، سندن جا ڌار ڌار احتجاج حڪومت تي ڪو به اثر نه وجهي رهيا آهن، جنهن سبب ڪامورا پنهنجي من ماني ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن.  نه ئي ڪو اهڙو ڪو قومپرست اڳواڻ موجود آهي جيڪو سنڌي نوجوانن جي گمشدگين خلاف سمورن قومپرست ڌڙن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڀرپور نموني آواز اٿاري. صوبي اندر ڪيتريون ئي اهڙيون اين جي اوز آهن جيڪي پاڻ کي انسانيت جي ڀلائي لاءِ جاکوڙڻ جي دعويٰ  ڪري رهيون آهن پر اهي تنظيمون به سنڌي نوجوانن جي گمشدگين  بابت خاموش آهن. جيڪڏهن هن وقت به  سمورا قومپرست ڌڙا هڪ پليٽ فارم تي گڏ نه ٿيا ته پوءِ ڪنهن به ريت سنڌ مان ماڻهن جي گم ٿيڻ جو  سلسلو بند نه سگهندو.

No comments:

Post a Comment