Pages

Wednesday 18 January 2017

آدمشماري ۽ ڌارين جي ڳڻپ وارو مامرو

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري عرصي کان هن ملڪ ۾ آدمشماري نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري سياسي تنظيمن هن اهم مسئلي تي متحرڪ نظر آيون آهن پر هاڻ جڏهن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تڏهن کان مختلف سياسي تنظيمون متحرڪ ٿي ويون آهن، لڳي رهيو آهي ته سموريون سياسي تنظيمون هن اهم مسئلي تي تمام گهڻو سنجيده آهن، آدمشماري ان ڪري به ضروري هوندي آهي  جو صوبن جي ضرورتن، ترقياتي ڪمن، ملازمتن ۽ روزگار جو دارومدار آدمشماري جي انگن اکرن تي ئي هوندو آهي، ڪجهه سياسي اڳواڻ چئي رهيا آهن ته آدمشماري دوران  ڌارين جي ڳڻپ نه ڪئي وڃي ته ڪجهه جماعتون مطالبو ڪري رهيون آهن ته ڌارين جي ڳڻپ لاءِ هڪ ڌار خانو ٺاهيو وڃي جنهن اندر انهن جي ڳڻپ ڪئي ته جئين اها خبر پئجي سگهجي ته هن ملڪ ۾ گهڻا پرڏيهي رهن ٿا، جيڪڏهن ان مطالبي تي غور ڪيون ته لڳندو اهو مطالبو درست آهي پر شايد اهو  هاڻ اهو ممڪن نه ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته آدمشماري ۾ ميهنو ڏيڍ اچي بچيو آهي ۽ سنڌ ۾ ته اهڙا کوڙ سارا ڳوٺ آهن جتي ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ئي ٺهيل ئي نه آهن ۽ نه ئي وري حڪومت ايترو جلدي انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏئي سگهي ٿي، ڪجهه ماڻهو اهي دانهون به ڪري رهياآهن انهن کي ڪارڊ نه پيا ٺاهي ڏنا وڃن، ڇاڪاڻ ته انهن جي والدين جا ڪارڊ ئي ناهن ٺهيل، اهي ماڻهو ته اهو به چئي رهيا  آهن ته انهن جي ابن ڏاڏن ڪارڊ نه ٺهرايا هئا ڇاڪاڻ ته اهي ڳوٺن مان نڪتا ئي نه هئا ۽ نه ئي انهن کي ڪارڊ ٺهرائڻ جي ڪڏهن ضرورت پئي هئي پر  جڏهن کان مها ٻوڏ آئي ته ڪچي  وارن علائقن مان ماڻهو نڪري شهرن ڏانهن رخ ڪيو ۽ انهن کي سڃاڻپ ڪارڊن جي ضرورت پئي پر انهن کي ڪارڊ نه پيا ٺاهي ڏنا وڃن، 
جيڪڏهن ڏٺو وڃي انهن جون دانهون به پنهنجي جاءِ تي درست آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪي سنڌ جا اصل وارث آهن، انهن جي سڃاڻپ ڪارڊن تي اعتراض ڪيا وڃن ٿا پر ڌارين جي لوڌ کي بنا ڪنهن جاچ جي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي ملي وڃن ٿا، ان جو اعتراف ته هتان جا حڪمران به ڪندا رهيا آهن ته نادرا ۾ ڪجهه اهڙا آفيسر به آهن جيڪي ڪجهه  روپين عيوض پرڏيهين کي ملڪ جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏين ٿا، بهرحال اهو ڪو پهريون ڀيرو هن ملڪ ۾ نه ٿيو آهي جو ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي مليا هجن اهو سلسلو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلندڙ آهي، نائن اليون کان پوءِ جهڙي ريت ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ ڀريو ويو شايد ئي تاريخ ۾ ڪنهن ملڪ سان ائين ٿيو هجي، هن وقت سنڌ  جو  اهو ڪو شهر بچيو نه آهي، جتي ڌارين جي لوڌ لٿل نه هجي، جيڪڏهن ڪو احتجاج به ڪري ٿو ته ان جو حڪمرانن تي ڪو به اثر نه ٿو پئي، افغانستان ۾ جڏهن  اتحادي فوج ڪارروائي شروع ڪئي هئي ته ان وقت به افغان پناهگيرن جي وڏي لوڌ سنڌ ڏانهن رخ ڪيو هو، جنهن تي سنڌ جي ڪامورن اهي بيان ڏنا هئا ته جيڪڏهن ڌارين کي اهي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته طاقتور ڌريون کين ترسائڻ جا حڪم ٿيون جاري ڪن ۽ مجبورن هو انهن کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي نه ٿا سگهن، جڏهن  ڌارين جي لوڌ سنڌ ڏانهن رخ ڪيو هو ته ان وقت نه ته سنڌ حڪومت انهن  جي رجسٽريشن ڪئي ۽ نه ئي وري وفاق طرفان ڪو اهڙو خاص بندوبست ڪيو ويو هو، جنهن سبب هاڻ نه ته وفاق کي اها خبر آهي ته هن ملڪ ۾ڌارين جو انگ ڪيترو آهي ۽ نه ئي وري سنڌ حڪومت کي خبر آهي ڪيترائي ڌاريا سنڌ ۾ داخل ٿي چڪا آهن. هن وقت نه سنڌ وٽ ايترا وسيلا آهن جو  ڌارين جي لوڌ کي ڪڍي سگهي ۽ نه ئي وري صوبائي حڪومت ڌارين جي لوڌ جي ڳڻپ ڪري سگهي، اهو سڀ ان ڪري ئي ٿي  رهيو آهي جو هڪ سازش تحت ڌارين کي سنڌ ۾ ڀريو ويو آهي ته جئين سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي، بهرحال هن وقت به سنڌ جا ساڃاهه وند ان اهم مسئلي تي تمام گهڻو سنجيده آهن ۽ مخلتف وقتن تي احتجاج به ڪندا رهيا آهن، 
آدمشماري هر ڏهن سال بعد ٿيندي آهي پر گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هن ملڪ آدمشماري نه ٿي سگهي آهي، ملڪ ٺهڻ کانپوءِ پهرين آدمشماري 1951،  ٻي 1961، ٽئين 1972ع ۽ چوٿين 1981ع ۾ ڪرائي  وئي هئي، انهي کانپوءِ 1991ع ۾ آدمشماري ڪرائي وئي هئي جنهن  کي تسليم نه ڪيو  ويو هو. 1991ع ۾ ٿيل آدمشماري تي تمام گهڻا سوال اٿاريا ويا هئا، جنهن ڪري عام ماڻهن ۾ بيچيني پيدا ٿي وئي هئي.   ملڪ جي قيام وقت سنڌ جي آبادي 70 لک کان وڌيڪ هئي، جيڪا 1981ع  جي آدمشماري موجب وڌي هڪ ڪروڙ 90 لکن تائين پهچي وئي هئي، 1998ع ۾  سنڌ صوبي جي جي آدمشماري ٽن ڪروڙن کان مٿي ٿي هئي. پر هاڻ ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان جي آبادي 20 ڪروڙ کان وڌي وئي آهي،  جيڪڏهن وقت به صوبائي حڪومت ڌارين واري معاملي تي سنجيده نظر نه آئي ته هن ڀيري به سنڌين جي ڳڻپ درست نموني نه ٿي سگهندي، هن آدمشماري کي ساڃاهه وند ته زندگيءَ ۽ موت جي برابر ڪوٺي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ڌارين جي لوڌ سبب سنڌ ۾ تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿي چڪا آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي،جيڪو اڳتي هلي اڃا وڌيڪ سنگين صورتحال اختيار ڪري سگهن ٿا، جيڪي به سنڌ ۾ قومپرست جماعتون آهن انهن به هن وقت تائين ڪو خاص اتحاد قائم نه ڪيو آهي ۽ نه ئي وري جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ  ڪا خاص مهم جو آغاز ڪيو آهي، جنهن سبب سنڌي ماڻهن جي ڳڻپ وارو انتهائي پيچده ٿيندو پيو وڃي، جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت طرفان آدمشماري ۽ امن امان جي حوالي سان  پارلياماني پارٽين جو اجلاس ٿي گذريو پر ان دوران به ڪي اهم فيصلا نه ڪيا ويا، جنهن سان سنڌي ماڻهن پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿي سگهي،
 بهرحال هن وقت جڏهن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آدمشماري ڪرائي پئي وڃي ته ان هر هڪ سنڌي کي پاڻ ڳڻائڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته هي آدمشماري سنڌين جي  زندگي ۽ موت جي برابر آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ بريفنگ دوران اهو ٻڌايو ويو ته سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائيندڙن کي ڳڻپ ۾ به شامل ڪيو ويندو. بهرحال جيڪڏهن پرڏيهين کي به سڃاڻپ ڪارڊ آهن ته انهن جي ڳڻپ ڪهڙي ريت درست ٿي سگهندي ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ اهڙا کوڙ سارا علائقا آهن جتي سڪيورٽي ادارا وڃڻ کان به لنوائيندا آهن، جهڙي ريت سهراب ڳوٺ، منگهي پير ۽ ٻيا به ڪراچي اندر علائقا آهن جن بابت ماضي به گهڻو ڪجهه بحث ٿي چڪو آهي ته انهن علائقن ۾ سڪيورٽي ادارا ناهن وڃي سگهندي، جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته پوءِ  اهو ڪئين ممڪن ٿيندو جو انهن پناهگيرن جي ڳڻپ ٿي سگهندي، جيڪڏهن هن وقت سنڌين سان گڏ ڌارين جي ڳڻپ نه ٿي سگهي  آهي ته پوءِ شايد سنڌ کي پنهنجو جائز حق نه ملي سگهي، هونءَ ته جيڪي به سنڌ کي حق ملي رهيا آهن اهو به سڀني جي سامهون آهن پر آدمشماري ۾ به جهڙي ريت سنڌين  جي ڳڻپ غلط ڪئي ويندي آهي ان مان ته صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ڪجهه  قوتون سنڌ کي ڌارين جي لوڌ کي ڀرڻ ۾ ملوث رهيون آهن، جيڪي ڪڏهن به نه ٿيون چاهين سنڌ اندر  سنڌي اڪثريت هجن ۽ خوشحالي اچي، جنهن سبب سنڌ اندر ئي ڌارين جي لوڌ کي ڀريو ويو آهي، افغانستان مان جڏهن پناهگير ملڪ اندر داخل ٿي رهيا هئا ته ان وقت چيو ويو هو ته هو هر هڪ پناهگير جي رجسٽريشن ڪري رهيا آهن پر هاڻ نه ته انهن جي انگ اکر حڪومت وٽ آهي ۽ نه ئي وري ڪي اهڙا ثبوت حڪومت وڃي بچيا آهن ته ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ڌاريا آهن، اهو سڀ ان ڪري ٿي رهيا آهيو  آهي جونادرا ۾ من پسند ماڻهن کي ڀريو ويو آهي اهي رشوت عيوض سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لڳا، جيڪڏهن هن وقت به وڏي پيماني تي نادرا ۾ اهڙن ڪرپٽ آفيسرن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ اها جاچ ڪئي وڃي ته آخر اهي ڪهڙا آفيسر آهن جيڪي اهڙي ڪڌي عمل ۾ ملوث آهي، جيڪڏهن حڪومت آدمشماري کي صاف شفاف بڻائڻ چاهي ٿي ۽ پوءِ جلد کان جلد بهتر قدم کڻي ته جئين 1998ع واري آدمشماري جيان ان تي آڱريون نه کڻي سگهجن.
sahibalisindhi@gmail.com
  

No comments:

Post a Comment