Pages

Wednesday 18 January 2017

سنڌ جي قومي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان انٽرويو

لطف پيرزادو
سوال 1:  اوهان پنهنجي متعلق ڪجهه ٻڌائڻ پسند ڪندا؟
جواب: عاشق ٿي ته ابهين، باب شرعا جا ڇڏ،
من مشرڪين گڏ، ته ويجهو ٿي وصال کي.

راڻي ملا رات نيو نياپو آيو، لڌي سون لطيف چئي ڏاتر ڪنان ڏات،
ڪو نه پڇي ٿو ذات، جيڪي آيا سي اگهي ويا.

نڪي اسين چهڙا، نڪي اسين چور،
هنگامه ئي هور، ڪتا ڪرين ڪن سين،

ستي سيج هياس، مون کي آهه اٿاريو،
جنين جاڳاياس، آءُ نه جيندي ان ريءَ.

سوال 2:  سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ ڌارين ماڻهن جي روين متعلق اوهان جو  ڇا خيال آهي؟
جواب: سنڌ جئين ته هر دور ۾ خوشحال وادي رهي آهي جنهن سبب ڌاريون بوکڙون قومون هن وادي تي بار بار حملي آور ٿيون آهن، ان سلسلي ۾ هڪ ٻه بيت پيش ڪندس،
ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مئيءَ جا نه ٿيا،
مندي ڏيرن من ۾، آءُ کليو کيڪاريان،
صبح ٿي ساريان، ته اٺ نه اوطاقن ۾.

حڪم ٿئيو بادل کي، سارنگ ساٺ ڪجن،
وڄيون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن ٽمن،

پنجن مان پندرنهن ٿيا، ائين ٿا ورن ورن،
جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڙن
ڏڪاريا ڏيهه مان، شل موذي سڀ مرن،
وري وري وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
سيد چوي سڀن، آهه توهه تنهنجو آسرو،
سوال 3:  سنڌ جي وسيلن جي ڦر لٽ ۽  ان جي اثرن متعلق اوهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: ان سلسلي ۾ مون انگريزي ڊچن جي پاران سنڌي سمنڊ تي قبضي ڪرڻ ۽ نادر شاهه جي سنڌ تي ڪاهه جي تباهه ڪارين ۽ ڪيسن متعلق اڳ ئي قوم کي سجاڳ ڪيو هو.
دنگي منجهه درياهه، ڪي ٻڏي ڪي اپڙي،
واڍي جي واڻيا، سي سونهڻ سڀ سڙيا،
معلم ماڳ نه اڳهين، فلنگي منجهه ڦريا،
ملاح تنهنجي مڪڙي،  اچي چور چڙهيا،
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي.


گهوڙا گهڻي ڀونءَ، ووءِ ووءِ وڃن نڱيا،
مادر مٿان مون، ڪانگ لهندا ڪڏهن،

ماريءَ ميرا ڪپڙا، بگل منجهه بندوق،
ماريو مير ملوڪ، لتاڙيو لوڪ چڙهي،

سوال 4: سنڌ ۾ تعليم جي تباهي ۽ درس گاهن جي حالت تي اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
جواب:  منهنجي پڙ ڏاڏي شاهه ڪريم بلڙي واري جو قول آهي ته جيڪو روزگار واستي علم پرائي ٿو ، ان کي گهرجي ته ڪورڪو ڌنڌو ڪري! علم ته الله کي سڃاڻڻ لاءِ حاصل ڪرڻ گهرجي، اهو ئي سبب  آهي جو  تعليمي ادارن ۾ کٿابين کي کارين ٿا، هي آئون هڪ ٻه سٽيون پنهنجي بيتن مان پيش ڪندس.

مُلان مار م مون، سبق پڙهان يا سڄڻ ڏسان،
سو پنو نه پاڙهين، جنهن سان پسن پرين کي،
يا
تيئان ڏوهه چڙهن، جئين ورق ورائن وترا،

جڏهن علم پرائڻ جو مقصد ۽ معيار ئي بدلجي وڃي تڏهن مارڪون ۽ ڊگريون رشوت ۽ سفارش تي ملنديون آهن، اڄ جي تعليم ۽ تعليمي ادارن جو اهڙو ئي حال آهي.

سوال 5: سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري مسئلي کي اوهان ڪيتري  اهميت ڏيو ٿا؟
جواب:  منهنجو سڄو رسالو “سنڌي ٻولي قومي ٻولي” جي اصول تي لکيل آهي،

جي تون فارسي سکيئو، گولو توءِ غلام،
اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام،
ايءُ ! عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.

اکر پڙهه الف جو، ٻولي ٻي م ڀُل،
هو هلا چو هل، بلاهه سندو سڄڻين،

سوال 6: غيرت جي نالي تي ٿيندڙ ڪارو ڪاري واري ڪيسن ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: ان مسئلي تي مون سڄو سر سهڻي لکيو آهي، جيڪو سنڌي قوم کي هنئين  سان هڊائڻ کپي.

ڏم پاسي ۾ ڏکندو، صحت وٽ سنگهار،

سار ڌاران سهڻي، آڌوتي آهه،
ڪنڊيون جو ڪاهي، پاسي تنهن پاڪ ٿئي،

ساهڙ جا سينگار، متان ڏم ڏيکارئين،

سوال 7:  سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڏينهون ڏينهن کنڀجندڙ ماڻهن ۽ چچريل لاش ملڻ تي اوهان جو رد عمل ڪهڙو هوندو؟
جواب: ڀڳو آءٌ نه چوان، ماريو ته وسهان،
ڪانڌ منهن ڌڪڙا، سيڪندي سونهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هوئنس پٺ ۾،

جي لوڻ لڱين مون لائين، چيري چيري چم،
مون ڪر اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
جان! جان! دعويٰ دم، تان ! تان! پرت پنهوار سين،

وڳن منجهائين، ڪونج ٿئي، بازڙي!
ٻچن ائين ڀائين، امڙ ايندي واهري،

ڪلياڻ کان مارئي تائين منهنجي شاعري جو پس منظر محبت وطن، عاشقن جي صفت ۽ واکاڻ آهي.

ڀينر هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون،
سوارو سونهون، پڇي پورج سسئي،

سوال 8:  اوهان ملڪ ۾ طرز حڪومت جي ڪهڙي نظام جي حمايت ڪندا، آمريت، بادشاهت، جمهوريت يا سوشلزم؟
جواب:  منهنجو رسالو حقيقي عوامي راج جي طرز حڪمراني جو امين آهي، جنهن جا چند مثال پيش ڪندس.

نه ڪا جهل نه پل، نه ڪو رائر ڏيهه ۾،
آڻيون وجهن آهرين، روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ امل، مليرون مرڪڻو،

پاڻ ئي پڇي ڀيڻون، ري واهڻ ري واڙ،
جوءِ ڪشادي جيڏين ملير موڪ مهاڙ،
امانت اُت اماڻ، ملير گهرجي مارئي،

بڙ اٺا، تڙ اٺا، اٺيون ترايون،
پرهه جو پٽن تي ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگهاريون سائيون،
ٻانهيون ۽ ٻائيون، پکي سونهن پنهنجي،

هن هيٺين بيت جو عنوان ئي انقلاب آهي....

اٿو اٻوجها، سپڙ جو سڏ ٿيو،
جئين آءُ ڪرت نه سکيا، تئيان رندو راءُ،
مڱو مون ملاءُ، اوهان جو آهيان.

سوال 9: هن وقت بنيادي انساني حقن جي پائمالي تي اوهان جو رد عمل ڪهڙو هوندو؟
سگبان، سينڍاريا،  پڇياتي هن،
ڦرن نه فرمان کان، ملهه نه سوتيئڙن،
ڪونهي ڏوهه ڪتن، ڏڪاريا ڏاڙهين ٿا،

هٿين هٿ ڪڙول، ڄنگهون ٻانهون ڪاٺ ۾،

رات لڌم سهنو، کٿي ۾ خاصو،
اٺيان مينهن ملير ۾، ٿيو تڙ تڙ تماشو،
چوريان جو پاسو،  ته جسو زنجيرن ۾،

آديسن اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو،
هاڻي کائي سڀ ڪو، سندو ماڻهو ماس،
ٻيو مڙوئي لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هيڪڙو،

سوال 10: سنڌ جي راجڌاني ڪراچي  تي وفاق پاران قبصو ۽ سنڌي حڪمرانن جي روين کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو؟
اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،
ايندا لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجهڙا،

سر ۾ پکي هيڪڙو، پارهيڙي پنجاهه،
سندي آس الله، لڏي لهرن وچ ۾،

ويا مور مري، هنجهه رهيو نه  هيڪڙو،
وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪائيرن جو،

سر اهوئي، منجهس پکي ٻيا ٻيا،
جن تي لڏي لاٽيون ڪيو، سي ويچارا ويا،
پاڙندڙ پيا، اچي انهيءَ ڪنڌئين.

سوال 11: سنڌ ۾ سوڪهڙي واري صورتحال ۽ زرعي تباهي کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو؟
جواب: سر سڪي سال ٿيا، هنجهه مريو پير،
ڪنگ ويچارو ڪير، جو رسي نه رمزکي.

نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسي بازاريون، هنئيڙو لوڻ ٿئي،

پٽهيل تو ۾ پور، اڳيون ڪونهي آب جو،
سڪين ڪهڙي سور، واري وريئي پيٽ ۾،

پٽهيل چئي پرينءَ جي، آهيان سور سڪو،
آهم اولاڪو، جسوڌڻ جو جان ۾،

سڪي ڍور ڍيون ٿيئو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
ماڻهن ميڙائو، ڪنين ڪنين ڀيڻين.

اصل سنڌي آسري، آيون ات وري،
کنڀڙان ڀونءَ کري، پير ڏکويا پکيڙين،

نڪا بوءَ بازار ۾، نڪا ڇلر ڇٽ،
جتي ڏنڀيئڙن جي، اڳ هئي اکٽ،
سي پڙ پسي پٽ، ماڻهو وڃن موٽيا،

سوال 12: ڪجهه ماڻهو اوهان تي تهمت ٿا مڙهين ته اوهان درياهه شاهه کي پاراتو ڏئي سڪائي ڇڏيو آهي، ان متعلق اوهين ڇا چوندا؟
جواب: سهڻي جي ٻڏڻ تي هڪ بيت ميهار پاران لکيو آهي ۽ ٻي بيت ۾ وري منهنجي زبان مان ڪي اهڙا حرف برابر نڪتا آهن.
ڪنڌيءَ جهليون ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري،
تو ڪئين ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياهه توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي،

واهڙ وهين م شال، سڪي ٻيلاٽيون ٿئين،
پسان تنهنجي پيٽ ۾، لاڻا، لوت، ليار،
جئين تو سڀ ڄمار، آسائيتون ٻوڙيون،

باقي انگريز جي حڪومت کان پوءِ اسان جي شينهن درياهه تي بئراج ۽ ڊيمون ٺاهي هن جو هٿرادو طريقي سان پاڻي روڪيو ويو آهي، جيڪا صورتحال هيٺين طرح آهي.
پاڻي پٽهيل ۾ اڳيون نه آيو،
ماڻهن ميڙائو، ڪنين ڪنين ڀيڻين،

سڪي ڍور ڍيون ٿيو، ڪنڌي ڏنو ڪائو،
ماڻهن ميڙائو، ڪنين ڪنين ڀيڻين،

ڍور نه اڳئين ڍار، منجهه ملاحن ليکو،
پسي پاڻي پار، هوڙي چڙهيا مڪڙا،

سوال 13: آخر ۾ پنهنجي شاعري بابت ڪجهه ٻڌائڻ پسند ڪندا؟
جواب: جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
سڳر سهائين، پريان سندي پار جو،

مارئي ناهه ملير ۾، نڪا وٽ حمير،
پنهون ڪينهي ڪيچ ۾، نڪي سنڌ امير،
ور ڇڏيو واهڙ تري، ساهڙ منجهه سرير،
قبن ڪونهي پير، مرشد مساڻن ۾،

ستي سيج هياس، مون کي آهه اٿاريو،
جنين جاڳاياس، آءُ نه جيندي ان ريءَ.

منهنجي شاعري جو پسمنظر ادب براءِ زندگي وارو آهي، مون ڪوشش ڪري انسان ذات کي محبت ڪرڻ ۽ سڪڻ سيکاريو آهي،
سائين توهان جي مهرباني، لک لائق جو اسان کي پنهنجو قيمتي وقت ڏئي پنهنجي خيالن کان سنڌي قوم کي نوازيو،
ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،

ڀلائيون ڀيرا، ڳڻي ڳڻيان ڪيترا،

No comments:

Post a Comment