صاحب خان
ڀٽي
صوفين جي
سرزمين تي هڪ دهشتگردن رڻ ٻاري ڏنو آهي ته ٻي طرف وري انتهاپسند ايترا ته مضبوط ٿي
ويا آهن جو هو پنهنجا من پسند فيصلا ڪرائڻ تي مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن پر
ان باوجود سنڌ سرڪار پنهنجي اختيارين ۾ مدهوش نظر اچي رهي آهي، نه ته ڪو حڪومت
طرفان ڪيل فيصلن خلاف نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو
آهي ۽ نه ئي وري ڪا خاص مضبوط مخالف پارٽي سنڌ ۾ بچي آهي، ان جو سڀ کان وڏو
سبب اهو ئي آهي جو سنڌ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ صرف پيپلزپارٽي جي ئي
حڪومت رهي آهي، جنهن سبب هن وقت تائين ڪنهن ٻئي پارٽي کي موقعو نه ملي سگهيو آهي، پيپلزپارٽي
هميشه اٽو، لٽو ۽ اجهي جو نعرو لڳائيندي رهي آهي پر افسوس جو هاڻ ان نعري تي ڪو
خاص عملي قدم نه پيو کنيو وڃي، جنهن سبب سنڌ ۾ بيروزگاري سبب ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي
مجبور آهن ۽ هر طرف بيروزگار نواجوان اهي ئي دانهون ڪري رهيا آهن ڪامورا سرڪاري
نوڪريون کپائي رهيا آهن ۽ رشوت بنا انهن کي پٽيوالي جي به نوڪري نه پئي ڏني،
اهڙيون دانهون صرف ٻين پارٽين سان تعلق ماڻهن ناهن ڪيون پر جيالن به مختلف وقتن تي
پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي اهو بانور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر حڪومت انهن جي
احتجاج تي ڪو خاص ڌيان نه ڏئي سگهي آهي.
جيتوڻيڪ هن
وقت سنڌ سرڪار جي ڪامورن تي نوڪريون وڪرو ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو پر ان باوجود
پيپلزپارٽي انهن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي. جيتوڻيڪ شهيد بينظير
ڀٽو جي شهادت کي ڪيترو ئي عرصو گذري چڪو آهي پر ان باوجود نه ته شهيد محترمه جا
قاتل گرفتار ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي وري آصف علي زرداري قاتلن کي وائکو ڪيو آهي،
جنهن بابت هو مختلف وقتن تي اهو چوندو به رهيو
آهي ته کيس خبر آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جو قاتل ڪير آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته
هن وقت پيپلزپارٽي سنڌ ۾ اڪثريت ۾ آهي ۽ ڪافي سارو ووٽ بئنڪ به اٿس پر ان باوجود بيروزگاري،
دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ڪي جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن، هڪ طرف سنڌ ۾
دهشتگردي ۽ انتهاپسندي وڌندي پئي وڃي، تئين تئين عوام پريشانين جي وڙ چڙهندو پيو
وڃي. هاڻ جڏهن چونڊون ويجهو اچڻ واريون آهن ته ٻيهر ماڻهو پارٽيون ڇڏي پيپلزپارٽي
۾ شموليت اختيار ڪري رهيا آهن. ننڍين ننڍين پارٽين جي ڪارڪنن ته پ پ ۾شموليت ڪري
ورتي آهي ۽ ڪجهه اهڙا به ماڻهو شامل آهن جيڪي ماضي ۾ پيپلزپارٽي کي ڇڏي ويا آهن ۽
هاڻ پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪري رهيا آهن.
ملير جي اهم شخصيت حڪيم بلوچ به پيلزپارٽي
۾ شامل ٿي ويو آهي، حڪيم بلوچ نواز ليگ
ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪئي آهي، جڏهن حڪيم بلوچ جو پٽ ساٿين سميت پيپلزپارٽي ۾
شموليت جو اعلان ڪيو هو ته ان وقت پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو هو
ته پارٽي کي ڇڏي ويل ڪارڪن ٻيهر پنهجي
پارٽي ڏي واپس اچن، اهڙي ريت مٽياري جي به اهم شخصيت پيپلزپارٽي شموليت ڪري ورتي آهي، جيڪڏن ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي ۾ اهي
ماڻهو شموليت اختيار ڪري رهيا آهن جيڪي جيڪڏهن ڪنهن به پارٽي ۾ شموليت نه ڪن ۽
آزاد اميدوار طور چونڊن ۾ حصو وٺن ته اهي به آساني سان چونڊن ۾ کٽي ويندا پر ان
باوجود انهن سمورن اڳواڻن پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ پسند ڪيو آهي.
افسوس ان
ڳالهه جو نه آهي ته اهم اڳواڻ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن ۽ نه ئي افسوس ان
ڳالهه جو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ مضبوط ٿي رهي آهي ۽ پنجاب ۾ ڪمزور ٿي رهي آهي، پر
افسوس ان ڳالهه جو ٿي رهيو آهي ته اڄ سنڌ ۾ ڪا مخالف پارٽي نه بچي آهي جيڪا ڪامورن
جي مرضي جي ڪيل فيصلن آڏو ديوار بڻجي سگهجي ۽ انهن کي عوامي خدمتن جو جذبو پيدا
ڪرائي سگهي. ڀلي کڻي بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ کڻي وڏا اعلان ڪري پر هاڻ نه ٿو لڳي
ته پيپلزپارٽي پنجاب ۾ ڪا خاص ڪاميابي حاصل ڪري سگهندي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو
ئي آهي ته پنجاب جون اهم شخصيتون پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويون آهن ۽ ڪجهه نواز سرڪار
۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي، هاڻ اسان وٽ وڏو الميو اهو آهي جو هن وقت سنڌ ۾
مخالف ڌر جو ڪو به تصور نه رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هن وقت پيپلزپارٽي کي ڪنهن به مخالف
ڌر جو ڪو به خوف نه رهيو آهي ۽ نه ئي وري ايندڙ وقت ڪا اهڙي مخالف پارٽي نظر اچي
رهي آهي، جيڪا ايندڙ چونڊن ۾ نوازشريف سميت ٻين پارٽين جو مقابلو ڪري سگهي. جنهن
سبب پيپلزپارٽي پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪندي رهندي آهي، اڳ ۾ ته ڪامورن لاءِ قومپرست
ديوار بڻيل رهندا آهن جيڪي حڪومت جي هر غلط فيصلي خلاف روڊن تي نڪري ايندا آهن
جيڪي اڄڪلهه نه پيا نڪري سگهن، جن کي ايترو ته مجبور ڪيو ويو آهي جيڪي احتجاج ڪرڻ
کان به لنوائي رهيا آهن، ڀلي کڻي به ڪهڙي قومپرست تنظيم هجي ان تي پوليس طرفان ايترو
ته دٻاءُ وڌو ويو آهي جو اهي نه ته احتجاج ڪري سگهن پيا ۽ نه ئي وري حڪومت جي ڪنهن
به غلط ڪم کي روڪرائي سگهن ٿا. ڪجهه قومپرست ڪارڪنن کي ٿر ڏانهن وڃڻ جي اجازت ئي
نه پئي ڏني ۽ اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو متان قومپرست ڪارڪنن هڪ ڀيرو
ٻيهر سنڌ ۾ مضبوط ٿي وڃن ۽ ڪامورن جي
پريشانين جو سبب بڻجن، جئين عمران خان نواز سرڪار جي لاءِ بڻجي چڪو آهي.
جيتوڻيڪ
ڪجهه عرصي کان ٿر جا ماروئڙا ڪراچي، عمرڪوٽ، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪري
رهيا آهن ۽ مطالبو ڪري رهيا آهن ته ٿر ۾ جيڪو ڪوئلو جو زهريلو پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ
ڊيم ٺاهيو پيو وڃي ان تي فوري طور عمل روڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن سان سندن جي ڳوٺ
تي وڏا اثر پئجي رهيا آهن، جنهن سبب ان ڊيم جي اڏاوت کي فوري طور روڪيو وڃي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها ئي سنڌ سرڪار آهي جنهن وٽ ٿر واسين لاءِ مٺي پاڻي کي گڏ ڪرڻ
لاءِ ڊيم ٺاهڻ لاءِ به ٽڪو نه آهي پر ذهريلي پاڻ يکي گڏ ڪرڻ لاءِ حڪومت هيلا هلائي
رهي آهي. هڪ طرف ٿر جا ماروئڙا احتجاج ڪري رهيا
آهن ته ٻي طرف ڪو به مخالف پارٽي انهن وٽ نه لڙي وئي آهي، ان جو سڀ کان وڏو
سبب آهي جو حڪومت مخالف ڪو به اڳواڻ سنڌ ۾ موجود نه آهي، ماضي ۾ حڪومت ۾ ويٺل
ڪامورن لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ قومپرست ڌريون
ديوار بڻيل هوندوين هيون پر اڄڪلهه ايم ڪيو ايم پاڻ ئي ڌڙا بندي جو شڪار آهي، جنهن
مان اها اميد به نه ٿي ڪري سگهجي ته اها حڪومت جي کنيل قدمن خلاف روڊڻ تي اچي سگهي
رهي ڳالهه قومپرست ڌرين جي ته انهن خلاف ٻاريل باهه جو به هر هڪ کي پتو آهي، سنڌ ۾
بجلي بند رکڻ وارو سلسلو جاري آهي ته ٻي طرف وري قومپرست ڪارنن کي به کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، سنڌ
يونيورسٽي ۾ شاگردن کي حراسان ڪيو پيو وڃي، ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت ۾ ويٺل بااثر شخص
جي آشير وارد سان سنڌ يونيورسٽي ۾ مقرر ٿيل هڪ استاد نياڻين سان غلط ورتاءُ ڪيو ۽
هڪ ڇوڪري غلط سلوڪ به ڪيو، جنهن تي کيس رينجرز به گرفتار ڪري وئي آهي، جنهن بابت
سمورين اخبارين ۾ خبرون به شايع ٿيل آهن پر ان کي به نوڪري مان برطرف نه ڪيو ويو،
جنهن تان شاگرد سراپا احتجاج بڻيل رهيا، ان کان اڳ به سنڌ يونيورسٽي جي بس ڊرائيور
هڪ شاگردياڻي سان لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي پر ان کي نوڪري تان برطرف نه ڪيو هو.
بهرحال جيڪڏهن سنڌ ۾ مخالف ڌر هجي ها ته اڄ انهن
سمورن معاملن خلاف آواز ضرور اٿاري ها ۽ جيڪي سنڌ دشمن منصوبن تي ڪامورن جي
پٺڀرائي تي ڪم هلي پيو ان خلاف به احتجاج ٿئي ها پر هاڻ شايد اهو ان وقت ئي ممڪن ٿيندو جڏهن ڪامورن جي ڪرپشن
خلاف آواز اٿارڻ لاءِ ڪو قدم اڳتي وڌائندا نه ته قومي ڪارڪنن کي حراسان ڪري سنڌ جي
حقن تي ڌاڙو هڻڻ جو سلسلو هلندو رهندو ۽ سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪامورا نوڪريون وڪرو
ڪندا رهندا جهڙي ريت پير مظهر الحق جي دور ۾ انڪشاف ٿيو هو ۽ اهڙي ريت هاڻ به اهي
دانهون هر طرف کان ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن. هڪ ٻه ڏينهن اڳ وڏي وزير سيد مراد علي
شاهه کي دانهن ڏئي رهيو هو ته جيالن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي ۽ ڪامورا نوڪريون
کپائي رهيا آهن، جنهن تي وڏي وزير کيس جهلي چيو هو ته آهستي ڳالها ۽ اها تصوير
سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو ڦهلجي وئي هئي، هاڻ ته صرف سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني کان
ڇوٽڪارو حاصل ڪرائڻ اسان کي مضبوط مخالف ڌر جو انتظار ڪرڻو پوندو، جيڏهن سنڌ ۾ هن
وقت به مضبوط مخالف ڌر نه آئي ته سنڌ ۾ ڪرپشن عروج تي پهچي ويندي ۽ سنڌ دشمن
منصوبن تي ڪم تيزي سان وڌايو ويندو ۽ قومپرست تنظيمن کي اڃا ايترو ته سوڙهو ڪيو
ويندو جو اهي سنڌ جي ڪامورن خلاف ڪڏهن به احتجاج نه ڪري سگهندا جئين اڄڪلهه ڪامورن جي اشارن تي قومپرست ۽
مخالف جماعت تي ڪيس داخل ڪري انهن کي حراسان ڪيو پيو وڃي.
No comments:
Post a Comment