صاحب خان ڀٽي
پاناما کانپوءِ اڳوڻي
وزيراعظم نوازشريف جو مستقبل ته اونداهو نظر اچي رهيو آهي پر جيڪا به ڪارروائي
نوازشريف خلاف ٿي رهي آهي، ان جا اثر ٻين
پارٽي تي به ضرور پوندا، ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم ۽ ڳجهن طاقتن جو
واسطيدار پارٽيون ئي پاڻ کي بچائي احتساب بچائي سگهنديون، رهي ڳالهه پيپلزپارٽي،
اي اين پي جي ته انهن بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت
آئي ته ان وقت نوازشريف ڪارو ڪوٽ پهري عدالتن ۾ پهتو هو، خبر ئي نه پيو پئي ته آخر
ڪنهن جي چوڻ تي پيپلزپارٽي خلاف مهم هلائي رهيو آهي،
اڳوڻي چيف جسٽس افختار
چوڌري جي بحالي لاءِ ته هو حڪومت سان به مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ به تيار هو، جنهن بابت اهو چيو ويو هو ته
جيڪڏهن نوازشريف چاهيو ته حڪومت ڪري به سگهي ٿي ۽ ٻيهر چونڊون به ٿي سگهن ٿيون ۽
اهو سڀ ان جج لاءِ ڪري رهيو هو، جنهن کي اڳوڻي جنرل پرويز مشرف افتخار چوڌري کي
عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو ۽ 12 مئي جو واقعو به پيش آيو، جنهن جو مک جوابدار ايم ڪيو
ايم کي سمجهيو پيو وڃي. بهرحال ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن به چيف جسٽس جي بحالي واري جدوجهد ۾ هڪ ٻئي جون مخالف
هونديون هيون پر پيپلزپارٽي ۽ نواز ۾ اتحاد هوندو هو، اهو ئي سبب هوجو اها جدوجهد
ڪامياب ٿي وئي هئي پر بينظير جي شهادت کانپوءِ پاڪستان ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي
ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري افتخار چوڌري کي بحال ڪرڻ انڪار ڪري ڇڏيو هو، اهو ڇو
ٿو، ڇا جي ڪري پيپلزپارٽي نه پئي چاهي ته افتخار چوڌري بحال ٿئي، اها ته رڳو پيپلزپارٽي
کي ئي خبر هوندي،
بهرحال نواز ليگ جي
جدوجهد رنگ لاتو ۽ افتخار چوڌري پنهنجي عهدي تي بحال ٿي ويو ۽ جيئن هو عهدي تي آيو
ته هن اهڙي شخص کي عدالت ۾ طلب ڪيو، جنهن کي هن ملڪ ۾ جي تاريخ ۾ ڪنهن به گهرائڻ
جي همت نه ڪئي هئي، مطلب ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري هڪ آرمي چيف جي عهدي تي
رهندڙ شخصيت کي عدالت ۾ طلب ڪيو، جيڪو
گهران اهو چئي نڪتو ته عدالت وڃي رهيو آهيان، جنهن جون خبرون بار بار ميڊيا تي
ڏيکاريون ويون ته اڳوڻو آمر عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ روانو ٿي ويو آهي بعد ۾ اها خبر
هلي ته هو عدالت وڃڻ بدران اسپتال هليو ويو ، سندس طبعيت خراب ٿي وئي. بهرحال اهو
ته ماضي هو پر هاڻ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ڪجهه تبديل ئي ٿي رهيو آهي، جنهن مان
لڳي رهيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي رهي آهي، اها تبديلي هن ملڪ جي حقن کان
محروم ننڍن صوبن لاءِ تمام گهڻو ڪارائتي ٿيندي،
جيئن ته ملڪ ۾ اهي به
ڳالهيون هليون رهيون آهن ته نوازشريف وارو معاملو ٻن لاڏلن جو
آهي، جيڪي هڪ ٻئي سان جهيڙو ڪري رهيو آهي، مطلب ته سڄو اشارو ميان محمد نوازشريف ۽
تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ڏانهن ئي آهي. جيئن ته ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کانپوءِ چونڊون
به ويجهو اچي چڪيون آهن ۽ سينيٽ چونڊ ۾ پارٽيون هڪ ٻئي خلاف مهم هلائي رهيون هيون
هاڻ ته نوازشريف هڪ ڀيرو ٻيهر نااهل ٿي ويو آهي، اڳ ۾ سندس وزارت عظميٰ تان هٽايو
ويو ۽ هاڻ کيس پارٽي جي صدارت تان هٽايو ويو آهي، مطلب ته کيس ٻيهر نااهلي جو ٺپو
هنيو ويو آهي. جهڙي ريت ملڪ ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته چونڊون
ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن، هڪ طرف مختلف جماعتن ۾ به ڇڪتاڻ جو سلسلو تيز ٿيندي
پيو وڃي ته ٻئي طرف وري چونڊون به تمام گهڻو ويجهو اچي ويون آهن. سياسي
پارٽين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ سبب هڪ طرف معيشت کي
نقصان پهتو آهي ته ٻئي طرف وري عام ماڻهو مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ نوازليگ
جاتي امرا ۾ گڏجاڻيون ڪرڻ ۾ مصروف آهي، جنهن سبب حالتون بهتر ٿيندي نظر نه اچي
رهيون آهن، جيڪڏهن ڪو احتجاجي ڌرڻوٿئي ٿو ته ان کي ختم ڪرائڻ لاءِ به فوج کي طلب
ڪيو وڃي ٿو، رينجرز، ايف سي ۽ پوليس به
حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿي، جڏهن ملڪ جون اهڙيون حالتون هجن ته ڪهڙي ريت هي ملڪ ايندڙ
چونڊن کي برداشت ڪري سگهندو. هڪ طرف سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانوبڻائي وڃي ٿو ته
ڪڏهن اسلام آباد جهڙي ريڊ زون ۾ صحافين تي تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ جوابدار گرفتار ئي نه
ٿا ٿين ۽ نامعلوم دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪندي پنهنجي ٻرن ۾ لڪي وڃي ويهي رهن
ٿا.
بهرحال هن ملڪ ۾ اڳ
دهشتگردي جو وڏو مسئلو هو ۽ هاڻ سياسي بحران پيدا ٿي ويو آهي، بقول نواشريف جي ته
هاڻ هو هڪ نظرياتي ليڊر بڻجي چڪو آهي پر سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير چئي رهي آهي ته
نوازشريف کي چريو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جيئن ته نوازشريف ڄ ڪلهه عدالتن خلاف بيان
ڏيڻ ۽ انتقام وٺڻ جون دانهون ڪري رهيو آهي. نيب به نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف
ڪارروايون ڪري رهي آهي، احتساب جي حڪم تي شريف ڪٽنب تي ريفرنس بابت نيب جاچ به ڪري
رهي آهي، هاڻ ته نواز ليگ جي لاءِ سياست به تمام گهڻو ڏکي ٿيندي پئي وڃي، هڪ طرف
نوازشريف جي پارٽي جو مستقبل تي داءُ تي لڳي ويو آهي ته ٻي طرف سندس ڪٽنب جي خلاف
جاچ به سندن لاءِ ڏکيائون پيد ڪري ڇڏيون آهن. ماضي ۾ جڏهن به نوازشريف تي ڪو ڏکيو
وقت آيو ته پيپلزپارٽي سندس تمام گهڻو ساٿ ڏنو هو پر افسوس جو اڳوڻي گهرو وزير
چوڌري نثار جي رويي سبب پيپلزپارٽي ۽ نواز
ليگ ڇڪتاڻ تمام گهڻي وڌي وئي هئي، ايتري قدر جو ڪيترائي ڀيرا نواز شريف پيپلزپارٽي
جي اڳواڻن کي پرچائڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي پر مختلف وقتن تي ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي جي
آمهون سامهون اينديون رهيون، هن وقت ٻنهي پارٽين ۾ وچ ۾ ويڇا ساڳي ريت موجود آهن ۽
پيپلزپارٽي واضح طور چئي چڪي آهي ته هو نوازشريف جو جمهوريت خاطر ساٿ ڏيندا هئا پر
هاڻ هو نوازشريف جو ساٿ نه ڏيندا.
ڏٺو وڃي ته هن وقت
پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي سياسي ميدان
خالي ٿي چڪو آهي ۽نواز ليگ جو پري پري تائين ڪو به سياسي مستقبل نظر نه اچي رهيو
آهي، ڇاڪاڻ ته نوازشريف کي 2 ڀيرا نااهل قرار ڏيڻ بعد نوا ليگ کي تمام گهڻو نقصان
رسيو آهي ۽ پارٽي کي ساڳي پوزيشن ۾ آڻڻ لاءِ نوازشريف کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي
پوندي، ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن نيب شريف ڪٽنب کي پيش ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا هئا پر
انهن مان هڪ به فرد نيب آڏو پيش نه ٿيو هو، جنهن تي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان
چيو هو ته نوازشريف کي ڪرپشن ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏنو ويو آهي ۽ ملڪ کي ڪرپشن
کان پاڪ ڪري ڏيکاريندو. رهي ڳالهه تحريڪ انصاف جي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي به پارٽي
فنڊنگ جو ڪيس هلي رهيو آهي، جيڪو به هڪ حساس ڪيس آهي ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪيس به تحريڪ
انصاف جي سربراهه عمران خان خلاف هلي رهيا آهن. پي ٽي وي تي حملو، پارليامينٽ تي
حملو ۽ ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تشدد ڪيس سميت چار ڪيس دهشتگردي ٽوڙ واري
عدالت ۾ هلي رهيا آهن. جنهن جي هڪ ٻه ٻڌڻين ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به
پيش ٿي چڪو آهي ۽سندس حاضري کان ڇوٽ واري
استدعا به منظور ڪئي وئي هئي، مطلب ته نوازشريف خلاف فيصلواچي چڪو آهي ۽ باقي
عمران خان خلاف فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي، جنهن جو هن ملڪ جي عوام کي بيچيني سان
انتظار آهي.
پر هن وقت جيڪي حالتون
پيدا ٿي چڪيون آهن ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته چونڊون وقت تي ڪرائڻ حڪومت جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي، هڪ
طرف نيب جي ضمني ريفرنسز جون ٻڌڻيون
ته ٻي طرف وري ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ واري
صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، جنهن سبب مهانگائي
به ٿي آهي ۽ معيشت کي به ڌڪ رسيو آهي ۽ سمورين سياسي جماعتن جي اها خواهش
آهي ته انهن جو پارٽي سربراهه وزيراعظم ٿئي پر هاڻ ايندڙ چونڊن ۾ ڪير وزيراعظم ٿو ٿئي، ان جو فيصلو ته عوام کي ئي ڪرڻو آهي، جيڪڏهن چونڊون
ٿيون ته، نه ته ماضي جيان هن ڀيري به هلندڙڇڪتاڻ جو نقصان جمهريت کي ئي ٿيندو. هاڻ
ڏسڻو اهو آهي ته مسلم ليگ ن جي رجسٽرين رد ٿئي ٿي يا نه؟ جيئن ته هن ملڪ ۾ ڪا به
پارٽي پنهنجو نالو تبديل ڪري ڪم ڪري سگهي
ٿي، انهن کي ڪو به چوڻ لاءِ تيار ئي نه هوندو آهي، اهڙي طرح شايد مسلم ليگ نواز جو
به نالو تبديل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته عدالت ۾ هڪ اهڙي درخواست به داخل ڪئي وئي آهي، جنهن
۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نااهل جي نالي سان ڪا پارٽي به نٿي ٺهي سگهي، ان مان
صاف ظاهر آهي ته نوازشريف لاءِ عدالتن ۽ فوج خلاف ڳالهائڻ تمام گهڻو نقصانڪار ثابت
ٿيو آهي.هاڻ ڏسڻو پوندو ته نوازشريف مسلم ليگ ۾ نون کي ڪيئن ٿو بچائي.
نوٽ: بيماري سبب ڪجهه
ڏينهن لکي نه سگهيس،
No comments:
Post a Comment