صاحب خان ڀٽي
سنڌ کي قدرت ڪيترن ئي قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي پر
افسوس جو ان جو فائدو سنڌ جي ماڻهن کي نه ملي رهيو آهي ۽ ان جو فائدو رڳو حڪمران
ئي حاصل ڪري رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪڏهن
سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ ته ڪڏهن وري بجلي جي لوڊشيڊنگ ماڻهن جون متيون ئي منجهائي
ڇڏيون آهن، اسپتالن ۾ بجلي نه هئڻ سبب مريض تڙپي رهيا آهن
ته مٿان وري نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن جي امتحانن دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي، عدالتن ۾ مختلف ڪيسن کي منهن ڏيندڙ وزير دعوائون ڪري رهيا آهن ته ته ملڪ اندر بجلي چوري ٿي رهي آهي ۽ جن علائقن ۾ بجلي چوري ٿي رهي
آهي، انهن علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌيڪ
ڪئي ويندي پر سنڌ جي قدرتي وسيلن تي قابض حڪمرانن کي اهو احساس نٿو ٿئي ته جيڪا سنڌ ملڪ کي 70 سيڪڙو
کان وڌيڪ ڪمائي ٿي ڏئي رڳو ان مان ڪجهه حصو سنڌ جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪندا ته
انهن جي ڪهڙا خزانا خالي ٿي ويندا،
جيئن ته حڪمران دولت جي
لالچ ۾ رڳو مال ميڙڻ ۾ لڳا پيا آهن، اهي
ٻين کي چور چئي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪو پاڻ
وڏو چور هوندو آهي، اهو ٻين کي چور سمجهندو آهي، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي
ته سنڌ جي گيس ۽ پيٽرول جي رائلٽي سنڌ کي نه ملي رهي آهي ۽ نه ئي سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجا حق ڏنا پيا وڃن. اهو ئي سبب
آهي جو سنڌ جا ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آهن، حڪمرانن کي انسان رڳو اتي نظر اچي رهيا آهن، جتي
رڳو غير سنڌي رهن ٿا، باقي جتي سنڌ جو
وارث رهي ٿو، اهو کين دشمن نظر اچي
ٿو ۽ اهو چور نظر اچي ٿو، جنهن جي ڪري پنجاب جا وزير ۽ مشير رڳو اهو ئي دهل وڄائي
رهيا آهن ته سنڌ ۾ بجلي چوري ٿي رهي آهي پر اهي اهو نٿا ٻڌائن ته اهي، سنڌ
جا قدرتي وسيلا چوري ڪري پنهنجا ڀڀ ڀري رهيا آهن، آخر اهي ڪيئن ٻڌائندا، ڇاڪاڻ ته
انهن کي پنهنجا محل جو اڏڻا آهن، پرڏيهه ۾ پنهنجي ملڪيت ٺاهڻي آهي، انهن کي رڳو سنڌ جي وسيلن تي قابض رهڻ چاهين ٿا ۽ سنڌين
کي هن جديد دور ۾ هر بنيادي سهولت کان پري
رکن ٿا،
سنڌين جي ووٽ تي وزير ۽ مشير بڻجندڙن کي به رڳو غير سنڌي نظر اچي رهيا، جن جي گهرن ۾ گٽر بند
ٿي وڃي ته وڏو وزير نوٽيس وٺندو آهي ۽ جڏهن گهرن اڳيان گند ڪچرو گڏ ٿي وڃي ته انهن
کي کڻائڻ جو حڪم ڏيندو آهي پر ڪراچي کان ڪشمور تائين رهندڙ سنڌ جي وارثن لاءِ وٽن
وقت نه آهي ته انهن جا مسئلا حل ڪن. بهرحال سنڌ جا ماڻهو چاهين ته به پنهنجي مرضي
جا اڳواڻ ۽ وزير نٿا آڻي سگهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ تي قابض طاقتون به انهن کي حڪومت ۾
آڻينديون، جيڪي سنڌ جي وسيلن تي قابض رهندڙن آڏو خاموش رهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ
سنڌ جا ڳوٺ روڊ رستن، اسپتالن ۽ اسڪولن جي سهولتن کان محروم آهن، ٿر ۾ دعوائون نه
هجڻ سبب ٻارڙن جي موت جون خبرون هلي رهيون آهن، سنڌ جا ماڻهو روزگار نه هئڻ سبب
آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن پر حڪمرانن
جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري. هن وقت سڄي سنڌ ۾ نائين ڏهين ڪلاس جي شاگردن جا امتحان
هلي رهيا آهن، هڪ ته سرڪاري اسڪول گهٽ هجڻ سبب امتحانن دورن سينٽرن تي شاگردن جي
رش لڳي ٿي وڃي ته مٿان بجلي نه هئڻ سبب شاگردن کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو،
ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ
بجلي بند رهڻ معمول بڻجي ويو آهي، جنهن
سبب ماڻهن جو ڪاروبار به ٺپ ٿي ويو آهي، اتحجاجن باوجود حڪومت ڪي به قدمت کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، خبر نه ٿي پئي ته
تيل، گيس ۽ ڪلو جهڙا وڏا ذخيرا سنڌ ۾ موجود هئڻ باوجود سنڌ کي آخر بجلي کان ڇو
محروم رکيو پيو وڃي يا وري وفاق جي اها هڪ چالاڪي آهي ته جيئن ملڪ ۾ بجلي جو بحران
ڄاڻائي ڪالا باغ ڊيم کي ٺاهڻ جو جواز پيش ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي
کان مختلف بهانن سان ڪالا باغ ڊيم کي ٺاهڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن،
هاڻ ته اهو معاملو وڃي
عدالت ۾ پهتو آهي،هاڻ ڏسڻُ اهو اهو فيصلو رڳو پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻڌاي ويندو يا
چئني صوبن جي حق ۾ ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ ته اڳ ئي ننڍا صوبا اهڙي دشمن منصوبي کي ختم
ڪرڻ جو مطالبو ڪري چڪو آهي پر پنجاب جا وزير ايئن نٿا چاهين ڇاڪاڻ ته اهو رڳو
پنجاب کي خوشحال ڏسڻ چاهين ٿا، اهو ئي سبب
آهي جو جيڪي جيڪو جيڪو درياهه اڳ ٻنهي ڪپرن تائين ڀريل وهندي نظر ايندو هو، اڄ ان
۾ پاڻي جي جاءِ تي واري اڏامي رهي آهي ۽ سنڌ مان چونڊيل وزير پنهنجين وزارتن جا
مزا ماڻيندي نظر اچي رهيا آهن ۽ سنڌ کي نه پاڻي ملي پيو ۽گيس ملي پئي ۽ نه ئي وري
سنڌ کي بجلي ملي رهي آهي. جنهن سبب ڌرتي ڌڻي
ننڌڻڪن جيان زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. حڪمران چئي رهيا آهن ته بجلي جي بحران تي ضابطو
آندو ويو آهي سمجهه ۾ نٿو اچي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ بجلي جو بحران آهي ته پوءِ آخر سياستدان جي سالگراهن، ورسين جي موقعي تي بجلي
ڪٿان اچي ويندي آهي جو سڄي ملڪ ۾ ان ڏينهن بجلي بند نه ٿيندي آهي، آخر انهن ڏينهن
تي هن ملڪ مان ڇا ڪو فرشتو بجلي کڻي ايندو آهي، ڇا جو بجلي نه ويندي آهي؟،
جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ ڪو
وزير اچڻو هوندو آهي ته ان ڏينهن به انهيءَ علائقي ۾ بجلي نه ويندي آهي يا ملڪ ۾
ڪو ڇهٽي جو ڏينهن هوندو آهي ته ان ڏينهن
به بجلي بند ئي نه ٿيندي آهي. مطلب ته اُن
ڏينهن فرشتا آسمان مان لهي ايندا آهن ۽ سياستدانن جون ورسيون، سالگراهون ملهائندڙن
لاءِ بجلي گڏ کڻي ايندا آهن، ايتري قدر جو ڪرڪيٽ راند جي موقعي تي به بجلي نه بند ڪئي
ويندي، باقي ٻين ڏينهن ۾ حڪومت وٽ بجلي پيدا ڪرڻ جا ذريعا نه هوندا آهن ۽ بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنيون بجلي اوتري نه ٺاهي
سگهنديون آهن. باقي رهي ڳالهه ملڪ جي معمارن جي ته، انهن لاءِ حڪمران وٽ نه ته وقت
آهي ۽ نه ئي انهن جي پڙهائي ۽ امتحانن جي
بجلي مُهيا ڪري سگهجي.
اسان جي ته خاص ڪري سنڌ
مان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙن کي عرض آهي ته شاگردن جي امتحانن دوران بجلي جي
لوڊشيڊن نه ڪئي وڃي ته جيئن اهي امتحانن
جي تياري ڪري سگهن، بجلي نه هئڻ سبب شاگرد گرمي ۾ نه پڙهي سگهن ٿا ۽ نه ئي وري
صحيح نموني پڙهي سگهن ٿا، جيڪڏهن حڪومت پيپرن دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ۽ بجلي مُهيا
ڪندڙ ڪمپنين کي پابند بڻائي ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڇي ته ملڪ جي معمارن جو مستقبل بچي ويندو. باقي رهي
ڳالهه بجلي چوري جي، ته جيڪي ماڻهو چئي رهيا آهن ته سنڌ ۾ بجلي چوري ٿئي پئي، اهي
پاڻ سڀ کان وڏا چور آهن، جيڪي سنڌ جا وسيلا چوري ڪري رهيا آهن ۽ ڌرتي ڌڻين کي حق به نه پيا ڏين.
No comments:
Post a Comment