صاحب خان ڀٽي
ملڪ هلندڙ سياسي جنگ اڃا به
جاري آهي، هر طرف عدالتي فيصلن ۽ سينيٽ چونڊن بابت بحث ٿي رهيو آهي، عدالتن ۾ جج
ريمارڪس ڏئي رهيا آهن ته جن ماڻهن کي قانون جي به خبر نه آهي ۽ اهي به قانون بابت
ڳالهائي رهياآهن ۽ اها ڳالهه ڪيتري حد تائين صحيح به آهي، نواز ليگ جا اڳواڻ قانون
جي هڪ الڳ تشريح ڪري رهيا آهن ته تحريڪ انصاف وارا ڪجهه ٻيو ٻڌائي رهيا آهن، اهڙي
صورتحال ڪا خبر ئي نه پئجي رهي آهي ته آخرڪار صحيح ڪير آهي ۽ غلط ڪير آهي، اڳوڻي
وزير اعظم نوازشريف کان سڀ کان اڳ پاناما ڪيس ۾ کيس نااهل ڪري وزارت عظميٰ تان
هٽايو ويو ۽ بعد کيس پارٽي تان جي صدارت تان به هٿ ڌوئڻا پيا، ان کان اڳ
پارليامينٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سندس لاءِ پارٽي صدارت لاءِ رستو کوليو ويو
پر اهو به گهڻو دير نه هلي سگهيو، چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي
چيو هو ته پارليامينٽ سپريم آهي.
بهرحال پارليامينٽ سپريم آهي
يا نه آهي، ان بابت نواز ليگ وارا جيڪي بيان ڪري رهيا آهن، ان مان عوام ڪيترو
مطئمن آهي، اهو نواز ليگ ۽ عوام ئي چڱي ريت ڄاڻي ٿو پر هن وقت وڏي ڏکيائي کانپوءِ سينيٽ
چونڊون به ٿي ويون آهن، جنهن بابت ڪا اميد به نه آهي. ڇاڪاڻ ته پاناما کانپوءِ
شروع ٿيل عدالتي ڪاررواين کان پوءِ سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي ته مستقبل ۾ چونڊون
ٿينديون يا نه ؟ ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو
هو جو پيپلزپارٽي سميت ٻيون جماعتون مسلم
ليگ نواز کان تمام گهڻو پري هلي ويون هيون ۽
هن وقت ڪا به پارٽي سندس حمايت يا
ساٿ نٿي ڏئي سگهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪو نواز ليگ جو ساٿ ڏيندو به ته ان سان نواز
ليگ کان وڌيڪ اڇا ڪارا ڪرتوت ظاهر ٿي ويندا، جيئن ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف هن
وقت عدليا ۽ ٻين ادارن خلاف ڳالهائي رهيو آهي، اها به هن ملڪ جي هڪ وڏي تاريخ آهي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ اڄ تائين
اهڙي نموني ناهي ڳالهائي جيئن نوازشريف
مختلف جلسن ۽ جلوسن ۾ ادارن خلاف ڳالهائي رهيو آهي. هن ملڪ ۾ اڳ هڪ ئي شخص هو، جيڪو ٽي وي چينلن
تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي هر ڪنهن خلاف ڳالهائيندي هو ۽ هتان جي اردو ميڊيا ان
کي ڏيکاري وڏو خوش ٿيندي پر انهن جو روئڻ
به سينيٽ چونڊن دوران ٻڌڻ ۾ آيو، مطلب تي ايم ڪيو ايم جي سينيٽ
چونڊن ۾ شڪست ۾ نام نهاد اردو ميڊيا ماتم
ڪري رهي هئي.
بهرحال ان کان اهم نوازشريف آهي جيڪو به ساڳي ريت ڳالهائي
رهيو آهي، رڳو فرق ايترو آهي جو لنڊن وارو
شخص سنڌ ۽ سنڌين خلاف ڳالهائيندو هو ۽ هي شخص انهن ادارن خلاف ڳالهائي رهيو آهي، جن جي هنج ۾ لنڊن
وارو شخص ويٺل هوندو هو. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عدالتي فيصلن کانپوءِ نوازشريف
جي عوامي مقبوليت تمام گهڻو اضافو ٿي چڪو آهي، ڪجهه دانشور جيڪي نوازشريف جا مخالف
آهن ۽ انهن ادارن جا حمايتي آهن، جيڪي
وڻين چاهين ڪن، انهن خلاف ڳالهائڻ واري کي
به غدار چيو ويندو آهي، انهن
سگهاري ادارن جي حمايت ڪندي چيو آهي ته جنازي ۾ ڪيترائي ماڻهو هجن پر مئل ماڻهو
جيئرو نه ٿيندو آهي پر انهن کي اها خبر نه
آهي ته لکين ماڻهو ڪنهن جي جنازي ۾ شريڪ ٿين ته مطلب هن اهڙو ته ڪوڪارنامو ڪيو
آهي، جو ماڻهو سندس جنازي ۾ شريڪ ٿيا آهن ۽ ايترا ماڻهو شريڪ ٿيڻ سان اهو به صاف
ظاهر ٿيندو آهي ته اهي ماڻهو سندس نظريي ۽ فڪر کان مطئمن آهن ۽ انهن جو پوئلڳ آهن
۽ اهو ثابت ڪندو آهي ته هو ته هليو ويو پر سندس نظريو ۽ پوئلڳ هميشه سندس مشن کي
اڳتي کڻي هلندا،
سينيٽ جي چونڊن کانپوءِ
چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين شپ لاءِ سياسي پارٽين رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ آزاد
اميدوارن جي پٺيان پئجي ويون آهن ۽ آزاد اميدوارن جي اهميت تمام گهڻو وڌي وئي آهي،
چونڊن ۾ 15 سيٽون حاصل ڪرڻ بعد مسلم ليگ (ن) پارليامينٽ جي مٿئين ايوان ۾ سڀ کان
وڏي پارٽي بڻجي وئي آهي، جڏهن ته نواز ليگ جون مجموعي طور سيٽن جو تعداد 33 آهي.
پيپلزپارٽي وٽ سينيٽ جون 20 سيٽون آهن ۽ اها ٻئي نمبر تي آهي.هاڻ مقابلو ٿيندو،
سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جو ان حوالي
حوالي سان سينيٽ چيئرمين لاءِ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي ۾ سخت مقابلو ٿيڻ
جو امڪان آهي جنهن لاءِ ٻنهي پارٽين آزاد اميدوارن ۽ هم خيال پارٽين سان رابطا
شروع ڪري ڇڏيا آهن. پيپلزپارٽي جو وفد به سينيٽر عبدالقيوم سومري جي قيادت ۾
بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي ۽ ترجمان انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي
آهي، جن مطالبو ڪيو آهي ته هن ڀيري سينيٽ چيئرمين بلوچستان جو هئڻ گهرجي ۽ اهو به
چيو آهي ته جيڪو بلوچستان جي حقن جي ڳالهه
ڪندو، انهن لاءِ سندن دروازا هميشه کيل رهندا. بلوچستان مان 7 ۽ فاٽا مان 8 چونڊجي
آيل آزاد سينيٽرز چيئرمين سينيٽ ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ سياسي ماحول ۾ بيچيني
پيدا ڪري سگهن ٿا.
پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ
خورشيد طرفان نگران حڪومت ۽ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود
قريشي سان رابطو ڪري مشاورت ڪئي وئي آهي.ٻنهي اڳواڻن ۾ سينيٽ اليڪشن کانپوءِ سياسي
پارٽين وچ ۾ نگران حڪومت ۽ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ رابطن ۾ تيزي اچي وئي آهي،
اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه تحريڪ انصاف جي ڊپٽي پارلياماني اڳواڻ شاهه محمود قريشي
سان رابطو ڪيو ۽ نگران حڪومت قائم ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت ڪئي.پي ٽي آءِ ترجمان
موجب تحريڪ انصاف ۽ چئن ئي صوبن نگران حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو
ڪيو آهي، بهرحال نگران سيٽ اپ کان اڳ نوازشريف نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي
گذريل 70 ورهين کان لڳل مرض ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي،
نواز شريف کي وزارت عظميٰ ۽
پارٽي صدارت تان ڪڍيو ويو پر عوام جي دلين مان نٿو ڪڍي سگهجي.نوازشريف چيو ته ن
ليگ کي سينيٽ چونڊن مان ڪڍيو ويو ۽ فيصلو ٻڌايو ويو ته ن ليگ سان واسطو رکندڙ
ماڻهو چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندا پر صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن ان فيصلي کي به
رد ڪري ڇڏيو، سينيٽ ۾ ن ليگ اميدوار ئي ڪامياب ٿيا. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته
نگران حڪومت لاءِ ڪهڙي پارٽي اڳتي ايندي،
ان نگران حڪومت ۾ پيپلزارٽي ڪهڙو ڪردار
ادا ڪندي پر ان کان اڳ ڏسڻو اهو آهي ته سينيٽ چيئرمين پيپلزپارٽي جو هوندو يا وري نواز ليگ جو ٿيندو، پر جيڪو ڪجهه هن
وقت اسان ماحول ڏسي رهيا آهيون، ان مان
صاف ظاهر آهي ته هن ڀيري نواز ليگ جو
سينيٽ چيئرمين ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هيڏي وڏي بحران جي هوندي به پنهنجي حمايت
يافته اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي چڪي آهي، رهي ڳالهه آزاد اميدوارن جي ته اهي هارس
ٽريڊنگ ذريعي حمايت ڪندا يا جمهوريت خاطر
ڪنهن به پارٽي جو ساٿ ڏيندا، انهن بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.
No comments:
Post a Comment