صاحب خان ڀٽي
دنيا ۾ ٻن سپر
پاور ملڪن وچ ڇڪتاڻ دنيا کي لوڏي ڇڏيو هو پر ڪنهن سوچيو به نه هو ته آمريڪا اتر
ڪوريا جهڙي ملڪ سان به ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته اتر ڪوريا اهو
واحد ملڪ آهي، جيڪو آمريڪا کي مختلف وقتن ۾ ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي، جنهن بعد لڳي
رهيو هو ته انهن ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي ۽ هڪ ٻي عالمي جنگ پکڙجي ويندي پر
انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ هاڻ گهٽتائي اچي رهي آهي، جيئن ته سال 2018 ع شروع ٿي چڪو آهي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو
آمريڪا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تنقيد جو نشانو بڻجي رهيو آهي، اُن پنهنجي رويي
۾ تبديلي آندي آهي ۽ ان سان دنيا اندر ڇڪتاڻ به وڌڻ بدران گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي،
اُن جو مثال هاڻوڪي آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جي وفدن وچ ۾ ملاقاتن مان به لڳائي سگهجي
ٿو. بهرحال آمريڪا جتي سڄي دنيا ۾ پنهنجو
ڌاڪو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اتي ئي ڪيترائي ملڪ سندس شڪار به ٿيا آهن، جيئن
افغانستان ۾ طالبان کي تيار ڪيو ويو
۽ بعد ۾ ڪم پورو ٿيڻ بعد انهن کي ختم ڪرڻ
لاءِ هڪ منظم حڪمت عملي تحت ڪارروائي ڪئي
وئي، جڏهن طالبان کي آمريڪي جهاز تحت تيار ڪيو ويو، ان ۾ اسان جي ملڪ به حصو ورتو
هو، جنهن جا اثر اڄ به پئجي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪ جون حالتون انتهائي خراب آهن، سوويت يونين کي
ٽوڙڻ لاءِ جهڙي ريت طالبانن کي تيار ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت هاڻ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ
افغانستان ۾ ڪاررايون ٿي رهيون آهن پر آمريڪا کي ان ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي
آهي، ڇاڪاڻ ته اهي هاڻ بااختيار ٿي ويا آهن ۽ پاڪستان جي به نه پيا ٻڌن، ڪڏهن
مسجدن تي حملا ڪن ٿا ته ڪڏهن وري سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائن ٿا، مطلب ته اهي
دنيا سان گڏ پاڪستان جا به دشمن بڻجي ويا آهن پر ان باوجود آمريڪا انهن سان ڳالهين
تيار آهي.
بهرحال هن وقت
ته آمريڪا انهيءَ ملڪ سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جيڪو کيس مختلف وقتن تي ڌمڪين سان
گڏ سندس پابندين کي به نظرانداز ڪندو رهيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به اتر
ڪوريا خلاف بيان ڏنا ته اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جون اُن به آمريڪا کي اکيون
ڏيکاريون ۽ اهڙا تجربا ڪيا جو دنيا ٿرٿلي
۾ اچي وئي، ايتري قدر جو اتر ڪوريا اها به دعويٰ ڪئي ته هن اهڙو ميزائل به تيار
ڪيو آهي، جيڪو آمريڪا کي به نشانو بڻائي
سگهي ٿو، جنهن کانپوءِ مٿس وڌيڪ پابنديون به لڳايون ويون پر ان باوجود اتر
ڪوريا آمريڪا جي هڪ ٻه نه ٻڌي. آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن چيو هو ته ته آمريڪا
ايٽمي طاقت رکندڙ اتر ڪوريا کي هر گز قبول نه ڪندو ۽ پابنديون ان وقت تائين جاري
رهنديون جيستائين اترڪوريا جي ملڪي انتظاميا پنهنجي ايٽمي پروگرام کي ختم ڪرڻ شروع
نه ٿي ڪري.هوڏانهن
جاپان به اتر
ڪوريا جي ميزائل تجربن کي وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو هو ته اهڙن ميزائل تجربن
سان دنيا ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو، ايتري
قدر جو جاپان جي پارليامينٽ ۾ ان معاملي کي نظر ۾ رکندي هڪ قرر گڏيل طور منظور ڪئي
وئي هئي، جنهن ۾ پيونگ يانگ جي جوهري ۽ ميزائل منصوبن کي خطي ۽ جاپان لاءِ وڏو خطرو ڪرار ڏنو هو. وزيراعظم شينزو آبي چيو هو
ته اتر ڪوريا سان ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي
پر جاپان جي رويي ۾ به تبديلي اچي وئي آهي. پر جڏهن اتر ڪوريا طرفان ميزائل
تجربا ڪيا ويا هئا ۽ مٿس پابنديون لڳايون
ويون هيون پر ان باوجود هن پنهنجو ايٽمي منصوبو جاري رکيو هو ۽ اڃا به
جاري رکيو پيو، ان وقت به جاپان جو چوڻ هو ته اتر ڪوريا جو ميزائل تجربو دنيا لاءِ
خطرو هو آهي، پر جڏهن اتر ڪوريا جو ميزائل جاپان جي حدن ويجهو ڪريو هو ته ان وقت
به جاپان چيو هو ته اتر ڪوريا بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيو آهي. جيڪو اقتصادي زون ۾ اچي
ڪريو،
جاپان اها به دعويٰ ڪئي هئي ته ته اتر ڪوريا
طرفان فائر ڪيل ميزائل 50 منٽ تائين فضا ۾ رهيو ۽ هن جي خصوصي اقتصادي زون ۾ ڪريو
جڏهن ته ميزائل جي فضا ۾ موجودگي دوران صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي آگاهه ڪيو ويو. بهرحال اترڪوريا کي سخت ڌمڪيون
ڏيندڙ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ
پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻي ڇڏي آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اتر ڪوريا جي صدر ڪم جون ان سان ملاقات سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه هوندي. جڏهن ته وائيٽ هائوس
جي ترجمان شان اسپائسر جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا کي ڪافي شرط پورا ڪرڻا پوندا،
جڏهن ته وائيٽ هائوس طرفان اهو به چيو ويو آهي ته اتر ڪوريا تي پابنديون برقرار
رهنديون، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات مئي ۾ ٿيندي. ڪجهه ڏينهن اڳ پنسلوانيا ۾
چونڊ مهم ريلي کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته اتر ڪوريا به هاڻ امن چاهي ٿو، اميد آهي
ته ڳالهين ۾ وڌيڪ ڪاميابين جو امڪان آهي. ايتري قدر جو آمريڪي صدر اهو چيوآهي ته
اتر ڪوريا ڳالهين ٿيڻ تائين ڪو به جوهري تجربو نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. بهرحال هاڻ
ڏسڻو اهو آهي ته آخر ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ڪيئن گهٽجي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪهڙي
ريت پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون
ڪامياب ٿي وڃن ٿيون ته پوءِ وچ اوڀر ۾ آمريڪا طرفان ڇڪتاڻ وڌائڻ وارو سلسلو به تيز
ٿي ويندو ۽ افغانستان سميت ٻين ملڪن ۾
آمريڪي ڪارروايون به وڌي وينديون، ڇاڪاڻ ته آمريڪا هڪ ئي وقت اتر ڪوريا ۽ وچ اوڀر سان منهن نه پيو ڏئي
سگهيو، جنهن سبب هن پنهنجي پاليسي ۾ تبديلي آندي آهي.
No comments:
Post a Comment