Pages

Sunday, 11 December 2016

پاناما معاملي تي ٻيهر روڊن تي اچڻ جي ڌمڪي

صاحب خان ڀٽي
جيتوڻيڪ عمران خان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ وڏي جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ کيس يوٽرن وٺڻ جو پڻ لقب به ملي چڪو آهي پر ان باوجود هو پاناما معاملي جا شفاف جاچ تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪندو رهيو آهي، جڏهن عمران خان اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو هو ته لڳي رهيو هو ته هن ڀيري جهڙي ريت هو اسلام آباد کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيوآهي تئين نواز ليگ جي حڪومت کي به وڏو لوڏو اچي ويندو پر سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيو ۽ عمران خان جو اعلان صرف خطاب تائين محدود ٿي ويو هو ۽ پاناما معاملو سپريم ڪورٽ هليو ويو هو ۽ هاڻ پاناما معاملو هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ ئي آهي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان  چيو آهي ته هو عدالتن جو احترام ڪري ٿو ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن به اهو واضع ڪري چڪو آهي ته هو عدالت جي فيصلي کي قبول ڪندا، عوامي ليگ جي سربراهه شيخ رشيد به پاناما معاملي جي فيصلي جي جلد اچڻ جي خواهش ظاهر  ڪئي آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي اڳواڻ اهو ئي چاهين پيا ته جلد کان جلد پاناما معاملي جو فيصلو اچي وڃي ته جئين هن ملڪ مان ڪرپشن جي پاڙ پٽجي وڃي،
عمران خان ته اڄ ڪلهه ڪي به ڌرڻا نه هڻي رهيو آهي ۽ نه ئي ڪي ريليون ڪڍي رهيو آهي پر هن وقت به پي ٽي آءِ سربراهه پاناما معاملي تي گرما گرم بيان ڏيندي نظر اچي رهيو آهي، جنهن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته هن وقت به عمران خان وزيراعظم جي احتساب لاءِ  پر عزم نظر اچي رهيو آهي، بهرحال هن وقت پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پاناما معاملي جي تهه تائين پهچڻ لاءِ خواهش ظاهر ڪئي آهي ۽ نواز ليگ حڪومت کي 27 ڊسمبر تائين 4 مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ احتجاج شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن بابت ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڳالهين لاءِ ٽيم به جوڙي پئي وڃي، جيڪا 27 ڊسمبر کان اڳ نواز ليگ جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪندي. بهرحال بلاول ڀٽي زرداري جا 4 مطالبا پنهنجي جاءِ تي پر عمران خان جهڙي ريت نواز سرڪار کي مٿي ۾ سور وڌو شايد ئي پيپلزپارٽي نواز ليگ تي اهڙو دٻاءُ وجهي سگهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن کان پاناما معاملو اٿيو ته ان وقت کان واحد پارٽي پي ٽي آءِ هئي جنهن نواز سرڪار خلاف آواز بلند ڪيو هو ۽ ڪرپشن جي خاتمو جو نعرو لڳايو هو جنهن تي سڄي ملڪ جي عوام اعتماد ظاهر ڪيو هو ۽ سندس هڪ آواز تي روڊن تي نڪري آيو هو،
عورتون هجن يا پيرسن يا وري ٻارڙا، سڀ هٿن ۾ ڪرپشن جي خاتمي جا بينر کڻي پاناما جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪري رهيا هئا، ڪجهه ماڻهو ته عورتن سميت روڊن تي نواز سرڪار خلاف احتجاج به ڪري رهيا هئا اهو سڀ ان ڪري ٿي رهيو هو ته هن ملڪ  جي سمورن ادارن ۾ ڪرپشن سرعام ٿي رهي آهي، ڪو به ڪم بنا پئسي نه پيو ٿئي، جنهن سبب عوام پريشان حال بڻجي وئي آهي، اهو ئي سبب هو جو عوام پي ٽي آءِ جي ڪرپشن خاتمي واري اعلان  کي لبيڪ ڪيو هو ۽ اڄ به عمران خان جڏهن به احتجاج جو سڏ ڏيندو آهي ته عوام روڊن تي نڪري ايندو آهي، ڀلي کڻي عمران خان جو ڪرپشن ختم ڪرڻ وارو احتجاج جو طريقو غلط هجي پر سندس هڪ سڏ تي عوام روڊن تي نظر ايندي آهي، هن ڀيري جڏهن عمران خان اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو سڏ ڏنو هو ته ان وقت پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري سندس ساٿ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، جتيوڻيڪ پي ٽي آءِ طرفان طاهر القادري کي پرچائڻ جي ڀرپور  ڪوشش به ڪئي وئي هئي پر ان باوجود هن اسلام آباد بند ڪرڻ واري سڏ جي حمايت نه ڪئي  هئي پر ان باوجود عمران خان احتجاج ڪرڻ جي اعلان تي ثابت قدم رهيو هو بعد ۾ کڻي عمران خان اسلام آباد کي بند کڻي نه ڪري سگهيو پر هن اسلام آباد گڏ ٿيل ماڻهن کي خطاب ضرور ڪيو هو، اڄڪلهه عمران خان اهو ئي چئي رهيو آهي ته هنن قومي مفادن خاطر پنهنجو اسلام آباد وارو احتجاج جو سڏ واپس ورتو هو پر ان باوجود کين تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. عمران خان ته اهو به چيو هو ته هاڻ ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ آهي ۽ هو سپريم ڪورٽ جو احترام به ڪري ٿو. عمران خان طرفان ڪيس جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي نه ٿيڻ مايوس جو اظهار به ڪيو ويو، 
پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ته اهو به چيو هو ته هو عدالتي فيصلن جو احترام ڪن ٿا ۽ قوم سان واعدو به ڪيو ته هو ڪيس کي انجام تائين ضرور پهچائيندا. عمران خان ته اهو به چيو آهي ته پاناماڪيس ۾ ڪميشن ٺاهڻ کي به ضروري نه آهي ڇاڪاڻ ته هو سمجهي ٿو ته هاڻ ڪميشن ٺاهڻ جي ضرورت ناهي ۽ وقت به گذري ويو آهي. عمران خان اهو به چيو هو ته هاڻ معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي ۽ کيس اميد آهي ته جنوري جي پهرين هفتي ۾ ساڳي بئنچ ڪيس کي ٻڌندي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي نيئن چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٿيندي. هن اهو به چيو هو ته نئين چيف جسٽس ذميواري لڳو ٿئي ٿي ته هو ڪيس جو جلد کان جلد فيصلو ڪري ڇاڪاڻ ته قوم ڪنهن به قسم ۾ ايتري دلچسپي نه ورتي  آهي جيتري پاناما ليڪس ڪيس ۾ وٺي رهي آهي. عمران خان ته اهو به چيو هو ته سندن ڪوشش آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو جيتري جلدي ممڪن ٿي سگهي اچي وڃي ڇو ته ڪيس جي فيصلي مان خبر پوندي ته ملڪ ۾ طاقتورن لاءِ به قانون موجود آهي. عمران خان صدر ممون حسين جي ڪرپشن بابت بيان کي به وزيراعظم نوازشريف ڏانهن اشارو قرار ڏنو  هو، بهرحال هن وقت ته پي ٽي آءِ سان گڏ بلاول ڀٽو زرداري به نواز سرڪار  خلاف ميدان ۾ لٿل نظر اچي رهيو آهي پر ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن بلاول ڀٽو زرداري نوازشريف خلاف هڪ بيان ڏنو هو جنهن تي به هو قائم نه رهي سگهيو هو ۽ هن چيو هو ته هن ڪڏهن به نوازشريف خلاف بيان نه ڏنو آهي، اهڙي ريت لنڊن ۾ ويٺل هڪ سياسي جماعت جي سربراهه خلاف به بلاول ڀٽو زرداري بيان ڏنو هو ۽ بعد ان تان به ڦري ويو هو ۽ هن چيو هو ته هن ڏهن به اهڙا لفظ نه ڳالهايا آهن،
هونءَ ته ملڪ ۾ ڪرپشن جو عالمي ڏينهن پرجوش نموني ملهايو ويو آهي پر افسوس جو ڪرپشن ڪندڙن  خلاف هن وقت تائين ڪا خاص ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي ۽ جنهن سبب اڄ به ملڪ ۾ ڪرپشن عروج تي پهتل آهي ۽ هر هڪ ڪم بنا رشوت جي نه ٿي رهيو آهي، جيتوڻيڪ سمورا سياسي اڳواڻ اهو راڳ ڳائيندا رهندا آهن ته ملڪ ۾ ڪرپشن ادارن کي اڏوهي جيان کائي رهي آهي پر ان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عملي قدم نه کنيا ويا آهن، ڪجهه ادارن تي آساني سان آڱريون کنيون به وينديون آهن ته هنن ادارن ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي پر ڪجهه اهڙا ادارا به هن ملڪ ۾ موجود آهن جن خلاف آواز اٿارڻ شايد ڪڏهن به ممڪن نه ٿي سگهي، بهرحال هن وقت ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو پاناما ئي آهي، هڪ طرف ڀارتي جارحيت ته ٻي طرف وري پاناما معاملو آهي ۽ انهن ٻنهي معاملن تي قوم جو سڄو ڌيان آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جيڪڏهن عدالت پاناما معاملي تي فيصلو ڏنو ۽ اهو عمران خان کي پسند نه آيو ته ڇا عمران خان روڊ تي نظر ايندو  يا وري عدالتي فيصلي کي مڃيندو؟ هاڻ اهو ته فيصلي اچڻ کان پوءِ معلوم ٿي سگهندو پر هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان روڊن تي ٻيهر اچڻ جي ڌمڪي ته نواز سرڪار کي ڏئي چڪو آهي پر ان سان گڏ بلاول ڀٽي زرداري جا 4 مطالبا به حڪومت لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻيل آهن جن بابت به ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

No comments:

Post a Comment