صاحب
خان ڀٽي
امن
۽ محبت جو پيغام ڏيندڙ ڌرتي اڄ ڪيترن ئي چيئنلجز کي منهن ڏئي رهي آهي، هڪ
طرف ڌارين جي لوڌ آهي ته ٻي طرف وري پکڙجندڙ انتهاپسندي آهي جنهن سبب بدامني، بي
روزگاري، مهانگائي ايترو ته وڌي وئي آهي جو ماڻهو آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن
پر حڪومت مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي، بدامني سبب ڪيترائي گهر
برباد ٿي چڪا آهي، هزارين معصوم ٻارڙا يتيم ٿي چڪا آهي، مهانگائي سبب غريب ماڻهن
جي چيلهه چٻي ٿي چڪي آهي، بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ به ماڻهن کي ذهني مريض بڻائي
ڇڏيو آهي، وفاقي سرڪار طرفان صرف اعلان ڪيا پيا وڃن پر عملي قدم نه ته صوبائي
حڪومت کڻي رهي آهي ۽ نه ئي وري وفاقي سرڪار کڻڻ جي زحمت ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڏٺو
وڃي ته جيڪي به حڪومتون آيون آهن، انهن طرفان صرف لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي تاريخ ڏني
ويندي آهي، پيپلزپارٽي هجي يا وري نواز ليگ، اهي ٻئي پارٽيون صرف مسئلا حل ڪرڻ جي
خاطري ڪرائينديون آهن، جڏهن پيپلزپارٽي وفاق ۾ هئي ته ان وقت به صرف لوڊشيڊنگ ختم
جي تاريخ مٿان تاريخ ڏني ويندي هئي ۽ هاڻ به نواز ليگ سرڪار اهو ئي عمل ورجائيندي
پئي اچي، نواز ليگ جڏهن ملڪ جون واڳيون سنڀاليون هيون ته ان به ان وقت بجلي جو
بحران جلد ختم ڪرڻ وارا بيان ڏنا هئا، جيڪي اڄ به جاري آهي پر لوڊشيڊنگ ختم ٿيڻ
بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي جنهن سبب سڄي سنڌ ۾ احتجاج به ٿي رهيا آهن.
جئين
جئين ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آبادي وڌي رهي آهي تئين
تئين مسئلا به وڌي رهيا آهن پر انهن آبادي جي ڳڻپ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان نه ٿي
سگهي آهي، سنڌ جا ساڃاهه وند به سراپا احتجاج آهن ته جلد کان جلد صاف شفاف
آدمشماري ڪرائي وڃي ته جئين سنڌ جا مسئلا حل ٿي سگهن، ڪجهه عرصو جڏهن ملڪ ۾ آدمشماري
ڪرائڻ بابت ڳالهيون هليون ته وفاقي سرڪار طرفان چيو ويو هو ته فوج دهشتگردي خلاف
جنگ ۾ مصروف آهي جنهن سبب هو آدمشماري نه ٿا ڪرائي سگهن، جنهن تي عدالت طرفان به
چيو ويوهو ته جيڪڏهن هرڪم فوج کي ڪرڻا آهن ته پوءِ ٻيا ادارا ڇا پيا ڪن، بهرحال
هاڻ ته آدمشماري جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ هن ڀيري لڳي رهيو آهي ته آدمشماري
ضرور ڪرائي ويندي، جنهن جي هن وقت انتهائي ضرورت آهي پر ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾
آدمشماري وارو مرحلو انتهائي ڏکيو نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن عالمي يتيم خاني
۾ ايتري ته ڌارين جي لوڌ آباد ٿي چڪي آهي جنهن کي ڳڻڻ سان حڪومت جي پت وائکي ٿي
ويندي، جيڪو عمل شايد شفاف نموني نه ٿي سگهي، هڪ طرفان وفاقي سرڪار ۾ ويٺل ڪجهه
ڪامورا ننڍن صوبن جو راڳ به ڳائي رهيا آهن ۽ دشمن ملڪ ڀارت جو مثال به ڏئي
رهيا آهن ته اتي تمام گهڻا صوبا آهن.
اهي
عنصر مطالبو به ڪري رهيا آهن ته ننڍا ننڍا صوبا هن ملڪ ۾ ٺاهيا وڃن، هڪ طرف
آدمشماري ڪرائڻ جي حامي ڀري وئي آهي ته ٻي طرف ننڍن صوبن جو راڳ به ڳايو پيو وڃي،
جنهن سبب سنڌ ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته سنڌ واحد
صوبو آهي جتي وڏي تعداد ۾ ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪيو ويو آهي، جنهن سبب آدمشماري
کان اڳ انهن ماڻهن جي تصديق ڪرڻ وارو عمل انتهائي ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته
نادرا کان ويندي جيڪي به ادارا آهن اهي انهن ماڻهن جي تصديق ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام
ٿي ويندا ۽ انهن وٽ به ايترا وسيلا نه آهن ۽ ڪجهه ڏينهن کان سنڌ حڪومت به کاتن ۾
تمام گهڻي تبديلي آندي آهي ۽ پوليس ۾ به وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون
آهن ۽ وفاقي گهرو وزير جي ڳجهين ملاقاتن جو ذڪر ٿي رهي آهي پر ان سڄي صورتحال ۾
ساڃاهه وندن جي خاموشي سواليا نشان بڻيل آهي، ڪجهه ساڃاهه وند ته آدمشماري
جهڙي اهم مسئلي تي سجاڳي پيدا ڪرڻ بدران انهن معاملن کي اجاڳر ڪري رهياآ هن
جن سان شايد مستقبل ۾ سنڌ کي فائدو نه ٿئي، بهرحال هن وقت سنڌ جون حالتون انتهائي
ڳنڀير آهن ۽ سنڌ جي گورنر کان ويندي آءِ جي سنڌ تائين جيڪي به تبديليون ٿي رهيون
آهن ان مان ته اهو ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو شايد سنڌ اندر آدمشماري ڪرائڻ ۾ وفاقي
حڪومت کي وڌيڪ ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئي.
سنڌ
سميت سڄي ملڪ جي عوام جي خواهش ته اها ئي ته ملڪ ۾ جلد کان جلد ماڻهن جي ڳڻپ ڪرائي
وڃي ته جئين انهن کي جائز حق ملي سگهن ۽ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته ملڪ ۾
رهندڙ ماڻهن جي سرڪاري ڳڻپ ڪرائي وڃي، ڇاڪاڻ ته هر ڏهن سالن ۾ آدمشماري ڪرائي
ويندي آهي پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ 1951ع، 1961 ۽ 1972 ۾ جيڪا آدمشماري ڪرائي
وئي هئي ان کان پوءِ آدمشماري لاءِ ڪي به خاص قدم نه کنيا ويا هئا ۽ 1981ع ۾ جيڪا
آدمشماري ٿي هئي ان تي تمام گهڻا اعتراض به اٿاريا ويا هئا ۽ ان آدمشماري جي
نتيجين کي به قبول نه ڪيو ويو هو، جنهن سبب ملڪ اندر بيچيني واري لهر پکڙجي
وئي هئي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها وفاقي حڪومت جي ئي ذميواري هوندي آهي ته صوبن جي
ضرورتن ۽ ترقياتي ڪمن تي مڪمل ڌيان ڏئي ۽ ۽ عوام جي مسئلن کي حل ڪري بي روزگار
ماڻهن کي نوڪري ڏئي پر افسوس جو هن ملڪ ۾ بي روزگاري گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي
رهي آهي ۽ سياستدان به هڪ ٻئي جا ڪرتوت عوام آڏو آڻي رهيا آهن ۽ سڀ ڪجهه
روڊن تي اچي ٻڌائي به رهيا آهن ته ڪنهن ڪيتري ڪرپشن ڪئي آهي ۽ هر هڪ سياستدان هڪ
ٻي کي پاڻ کان بهتر ۽ پاڪ صاف سمجهي رهيو آهي پر سندن الزامن مان لڳي رهيو آهي ته
شايد هن ملڪ ۾ ڪو اهڙو سياستدان بچيو هوندو جنهن ڪرپشن نه ڪئي هجي ۽ هن سسٽم کي
بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا هجن. بهرحال هن وقت ملڪ ۾ بيروزگاري سبب عوام تمام گهڻو
پريشان آهي ۽ اها پريشاني تڏهن ئي حل ٿي سگهي ٿي جڏهن صاف شفاف آدمشماري ڪرائي وڃي
پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ جي ڳڻپ درست نموني ڪئي وئي
ويندي ۽ انهن جي خريد ڪيل ملڪيت کي ضبط ڪيو ويندو.
ڇاڪاڻ
ته سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا پرڏيهي آهن جن غيرقانوني طور پاڪستان جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي
هتي گهر ۽ ڪاروبار کولي ورتو آهي، هونءَ ته گڏيل قومن جي اجلاس ۾ پرڏيهي
وزير سرتاج عزيز به چيو هو ته هنن 5 لک افغان مهاجرن کي نوڪريون ڏنيون ۽ انهن کي
ترسڻ جي اجازت به ڏني ۽ وڏي فخر سان چيو هو ته هنن افغان مهاجرن کي ڪئمپن بدران
گهرن ۾ رهڻ جي اجازت ڏني ۽ ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ وڃڻ کان نه روڪيو ويو، جيڪڏهن
اسان جا وزير ان ڳالهه کي تسليم ڪري رهيا آهن ته هنن پرڏيهين کي نوڪريون ڏنيون ته
پوءِ آخر هن ملڪ جي وارثن کي نوڪريون ڏيڻ ڪنهن جي ذميواري آهي ۽ آخر ڇو هتان جا
نوجوان بيروزگاري سبب آپگهات ڪري رهيا آهن؟ شايد انهن سوالن جو جواب وفاقي سرڪار ڪڏهن
به ڏيڻ پسند نه ڪندي. ملڪ ۾ جڏهن 1998ع ۾ آخري ڀيرو آدمشماري ڪرائي وئي هئي ته ان
وقت سنڌ جي صوبي جي آبادي تمام گهٽ ڏيکاري وئي هئي پر هاڻ ان آبادي ۾ وڏي پئماني
تي اضافو ٿي چڪو آهي. بهرحال هاڻ وڏي عرصي کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر آدمشماري جو اعلان
ڪيو ويو آهي پر موجوده حالتن ۾ نه پيو لڳي ته ڪو جلدي سان آدمشماري ٿي سگهندي، ان
جا به ڪيترائي سبب آهن ڇاڪاڻ ته حڪمران به عوام سان سچا نه آهن ۽ اهي چاهين نه ٿا
ته آدمشماري ٿئي، ڇاڪاڻ ته هن وقت وڏي تعداد ۾ افغان مهاجرن سميت ٻيا پرڏيهي ترسيل
آهن ۽ ڌارين جي يلغار به داخل ٿي رهي آهي جنهن سبب هن ملڪ جو امن تباهه ٿي رهيو
آهي،
جيڪڏهن
آدمشماري ٿي ته حڪومت جي پت وائکي ٿي ويندي ۽ نادرا جا ڪرتوت به ماضي جيان سامهون
اچي ويندا ته آخر ڪهڙي ريت افغان مهاجرن سميت ٻين پرڏيهين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ
ٺهرائي ڏنا ويا ۽ سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻايو ويو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وفاقي
سرڪار توڙي صوبائي حڪومتن طرفان آدمشماري بابت ڳڻتي جو اظهار ته ڪيو ويندو هو پر
عملي قدم ڪي به نه قدم کنيا ويندا هئا پر وفاقي سرڪار طرفان آدمشماري ڪرائڻ بابت
اعلان ڪيو ويو آهي، اهڙي فيصلي کان پوءِ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ آدمشماري جو چرچو شروع
ٿي ويو آهي، جتي آدمشماري ڪرائڻ واري فيصلي جي ساراهه ڪئي پئي وڃي اتي ڳڻتي جو
اظهار به ڪيو پيو وڃي، خاص طور تي سنڌ ۾ آدمشماري بابت ساڃاهه وندن طرفان تمام
گهڻا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن، جڏهن کان حڪومت طرفان آدمشماري جو اعلان ڪيو ويو آهي،
تنهن ڏينهن کان سياسي اٿل پٿل سبب سمورو سياسي ماحول تبديل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي
۽ هرهڪ پارٽي پنهنجي پنهنجي سياست چمڪائڻ ۾ پوري آهي پر افسوس جو آدمشماري واري
معاملي تي ڪهن به پارٽي ريلي يا ان کي شفاف بڻائڻ لاءِ قدم نه کنيا آهن.
sahibalisindhi@gmail.com
No comments:
Post a Comment