صاحب خان ڀٽي
صحت، تعليم ۽ روزگار جهڙيون سهولتون مُهيا ڪرڻ
حڪومت جي ذميواري هوندي آهي پر بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ صحت، تعليم ۽ روزگار جا موقعا
نه هئڻ برابر آهي، صحت جون سهولتون به نه هئڻ برابر آهن، جيڪي سرڪاري اسپتالون
آهن، انهن جو حال اهو آهي ته اتي نه ته ڊاڪٽر موجود هوندا آهن ۽ نه ئي ماڻهن کي
دوائون ملنديون آهن، هر سرڪاري اسپتال ٻاهران خانگي ميڊيڪل اسٽورز کليل هوندا آهن،
جتان غريب ماڻهو دوائون وٺندا آهن، جن جو واسطوسڌي ۽ اڻ سڌي طرح اسپتالن سان ئي
هوندو آهي، جنهن سبب اسپتالن ۾ دوائن جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري انهن خانگي اسٽورن کي
فائدو پهچايو ويندو آهي،
سنڌ جي ڪنهن به سرڪاري اسپتال جو دورو ڪبو ته
انهن ٻاهران خانگي اسٽور کليل هوندا آهن، اهو سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي نه ملڻ
جون هڪ چٽو ثبوت آهي، هونئن ته حڪومت دعويٰ ڪندي رهندي آهي ته پر حقيقت ان جي ابتڙ
آهي ته سنڌ ۾ ماڻهن کي ڪي به سهولتون مُهيا نه پيون ڪيون وڃن. روڊن، رستن تي گند
ڪچري جا ڍير لڳل آهن، هر طرف بيماريون پکڙجي رهيون آهن پر ڪامورن جي ڪن تي
جونءَ به نٿي چري. ماڻهو سراپا احتجاج آهن
پر انهن جي دانهن ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. ٻئي طرف وري حڪومت پاران
صفائي سٿرائي جو ڪو به خاص انتظام نه ڪيو ويو آهي، هڪ طرف حڪومت ڪي سهولتون مُهيا
نه ڪري رهي آهي ته مٿان اهڙا حڪم جاري ڪيا پيا وڃن، جيڪي عوام ماڻهو لاءِ تمام
گهڻو ڏکيائن جو سبب بڻجي رهيا آهن. هونئن ته حڪومت جي اها ذميواري آهي ته هر شهري کي بنيادي سهولتون مُهيا ڪيون پيون وڃن
پر هتي گنگا ئي ابتي وهي رهي آهي. ڪجهه
ڏينهن اڳ سنڌ سرڪار پاران اهو حڪم جاري ڪيوويو ته جيڪو گند ڪچرو اڇلائيندو، ان شخص
کي گرفتار ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ٻاهرن ملڪن جيان هن ملڪ ۾ به اهو قانون بهتر آهي پر افسوس جو هن
ملڪ ۾ عام مانهو ڀڃڪڙي نه ڪري رهيو آهي ۽ پر ادارا پاران قانون کي لتاڙي رهيا آهن،
جيڪڏهن حڪومتي عملدار قانون
تي عمل ڪن ها ۽ فرض درست نموني نڀائن ها
ته اڄ اهڙن فيصلن تي تنقيد نه ڪئي وڃي آهي،ميڊيا تي خبرون هلي رهيون آهن ته حڪومت
جي اعلان کانپوءِ پوليس جي ته عيد ٿي وئي آهي ۽ ڪچرو اڇلائيندڙ عام شهرين کي گرفتار ڪيو پيو وڃي،
مون کي اهو ڏينهن به ياد آهي جڏهن ڪراچي ۾ صفائي ڪندڙ عملي کي پگهار نه ملي هئي ته
انهن سڄو گند ڪچرو سنڌ اسيمبلي ڏانهن ويندڙ رستن تي اڇلايو هو. بهرحال ان وقت ته
ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي هئي ڇاڪاڻ ته جيڪي حڪومت کي جواب ڏيڻ ڄاڻين ٿا حڪومت
انهن سان هٿ چراند يا مهاڏو نه اٽڪائيندي آهي جيئن اسلام آباد ۾ فيض آباد ۾ ڌرڻو
لڳو هو، جيئن سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ دشمنن سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ لاءِ ڌرڻو هنيو هو پر جيڪو
سنڌ ۾ جائز حق گهرندو انهن مٿان سنڌ سرڪار ظلم ڪندي، ڏنڊا هڻندي ۽ انهن مٿان شيلنگ
ڪندي. مطلب ته حڪومت ڏاڍي جي اڳيان ڪمزور ۽ ڪمزور اڳيان ظالم بڻجي وئي آهي ۽ اهو
سلسلو اڃا به جاري آهي، هن وقت ڪو به اهڙو شهر نه آهي، جتي صفائي جا انتظام بهتر
هجن، هر دور ۾ اقتدار ۾ رهندڙ پيپلزپارٽي جي ڳڙهه لاڙڪاڻي شهر ۾ به صفائي سٿرائي جا انتظام بهتر
نه آهن،
بهرحال اهي انتظام ڪڏهن
بهتر به نه ٿيندا، ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت صفائي نه ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪندڙ
بدران عام شهرين کي گرفتار ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪچرو نه کڻندڙ ضلعي انتظاميا خلاف
ڪارروائي ڪئي وڃي ها ۽ ڪچرو نه کڻندڙ عملي کي گرفتار ڪيو وڃي ها ته اڄ شهر گندگي
جي ڍير ۾ تبديل نه ٿي وڃن ها. مان جنهن علائقي ۾ رهندو آهيان، اتي به ڪنٽومينٽ
بورڊ پاران ڪچري جا وڏا وڏا خوبصورت ڪچري جي دٻا رکيا ويا آهن پر مجال جو گاڏي اچي، جڏهن دٻا ڀرجي ويندا
آهن ۽ ڪچرو روڊن تي پکڙجڻ لڳندو آهي ته 10
پندرنهن ڏينهن کانپوءِ ڪچري کڻڻ جي گاڏي ايندي آهي. مطلب ته انتظاميا پاڻ ڪوتاهي
جو مظاهرو ڪري رهي آهي، ڪراچي جو صدر وارو
علائقي ڏسجي يا وري ڀٽائي آباد، سچل ڳوٺ جون گهٽيون ڏسجن هر طرف گند ڪچري جا ڍير
ئي نظر ايندا ۽ روڊن تي پاڻي بيٺل هوندو، اهو پاڻي ڪو شهري نه اڇلائيندا آهن پر
اهو گندو پاڻي صفائي نه ڪندڙ عملي جي ڪوتاهي سبب
روڊن تي بيهجي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته
گٽر صاف ڪندڙ عملو پگهار ته وٺندو آهي پر
پنهنجا فرض نه نڀائيندو آهي،
جيڪڏهن ڪو نالو بند ٿي وڃي
ته صفائي ڪندڙ عملو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
اندو آهي. جيستائين شهري ويچارا بدبوءِ کي
برداشت ڪندا آهن. اسان ته حڪومت کان اهو مطالبو ڪنداسين ته سنڌ جي سمورن
شهرن ۾ ڪچري واريون اهڙيون گاڏيون خريد
ڪيون وڃن، جيڪي ڪچرو کڻن روڊ گندا نه ڪن، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي روڊن تي رات جي وقت
ڪچرو کڻڻدڙ گاڏين کي اوهان ڏسندو ته جڏهن اهي رستن تي هلنديون آهن ته ڪچرو روڊن تي
ڪرندو ويندو آهي ۽ روڊ گندا ٿيندا ويندا آهن. بهرحال حڪومت جي اهڙي پاليسي جي اسان
مذمت ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته حڪومت کي اڳ ۾
انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها.
ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گٽڪي تي پابندي جي فيصلي
تي عمل ڪرائڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي هئي، درخواست گذار عدالت ۾ موقت اختيار ڪيو هو
ته صوبي ۾ پابندي باجود ننڍن وڏن شهرن ۾ گٽڪي جي تياري ۽ وڪرو کلي عام جاري آهي،
هن چيو ته گٽڪي واپرائڻ سبب وات جي ڪينسر سميت مختلف بيمارين ڦهلجڻ ڪري ماڻهوءَ
فوت ٿي رهيا آهن. ان کانپوءِ چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار به نوٽيس وٺندي سوپاري
۽ گٽڪي تي پابندي لڳائي هئي پر اسان سپريم
ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اها به درخواست
ڪنداسين ته سوپاري تي پابندي لڳائڻ سان ڪو
به فرق نه پوندو، ڇاڪاڻ ته سڀ کان وڌيڪ ٻيون شيون به صحت لاءِ هاڃيڪار آهن، جيڪڏهن اوهان کي پابندي
لڳائڻي آهي ته انهن تي شين تي لڳايو جيڪي صحت لاءِ نقصان ڪار هونديون آهن، جيئن
تماڪ واريون شيون آهن، جيڪي نشي ۾ استعمال ٿي رهيون آهن،
اسان ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڏسندا پيا اچون ته حڪومت اهڙين شين تي
پابندي لڳائيندي آهي، جنهن سان حڪومت کي ڪو به فائدو نه پهچندو هجي، جيئن ته هن
ملڪ ۾ تماڪ واريون ڪمپنيون حڪومت کي
ڪروڙين رپين جا ٽيڪس ڏين ٿيون، جنهن سبب انهن
خلاف ڪو به ڪارروائي نه پيو ڪري،
جيڪڏهن سپريم ڪورٽ تماڪ وارين شين تي پابندي
لڳائي ها ته بهتر هجي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ کي واقعي عام شهرين جي صحت جو خيال آهي
ته جلد کان جلد اهڙين تماڪ وارين شين تي پابندي لڳائي وڃي، باقي ر ڳو سوپاري تي
پابندي لڳائڻ سان ڪو به فائدو نه ٿيندو، جيڪڏهن
انهن وڏين تماڪ وارين ڪمپنين تي پابندي لڳائي نٿا سگهون ته پوءِ سوپاري تي
پابندي لڳائڻ سان ڪهڙو فائدو ٿيندو؟
No comments:
Post a Comment