صاحب خان ڀٽي
عرب ليگ بيت المقدس کي اسرائيل جي راڄڌاني بڻائڻ واري فيصلي کي رد ڪندي
چيو آهي ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي سان خطي ۾ تشدد وارا واقعا وڌندا،
آمريڪا جو فيصلو عالمي قانون خلاف آهي، عالمي برادري فلسطين ۽ اسرائيل مسئلو
پُرامن طريقي سان حل ڪري. قاهره ۾ عرب ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سعودي
عرب، اردن، مصر ۽ فلسطين جي پرڏيهي وزيرن
۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. عرب ليگ جي اجلاس کان پوءِ
گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي فيصلو عالمي قانون جي ڀڃڪڙِي آهي،
دنيا هاڻي ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي تي خاموش ويهي نه ٿي سگهي.
عرب ليگ جي پرڏيهي سيڪريٽري احمد ابو لغيط جو چوڻ هو ته امريڪي
صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي سان خطي ۾ تشدد وارا واقعا وڌندا، آمريڪا کي هاڻي اهو
فيصلو واپس وٺڻ گهرجي. فلسطين جي پرڏيهي وزير رياض المالڪي چيو ته امريڪا خطي اندر
پنهنجو اعتبار ختم ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪي
فيصلي اسان کي ٻين آپشنز تي غور ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
مصر جي پرڏيهي وزير چيو ته هن وقت فلسطين ۽ خطي جي صورتحال ڳڻتي
جوڳي آهي، آمريڪي فيصلو دنيا کي مذهبي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي.
اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي جو چوڻ هو ته فلسطينين جي اطمينان
کان سواءِ خطي ۾ امن ممڪن ناهي، موجوده صورتحال ۾ دهشتگردن ۽ شرپسندن کي فائدو
ٿيندووچ اوڀر ۾ امن جي قيام واري ڪوششن ۾ حصو وٺندڙ فلسطيني اڳواڻ صائب ارڪات
ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان کي قبول نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ان سان وچ اوڀر ۾ تشدد
۽ بدامني جو نئون دور شروع ٿي سگهي ٿو، اسرائيلي
وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو آمريڪي صدر جي اعلان کي تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو ته
فسلطينين سان ڪو به معاهدو رڳو ان صورت ۾
قبول ڪيو ويندو، جنهن ۾ يروشلم کي اسرائيل جو حصو تسليم ڪيو وڃي، هن ٻين ملڪن کان
به پنهنجا سفارتخانا يروشلم منتقل ڪرڻ جي اپيل ڪئي... نيويارڪ جي يهودي آبادي به صدر ٽرمپ جي اعلان تي
خوشِيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي قدم سان کين آٿت ملي آهي، مستقبل ۾ هو به
پنهنجي مقدس علائقي ۾ رهائش اختيار ڪري سگهنداآمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران اسرائيل
جي 1967 ۾ فلسطيني علائقي يروشلم تي ڪيل قبضي کي تسليم ڪرڻ تي مهذب دنيا سميت
مسلمان ۽ عيسائي ڳڻتي ۾ ورتل آهن.صدر ٽرمپ جي اعلان کانپوءِ اسرائيل جي عيسائي
برادري بيت الهم ۽ رَم الله ۾ ڪرسمس جون سموريون روشنيون بند ڪري ڇڏيون، ڪرسمس ٽري
به اونداهو ٿي ويو، هي ٻئي اهڙا هنڌ آهن، عيسائين جو عقيدو آهي ته حضرت عيسيٰ عليه
اسلام جي پيدائش بيت اللهم ۾ ٿي هئي.اولهندي ڪناري ۽ غزا جي پٽي ۾ به مظاهرين ٽائر
ساڙي احتجاج ڪيو، جنهن دوران اسرائيلي فوجين ۽ فلسطيني مظاهرين وچ ۾ چڪريون به
ٿيون. اسرائيلي يهودين ڊونلڊ ٽرمپ جي حق ۾ نعريبازي ڪئي ۽ چيو ته هو آمريڪي صدر جي
اهڙي قدمن جي ڀرپور آجيان ڪن ٿا..ٻئي پاسي يروشلم ۽ تل ابيب جا شهري هن اعلان
کانپوءِ ڳڻتي ۾ وٺٺجي ويا آهن. شامي سرڪار آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان جي شديد
مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙو قدم عالمي قانون جي توهين برابر آهي، حڪومتي ترجمان
فيصل مقداد موجب آمريڪا عالمي ذميوارين کان منهن موڙِ بين الاقوامي سطح تي قانون
جي حڪمراني کان انحراف ڪري رهيو آهي. اهڙي قدم جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.. لبنان
۾ پناهه ورتل فلسطينين آمريڪي صدر جي اعلان خلاف احتجاج ڪندي چيو ته امريڪا جي
اهڙي قدمن سان نفرت جي باهه ڀڙڪي پوندي، لبنان جي صدر مشل عون به ٽرمپ جي اعلان کي
خطرنام سڏيندي چيو ته هن فيصلي سان نه رڳو وچ اوڀر پر دنيا جو امن خطري ۾ پئجي
سگهي ٿو لبنان جي وزيراعظم سعد حريري به ٽوئٽ ۾ اهڙي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ته
سندن ملڪ فلسطينين جي موقف جي حمايت ڪري ٿو. صدر ٽرمپ جي اعلان سان ئي ترڪي جي شهر
انقره ۾ آمريڪي سفارتخاني ۽ استنبول ۾ قونصل خاني آڏو هزارين ماڻهن احتجاج ڪيو، جن
اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، مظاهرين اسرائيل جي جهنڊن کي باهه ڏئي
ساڙي ڇڏيو ۽ قونصل خاني جي عمارت تي “فلسطين کي آزاد ڪريو” جي چاڪنگ ڪئي.. ترڪ
پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ به صدر ٽرمپ جي قدم کي غير ذميواراڻو قرار
ڏيندي فيصلي تي نظر ثاني جي گهر ڪئي آهي. اردن سرڪار جي ترجمان پاران جاري ڪيل
بيان ۾ آمريڪي صدر جي اعلان کي رد ڪندي چيو ويو آهي ته ان فيصلي جو مقصد دنيا 1967
واري جنگ جي والاريل علائقن کي اسرائيل جو حصو تسليم ڪيو ويو آهي، جنهن کي مهذب
دنيا ڪڏهن به تسليم نه ڪندي..اردن جي بقا ڪئمپ ۾ ترسيل فلسطيني پناهگيرن به ڊونلڊ
ٽرمپ جي اعلان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سندن اباڻو علائقو اسرائيل حوالي ٿيڻ
ڪنهن هاڃي کان گهٽ ناهي.. بقا ڪئمپ ۾ 1967 ڌاري اسرائيل جي قبضي ۾ آيل فسلطيني
علائقن جي متاثرن کي ترسايو ويو آهي، هن
وقت انهن پناهگيرن جو انگ هڪ لک 19 هزار کان وڌيڪ آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تڪراري
اعلان کانپوءِ عالمي برادري به شديد رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته والاريل
يروشلم کي اسرائيل جو حصو تسليم ڪرڻ سان دنيا ۾ تشدد ۽ بدامني جي نئين لهر شروع
ٿيندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس چيو ته وچ اوڀر ۾ ڪنهن به هڪ
طرفي قدم جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي، خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ٻن رياستن جو قيام
لازمي آهي، هن مشڪل صورتحال ۾ ڪو به ٻيو رستو ناهي، هو فلسطين-اسرائيل تڪرار جي نبيري لاءِ ٻنهي ڌرين کي امن ڳالهين
لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.فرانس جي صدر عمانويل ميڪرون ٽرمپ جي بيان کي افسوس
جوڳو سڏيندي واضح ڪيو آهي ته سندس ملڪ آمريڪي صدر جي ڪنهن تڪراري قدم جي حمايت نه
ٿو ڪري سگهي، نه ئي هو ڪنهن عالمي قانون جي ڀڃڪڙي جو حصو بڻجندا.هن چيو ته اڃا
تائين اسرائيل جو وجود هڪ سوال بڻيل آهي، جيستائين اسرائيل ۽ فلسطيني گڏجي ان
حوالي سان ڪنهن نتيجي تي نه ٿا پهچن، ڪنهن به ٻئي ملڪ کي ان معاملي ۾ پوڻ جو حق
ناهي. آسٽريليا صدر ٽرمپ جي اعلان کي نامناسب سڏيندي چيو آهي ته ان سان خطي ۾ ٻن
رياستن جي قيام واريون سموريون ڪوششون برباد ٿي ويندوين، ڪينبرا ۾ ڳالهائيندي
پرڏيهي وزير جولي بشپ جو چوڻ هو ته آسٽريلوي سفارتخاني کي کي يروشلم منتقل نه ڪيو
ويندو، اهو بدستور تل ابيب ۾ ئي رهندو.انڊونيشيا جي صدر جوڪو ودودو صدر ٽرمپ جي
اعلان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هڪ طرفي فيصلي سان سڄي دنيا ٻيهر بدامني جي ورچڙهي
سگهي ٿي، آمريڪا جو اهڙو قدم سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهي، صدر
ٽرمپ کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.گڏيل قومن ۾ بوليويا جي سفير جنرل
اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل جا اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هن خطرناڪ
فيصلي سان دنيا ۾ امن جي قيام واريون سموريون ڪوششون تباهه ٿي وينديون
No comments:
Post a Comment