Pages

Tuesday, 3 May 2016

پاناما معاملي تي اپوزيشن اختلافن جو شڪار

صاحب خان ڀٽي
پاناما پيپرز معاملو ڏينهون ڏينهن ملڪ اندر شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، جنهن مان لڳي رهي آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن جمهوريت لاءِ  تمام گهڻا اهم آهن. هڪ طرف مخالف پارٽيون  اجلاس ڪري رهيون آهن ته ٻي طرف وري نواز ليگ اڪيلي ٿيندي پئي وڃي،  هاڻ ته پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جنهن جي رد عمل ۾ نواز ليگ جا اڳواڻ به بيان  ڏئي رهيا آهن، جن جو به چوڻ آهي ته بلاول کي استعيفيٰ جو مطالبو نه ڪرڻ گهرجي، هنن به جيڪڏهن سندن جا پول کوليا ته  پيپلزپارٽي کي جواب ڏيڻ مشڪل ٿي ويندو. جيتوڻيڪ  9 مخالف سياسي پارٽيون  گذريل ٻن ڏينهن کان اجلاس ڪري رهيون آهن جيڪي هن وقت تائين ڪنهن به حتمي فيصلي تائين ناهن پهچي سگهيون. گذريل ڏينهن   واري اجلاس ۾  پارليامينٽ ۾ موجود مخالف ڌر جي 9 سياسي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ پاناما ليڪس جي جاچ بابت جڊيشل ڪميشن لاءِ حڪومتي ٽي آو آرز کي رد ڪيو  ويو هو. اجلاس ۾  پي ٽي آءِ ، پيپلزپارٽي ۽ اپوزيشن  ۾ شامل ٻين پارٽين  کي اعتماد ۾ وٺڻ ۾ ڪامياب نه ويون، ڪالهوڪي  اجلاس ۾ به اهڙي ڪا خاص اڳڀرائي ٿيندي ڏسڻ ۾ نه آئي آهي.  9 سياسي مخالف ڌري اجلاس ۾ اي اين پي ۽ قومي عوامي وطن پارٽي وزيراعظم کان استعيفيٰ  گهرڻ واري مطالبي جي مخالف ڪئي هئي ، جڏهن ته پيپلزپارٽي طرفان وزيراعظم کان پارليامينٽ اجلاس گهرائي اثاثا ظاهر ڪرڻ جو  مطالبو ڪيو ويو هو، ته ٻي طرف وري وفاقي وزير سعد رفيق هڪ ٽي وي چينل کي انٽريو ڏنيدي چيو هو ته مخالف  جماعتون ڪنفيوزڊ (پريشان) آهن، جيڪي هن وقت تائين  ڪو فيصلو ناهن ڪري سگهيون.
 جيتوڻيڪ سعد رفيق طرفان اپوزيشن سان ٽي  او آرز بابت ڳالهين  لاءِ حامي ڀري آهي، تنهن باوجود  اپوزيشن طرفان کيس ڪو به اشارو ناهي ڏنو ويو . نواز ليگ جي  وزيرن  طرفان اهي بيان به سامهون اچي رهيا آهن ته وزيراعظم نوازشريف سمورا اثاثا عوام آڏو پيش ڪري چڪو آهي، ان باوجود مخالف جماعتون  احتجاج ڪري رهيون آهن، جيڪو درست عمل نه آهي.  هاڻ جڏهن پيپلزپارٽي به وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو  ڪري رهي آهي تڏهن لڳي پيو ته جلد وزيراعظم نوازشريف ڪو قدم کڻي پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪوشش ضرور ڪندو.  ماضي ۾ نوازشريف ميمو گيٽ اسڪينڊل  ۽ ٻين معاملن تي پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو ايتري قدر جو نوازشريف اهو معاملو سپريم ڪورٽ به کڻي ويو هو ۽ حڪومت کي احتجاج جو دائرو وڌائڻ جي ڌمڪي به ڏني هئي. اهو ساڳيو لڪاءُ اڄ عمران خان  نوازليگ سان ڪري رهيو آهي. فرق ايترو آهي ته جڏهن نوازشريف پيپلزپارٽي جي حڪومت خلاف احتجاج ڪندو هو ته پيپلزپارٽي ڪو نه ڪو دڳ ضرور ڳولي وٺندي هئي پر هاڻ جڏهن کان نواز ليگ پاڻ پاناما جي ڄار ۾ ڦاسجي پئي آهي ته کيس ڪو به  دڳ نه ملي رهيو آهي، جنهن جي ڪري وزيراعظم شريف به پريشاني جي ور چڙهيل نظر اچي رهيو آهي. ان باوجود مخالف ڌر جماعتون  اهو مطالبو ڪري رهيون آهن ته احتساب جي شروعات وزيراعظم جي اولاد کان شروع ڪئي وڃي. جيتوڻيڪ نوازليگ جا اڳواڻ وزيراعظم جي اولاد جي آف شور ڪمپنين بابت وضاحتون پيش ڪري رهيا آهن پر ان کي تسليم نه پيو ڪيو وڃي. نوازليگ به ٽي او آرز بابت ڳالهائڻ لاءِ راضي نظر اچي رهي آهي.  پر مخالف جماعتن طرفان هن وقت تائين کين ڪا به موٽ نه ڏني آهي. جيتوڻيڪ وزيراعظم نوازشريف پاناما معاملي  جي جاچ  جو اعلان ڪيو آهي پر مخالف ڌر  جون جماعتون هڪ ئي فيصلي تي اٽل  نظر اچي رهيون آهن ، جن جو موقف آهي ته  وزيراعظم نوازشريف جي موجودگي ۾ پاناما  معاملي جي جاچ صاف شفاف نموني نه ٿي سگهندي، جنهن سبب وزيراعظم نوازشريف کي  استيعفيٰ ڏيڻي پوندي. اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مخالف ڌر جون جماعتون وزيراعظم نوازشريف کي جمهوريت لاءِ خطرو قرار ڏئي رهيون  آهن، انهن جو  چوڻ آهي ته  احتساب نه ٿيڻ  جي صورت ۾ جمهوريت کي ننڍڙي ڳالهه سان به خطرو هوندو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاناما پيپرز  کانپوءِ جيڪي به صورتحال پيدا ٿي آهي  تنهن سان سڀ کان وڌيڪ پريشان وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس پارٽي ٿي آهي. پاناما پيپرز کان اڳ جنهن ريت پيپلزپارٽي جي اڳواڻن خلاف ڪرپشن جون ڪارروايون ٿي رهيون آهن اهي شايد پاناما کان پوءِ ناهن ٿي سگهيون.
جڏهن سنڌ اندر نيب ۽ ايف آءِ اي رينجرز کان مدد وٺندي ڪارروايون ڪري رهيون هيون، تنهن وقت نواز ليگ طرفان اهي بيان ايندا هئا ته اهي ڪارروايون درست ٿي رهيون آهن،  ايتري قدر نوازشريف طرفان اهي بيان به آيا هئا  ته نيب ۽  ايف پنهنجو ڪم ٺيڪ نموني ڪري رهي آهي. جڏهن انهي نيب ۽ ايف آءِ پنجاب ۾ ڪارروائي جو فيصلو ڪيو هو ته نوازشريف پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته   نيب آفيسر اختيارن جا ناجائز استعمال ڪري رهي آهي، سرڪاري آفيسرن کي ڌمڪايو پيو وڃي، جنهن بعد  احتساب واري اداري مٿان مانيٽرنگ لاءِ هڪ ٻيو ادارو قائم ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو  ويو هو، جنهن کي  مخالف  پارٽين طرفان به رد ڪيو ويو هو.اهو معاملو اڃا پنهنجي اختتام تي پهتو ئي نه هو ته مٿان وري پاناما ليڪس پيپرز به ڪنهن طوفان جيان اچي  پهتو جنهن جي خوف سان هن وقت به حڪمران ڏڪي رهيا آهن.  پاناما پيپرز  واري معاملي تي جهڙي ريت مخالف ڌريون گڏ ٿيون آهن، شايد ئي ماضي ۾ ائين گڏ ٿيون هجن.  جيتوڻيڪ وزيراعظم نوازشريف اهو  واضع ڪري چڪو آهي ته 2018 ع تائين ڪي به چونڊون نه ٿينديون، ان باوجود عمران خان  جا اهي ئي بيان آهن ته جلد کان جلد چونڊون ڪرايون وڃن،  پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان هر وقت اهو باور ڪرائي  جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو وزيراعظم ٿيڻ جي اهل ٿي ويو آهي، کيس موقعو ڏنو وڃي. جنهن ريت عمران خان جي عمر وڌي رهي آهي ان مان ظاهر آهي ته کيس واقعي هڪ ڀيرو موقعو ڏنو وڃي پر  ان سان گڏ سندس ٻيو مطالبو آهي ته کيس نئون پاڪستان ڏنو وڃي. ماضي ۾ به جن ماڻهن پاڪستان کي ٺاهڻ لاءِ قربانيون ڏنيون انهن جو تاريخ  ۾ نالو ئي ناهي ۽ ڪتابن ۾ انهن جا نالا ڏنا ويا، جن جو ملڪ جي قيام  ۾ ڪو به  ڪردار نه هو. هاڻ جڏهن  عمران خان نئين پاڪستان جو مطالبو ڪري رهيو آهي ۽ سندس پارٽي جو نعرو به اهو ئي آهي، وزيراعظم نوزشريف به  ڪجهه ڏينهن ٿيل پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته عمران خان پنهنجي صوبي اندر ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ڪرائي سگهيو پر نواز ليگ اتي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي. وزيراعظم جي اهڙي بيان باوجود عمران خان پنهنجي جلسن ۾ اهو ئي چئي رهيو آهي ته نوازشريف  استعيفيٰ ڏئي.  جيتوڻيڪ وزيراعظم نوازشريف طرفان پاناما معاملي جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وئي هئي آهي پر ان باوجود مخالف ڌر جماعتون وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيون  آهن، جڏهن ته وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته هو ڪنهن جي به زبان بند نٿا ڪري سگهن ۽ هنن پاناما معاملي جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي آهي، جنهن  تي ڪنهن کي به اعتراض نه هئڻ گهرجي.
جئين جئين پاناما پيپرز معاملي جي جاچ لاءِ احتجاج وڌي رهيو آهي تئين تئين ملڪ جي  سياسي صورتحال  به تبديل ٿي رهي آهي، جيتوڻيڪ ملڪ اندر برساتن پوڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ گرمي ۾ گهٽتائي  اچي رهي آهي تنهن باوجود مخالف ڌر جي جماعتن  جي گرمي گهٽجندي نظر نه اچي رهي آهي، ايم ڪيو ايم جو ڪراچي ۾ گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم نوازشريف کان استيعفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته هو پاناما پيپرز معاملي تي  ٻين پارٽين سان گڏ هوندا.  هاڻ جڏهن سموريون جماعتون هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويون آهن تنهن مان صاف ظاهر آهي ته وزيراعظم نوازشريف جلد ڪو  نه ڪو فيصلو ڪري قوم کي اعتماد ۾ وٺي ته جئين پاناما پيپرز جي ٻئي ڌماڪي کان اڳ  پراڻي صورتحال تي ضابطو اچي سگهي. ڇو ته  جنهن ڏينهن کان  پاناما جو ٿرٿلو  شروع ٿيو آهي تنهن ڏينهن  کان ملڪ اندر   ڪا به ترقي نه ٿي سگهي آهي.


No comments:

Post a Comment