صاحب خان ڀٽي
سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي
چيئرمين آڻڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي ڊوڙ شروع ٿي وئي آهي، ٻنهي پارٽين پاران پنهنجو سينيٽ چيئرمين آڻڻ لاءِ اڪثريت جي به
دعويٰ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ٻيون پارٽيون هن وقت سينيٽ چيئرمين جي ڊوڙ کان تمام
گهڻو ڏور آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به خواهش ظاهر ڪئي آهي ته هن ڀيري
سينيٽ چيئرمين بلوچستان جو هجڻ گهرجي، ان حوالي سان هن سمورا اختيار بلوچستان جي
وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي کي ڏئي ڇڏيا
آهن، سينيٽر قيوم سومرو به اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي بلوچستان جي وڏي
وزير سان ملاقات ڪئي، جيڪا پيپلزپارٽي لاءِ تمام گهڻو فائديمند به ثابت ٿي آهي،
ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي وڏي وزير قدوس بزنجي به کين خاطري ڏياري آهي، پر نواز ليگ سينيٽر رضا رباني کي ٻيهر سينيٽ جو چيئرمين مقرر
ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي پر لڳي نٿو ته پيپلزپارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر رضا باني کي سينيٽ چيئرمين بڻائيندي ڇاڪاڻ ته
پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نوازشريف کان پنهنجا رستا الڳ ڪري
ورتا آهن، جنهن سبب هو هاڻ نوازشريف جي ڪا
تجويز نه ٻڌندو ۽ رضا رباني کي ٻيهر سينيٽ
چيئرمين مقرر ڪرڻ جا امڪان به انتهائي
گهٽجي ويا آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته رضا
رباني اهو شخص آهي، جيڪو حق ۽ سچ ڳالهائڻ کان ڪڏهن به رڪندو آهي ۽ هو ڪڏهن به ڪنهن
آڏو نه جهڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سندس بيان ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳندا آهن ۽
پارٽيون لڏي وينديون آهن ۽ اهي ادارا جيڪي جمهوريت خلاف هوندا آهن، انهن ۾ ٿرٿلو مچي ويندو آهي، ٻيو اڳواڻ فرحت الله
بابر آهي، جنهن جا بيان به جمهوريت جي
مخالفن کي پسند نه هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي سينيٽر ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪندا آهن، جنهن سبب اهي ٻئي اڳواڻ ملڪ ۾ جمهوريت جي خواهش نه رکندڙ ماڻهن جي اکين
۾ ڪنڊي جيان چڀندا رهندا آهن. انهن ٻنهي جي بيانن مان لڳي ٿو ته اهي ٻئي ڄڻا سينيٽ
چيئرمين نٿا ٿي سگهن، ڇاڪاڻ ته تحريڪ
انصاف سربراهه عمران خان به پيپلزپارٽي تي هٿ هلڪو رکيو آهي، ان جو سبب اهو ناهي
ته پيپلزپارٽي وچ ۾ سندس اختلاف ختم ٿي
ويا آهن پر ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي نوازشريف ڏانهن ٿورو به
ڳالهين جو هٿ وڌايو ته ٻيهر عمران خان، پيپلزپارٽي خلاف ڳالهائڻ شروع ڪندو ۽ ٻيو
مفاهمت جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو به آهي ته پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ پل جو
ڪردار ادا ڪندڙ بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو آهي.
بهرحال هڪ ڳالهه جي ته
پڪ آهي ته سينيٽ چيئرمين نواز ليگ جو ئي ٿيندو
۽ ان جا امڪان به وڌيڪ آهن. جڏهن ته ٻئي نمبر تي پيپلزپارٽي جا وڌيڪ امڪان
آهن، ڀلي اهو ڪنهن به صوبو جو ٿي سگهي ٿو پر ان جو تعلق سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح
نواز ليگ سان ئي هوندو. جيئن ته چونڊون به ويجهو اچي چڪيون آهن ۽ سينيٽ چيئرمين ۽
ڊپٽي چيئرمين جو معاملو به حل ٿي ويندو، ان کان پوءِ سياسي پارٽين پاران جيڪي جلسا
۽ جلوس ڪڍيا ويندا ۽ جيڪا ملڪ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي، ان بابت شايد ڪنهن کي اميد به
نه هوندي، ڇاڪاڻ ته سينيٽ چونڊن کان اڳ پرويز مشرف کي ڏيهه آڻڻ جو مطالبو رڳو
نوازشريف ئي ڪري رهيو هو پر هاڻ عدالت به کيس ڏيهه جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن مان
صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته پرويز مشرف جي 2018ع جي عام چونڊن ۾ هڪ دبنگ انٽري ٿيندي،
باقي رهي ڳالهه ڪيسن جي ته هڪ آمر کي عدالت پيش ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن
ملڪ جي تاريخ ۾ ڪنهن آمر جو احتساب نه ٿيو
آهي، اهو مان نه پر اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف چئي رهيو آهي. نوازشريف جون جيڪي به تقريرون جيڪڏهن اسان
ٻڌنداسين ته ان ۾ رڳو اهو ئي مطالبو ڪيو آهي ته جن ماڻهن آئين توڙيو اهي غدار آهن
۽ عدالتون انهن خلاف ڪي به ڪارروايون نه پيون ڪن، ايتري قدر جو ڪجهه ڏينهن اڳ
اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف اسلام جي احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنس جي پيشي دوران اهو به
چيو هو ته جن ججن پي
سي او تحت حلف کنيو هو، انهن به غداري ڪئي آهي.
بهرحال اهو بيان بازي جو
سلسلو هلندو رهندو پر سينيٽ چونڊن جو جيڪو دنگل هلي رهيو آهي، اهو به پڄاڻي تي
پهچي چڪو آهي، مسلم ليگ ن جي ڪميٽي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ لاءِ نامزد
ڪيل اميدوارن جي ڪاميابيءَ جي دعويٰ ڪئي آهي، نواز ليگ جي چار رڪني ڪميٽي رپورٽ
ڏني آهي ته اڪثر پارٽيون سينيٽ چيئرمين
لاءِ نواز شريف جي تجويز جون حامي آهن ۽ هنن سينيٽ چيئرمين لاءِ حمايت جي خاطري
ڪرائي آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مسلم ليگ ن کي سينيٽ ۾ گهربل اڪثريت
حاصل ٿي وئي آهي، هاڻي مسلم ليگ ن آساني سان چيئرمين چونڊرائڻ جي پوزيشن ۾ آهي.
هوڏانهن اليڪشن ڪميشن تازو چونڊيل سينٽرز جي
ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، چوڌري سرور، همايون اختر، سعديه عباسي ۽ نزهت
صادق جا نوٽيفڪيشنز ٻٽي شهريت سبب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي روڪيا ويا آهن،، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن چيو آهي
ته 12 مارچ تي نوان چونڊيل سينيٽر حلف
کڻندا، جن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، چوڌري سرور، همايون اختر،
سعديه عباسي ۽ نزهت صادق جا نوٽيفڪيشنز ٻٽي شهريت سبب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي روڪيا
ويا آهن.جنرل سيٽ تي آزاد اميدوار محمد حسن سيد ۽ محمد اسد علي خان، پاڪستان ملسم
ليگ (ف) سيد مظفر حسين، پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان محمد فرغ
نسيم، پ پ مصطفيٰ نواز کوکر، سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ، ميان رضا رباني، امام الدين
شوقين ڪامياب ٿي ويا آهن.، ٽيڪنو ڪريٽس سيٽ تي پ پ جو ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، رخسانا
زبيري ڪامياب ٿي ويا آهن، اليڪشن ڪميشن جي
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، عورتن جي مختص سيٽ تي قرت العين مري، ڪشو ٻائي ڪامياب
ٿيون ويون آهن، جڏهن ته اقليتي سيٽن تي پ پ پ جو اميدوار انور لال دين ۽ ڪامران
مائيڪل ڪامياب ٿيا ويا آهن. شميم آفريد،
مرزا محمد آفريدي، هدايت الله، هلال رحمان آزاد اميدوار طور ڪامياب ٿي ويا
آهن.اليڪشن ڪميشن موجب، راڻا محمود الدين حسن، مصدق مسعود ملڪ، ڊاڪٽر آصف ڪرماني
۽ شاهين خالد به جنرل سينيٽ سيٽس تي ڪامياب ٿي ويا آهن.
جئين ته اسلام آباد جي خصوصي عدالت. پرويز مشرف خلاف سنگين غداري
ڪيس ۾ گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ
سندس ڏيهه واپس اچڻ جا امڪان به وڌي ويا
آهن، ايتري قدر جو عدالت پرڏيهي آفيس ۽ ايف آءِ اي جي اختيارين کي طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته يو اي اي سان ميوچل ليگل اسٽنٽس جو
ٺاهه به طلب ڪري ورتو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اڳوڻي آمر پرويز مشرف
جي ملڪ ۾ انٽري ايندڙ چونڊن تي ڪيترو اثر
انداز ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ به ايم
ڪيوايم ۾ بحران هلي رهيو آهي ۽ ان کي هڪ
ئي شخص حل ڪري سگهي ٿو، اهو آهي پرويز
مشرف، ڇاڪاڻ ته جڏهن هو ملڪ جو صدر هو ته ان پارٽي کي هلائي به اهو ئي رهيو هو ۽ سندس هڪ اشاري تي
اها پارٽي سمورا ڪم ڪندي هئي ۽ پرويز
مشرف پاڻ به ان جي حمايت ڪندو رهندو آهي،
جڏهن ته لنڊن ۾ ترسيل شخص به ٻين سمورن
آمرن کي غدار چوندو آهي، جن آئين ٽوڙيو آهي پر پرويز مشرف کي فرشتو سمجهندو آهي.
No comments:
Post a Comment