Pages

Wednesday, 22 May 2019

سنڌ ۽ سنڌوءَ ۾ ايڊز جي لهر


موهن جي دڙيءَ جي تاريخي تهذيب مهراڻ جي سستي ۽ اربين سمنڊ جي لهرن مٿان جنم وٺن وٺندڙ سنڌ، اهو تاريخي سرسبز ۽ خوشحال خطو آهي، جنهن جو ذڪر هن ڌرتي جي انسان جي شروعات کان ئي ملي ٿو، جيڪواڄ 21ن صديءَ جهڙي جديد، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي دور ۾ پنهنجي ئي غفلت، خامين ۽ لاپرواهين جي ڪري ايڇ آءِ اي وي/ ايڊ جهڙي جان ليوا مرض  ۾ مبتلا ٿئي چڪي آهي. .
ايڊز جون لهرون به هيپاٽائيٽس ۽ شگر جيان سنڌو کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رهي آهي، جيڪا صرف هڪ مهيني جي اندر ئي ٻه هزار کان مٿي سنڌ جي ماروئڙن کي  پنهنجي چنبي ۾ آڻي چڪي آهي، ان وائرس نما ڦهلجندڙ بيماري پوري سنڌ کي آفريڪا جي ملڪن سيوزلينڊ، ڪينا ۽ يوگنڊا جهڙن ملڪن جو منظر ڏيڻ لاءِ تيار کڙي آهي. ايتري تيزي سان پکڙجندڙ اها وائرس سنڌ جي اصل وجود لاءِ پڻ نقصانڪار آهي.
ان جان ليوا وائرس جي ڦهلجڻ جو اهم سبب ته جنسي لاڳاپا رکڻ آهي، پر هتي ڊاڪٽري جهڙي مسيحا پيشي سان تعلق رکندڙن جي لالچ ۽ خودپرستي آهي، جنهن ۾ انجيڪشن جو هڪ کان وڌيڪ ماڻهن  تي استعمال، بلڊ ٽرانسفر ۽ ڊائلاسيس جي عمل دوران مسيحي پيشيءَ وارن جي غفلت، لاپروهيءَ ۽ خاص ڪري سنڌ مٿان عطائي ڊاڪٽرن جي وار پڻ ان جا مکيا سبب آهن، ان مان حڪومت سنڌ ۽ خاص ڪري صحت شعبي جي سنجيدگيءَ ۽ موثر هجڻ تي به سواليا نشان آهي.
سنڌ حڪومت ۽ صحت شعبي جي وزير کي گهرجي ته هن جان ليوا وائرس کي روڪڻ لاءِ وت سر قدم کڻڻ ۽ ان وائرس کان بچاءُ لاءِ مهم هلائٻڻ سان گڏ متاثر ٿيل شهرن ۾ ماهر ڊاڪٽرن سان گڏگوڏ جديد سهولتون فراهم ڪري ته جيئن متاثر ماڻهن جي سٺي نموني علاج ٿي سگهي، ان سان گڏ ايڇ آءِ وي ايڊز جي ڦهلجڻ جا بينادي سبب واضح ڪري اُن مٿان ڪريڪ ڊائون پڻ موجود حڪومت جي اول ترين ذميواري آهي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي سونهن مٿان ڪا نه آنچ نه اچي
وڪيل شاهد ڀنگوار( ڪراچي ) 

No comments:

Post a Comment