Pages

Sunday 7 February 2021

سينيٽ چونڊ: صدارتي آرڊيننس ۽ مارچ

صاحب خان ڀٽي

تبديلي سرڪار جي اچڻ کانپوءِ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ڪرپشن عروج تي پهچي وئي آهي، عالمي ادارا به پاڪستان ۾ وڌندڙ ڪرپشن جي باري ۾ انگ اکر جاري ڪري رهيا آهن پر ان باوجود تبديلي سرڪار پاڪستان کي مديني جي رياست بڻائڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي، عام ماڻهو حڪومت بيزار ٿيندي نظر اچي رهيو آهي ته مخالف ڌر به پنهنجي ڪيسن مان جند آجي ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي، عوام هجي يا وري مخالف ڌر، ٻنهي کي هن وقت تائين ڇٽڪارو ملي نه سگهيو آهي، عوام جون نظرون مخالف ڌر تي آهن ته اپوزيشن جون نظرون عوام تي آهن ته ڪڏهن اهي حڪومت کان تنگ ٿي روڊن تي ٿو اچي، مطلب ٻئي هڪ ٻئي جي انتظار ڪري رهيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن ملڪ جي معشيت پوئتي پئجي رهي آهي، مخالف ڌر عدالتن جا چڪر ڪاٽڻ ۾ پورا آهن ته موجوده حڪومت هر بحران جو ذميوار ماضي جي حڪمرانن کي قرار ڏئي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر کان 35 سالن جو حساب رڳو جمهوريت پسندن کان گهري رهيو آهي، سندس جمهوري حڪومتن جو تختون اونڌو ڪندڙن تي نه پيون پون، نه ئي هو ان وقت جو حساب چاهي ٿو، کيس رڳو جمهوريت پسندن کان حساب وٺڻو آهي، اپوزيشن ۽ حڪومت جي ان وڙهاند سان رڳو عوام کي ئي نقصان پهچي رهيو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري بدامني، ڦرن ۽ چورين جون وارداتون به معمول بڻجي ويون آهن، ايتري قدر جو ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ماضي جا دهشتگرد سرگرم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن ۽ حڪومت رڳو اپوزيشن کي دٻائڻ لاءِ ملڪ جا سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي.

جڏهن کان تبديلي سرڪار ملڪ جون واڳون سنڀاليون آهن، تنهن ڏينهن کان ماڻهن کي  روزگار ڏيڻ ته ٺهيو پر جيڪي ماڻهو روزگار سان لڳل هئا، انهن کي به گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي، جيڪي به ملڪ کي هلائيندڙ ادارا هئا، انهن کي خانگائي پورهيتن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي ۽ رٽائرڊ ماڻهن کي نوڪريون ڏئي وڏيون وڏيون پگهارون ڏنيون پيون وڃن، جن کي رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ گهر ويهڻ گهرجي، انهن کي پينشن سان گڏ هڪ ٻي نوڪري ڏني وئي آهي، جيڪي معمولي پگهار کڻندڙ پورهيت آهن، انهن کي نوڪرين مان برطرف ڪري گهرن ڏانهن روانو ڪيو پيو وڃي، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو رٽائرڊ ماڻهن کي وڏيون وڏيون پوسٽون ڏنيون ويون آهن، جيڪڏهن رٽائرڊ ماڻهن بدران ڪنهن اهل ماڻهن کي ادارا هلائڻ لاءِ ڏنا وڃن ها ته ملڪ کي هلائيندڙ ادارن کي خانگائڻ جي ضرورت نه پئي هئي پر بدقسمتي سان هن ملڪ ۾سفارش جو ڪلچر تمام گهڻو آهي، جنهن سبب بيروزگار اهل نوجوانن کي ته نوڪريون ناهن ملنديون پر رٽائرڊ ماڻهن کي ترقي ڏني ويندي آهي، جن خلاف ڪو آواز به اٿاري نه سگهندو آهي. اسٽيل مل جا برطرف ملازم به سراپا احتجاج بڻيل آهن، ايتري قدر جو واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازم احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.

وفاقي حڪومت ڏينهون ڏينهن ملڪ کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي رهي آهي، بجلي ايتري مهانگي ڪئي وئي آهي جو غريب ماڻهو بجلي جو بل به نٿو ڀري سگهي، پيٽرول دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ٻيڻ تي مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي، گئس جا اگهه به وڌايا ويا آهن، مهانگي بجلي ۽ گئس هئڻ باوجود حڪومت لوڊشيڊنگ جو خاتمو به آڻي نه سگهي آهي، آمر پرويز مشرف جي دور کان شروع ٿيل بجلي جي لوڊشيڊنگ اڄ ڏينهن تائين جاري آهي، جڏهن کان تبديلي سرڪار جي حڪومت آهي، ان ڏينهن کان بجلي سان گڏ گئس جا اگهه به وڌي رهيا آهن ۽ هاڻ وري بجلي سان گڏ گئس جا به اگهه وڌايا ويا آهن، سنڌ مان گئس نڪرڻ باوجود سنڌين کي گئس فراهم نه پئي ڪئي وڃي، گهريلو صارفين به گئس جو انتظار ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا پر ڪلاڪن جا ڪلاڪ گئس گم رهندي آهي. سنڌين جي احتجاج جو وفاقي حڪومت تي ڪو به اثر نه پيو پئي، جيئن والاريل ڪشميرين جي احتجاج جو ڀارت تي ناهي پوندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي تاريخ ۾ گئس ايتري مهانگي نه ٿي هوندي، جيتري تبديلي سرڪار مهانگي ڪئي آهي ۽ جواز ٻڌايو پيو وڃي ته ملڪ کي هلائڻ لاءِ کين اهڙا فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن، اهو به چيو پيو وڃي ته ماضي جي حڪمرانن جي کنيل قرضن سبب کين ملڪ هلائڻو ڏکيو بڻجي ويو اهي، پر حقيقت اها آهي ته تاريخ ۾ ڪنهن به حڪومت ايترو قرض نه کنيو هوندو، جيترو قرض هن حڪومت کنيو آهي.  

بهرحال اپوزيشن ۽ حڪومت جي جنگ ۾ غريب عوام ئي پسجي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان چئي رهيو آهي ته هو رڳو ملڪ لٽيندڙ جمهوريت پسندن کي اين آر نه ڏيندو، جيڪڏهن اپوزيشن  لٽيل مال واپس ڪندي ته هو استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو، ٻئي طرف پي ڊي ايم رڳو  حڪومت ڪيرائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ ۾ پوري آهي، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن ۽ جي يو آءِ جو اتحاد به رڳو وقتي نظر اچي رهيو آهي، پيپلزپارٽي جو موقف ڌار ۽ نواز ليگ جو موقف تبديل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، هن وقت پنهنجي موقف تي قائم آهي ته اهو جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ئي آهي، جنهن جي ڪري حڪومت به ٿورو وائڙائپ جو شڪار نظر اچي رهي آهي، پي ڊي ايم جي ساک به ان ڪري متاثر ٿي جو هنن جلدي سان حڪومت کي استعيفائن جو الٽيميٽم ڏنو، جنهن سان حڪومت کي ڪجهه به فرق نه پئي ها، پر الٽيميٽم ڏيڻ بعد استعيفائون نه ڏيڻ پي ڊي ايم وارن جي وڏي غلطي هئي، ان مان ثابت ٿيو ته پي ڊي ايم ۾ موجود سموريون جماعتون هن وقت به اختلافن جي ور چڙهيل آهن ۽ انهن اختلافن جي ڪري ئي حڪومت کي ڪجهه وڌيڪ عرصو حڪومت  ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، پر ان باوجود ملڪ جي عوام جي آخري اميد مخالف  ڌر آهي، ڇاڪاڻ ته اٽي، کنڊ، گيهه ۽ ٻين عام واهپي جي شين جي مهانگي ٿيڻ سان غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، عام واهپي جي شين جا اگهه برقرار رکڻ ته ٺهيو، حڪومت مٿان وري بجلي  ۽ پيٽرول جا اگهه ڏينهون ڏينهن وڌائي رهي آهي، جنهن کي ڪو روڪڻ وارو ئي نه آهي، اپوزيشن به رڳو بيان ڏيڻ ۾ پوري آهي، عملي قدم کڻڻ لاءِ ڪير به نظر نه پيو اچي. جيڪڏهن مهانگائي ايئن وڌندي رهي ته  حڪومت ڏينهن پري نه هوندو، جڏهن عوام بنا ڪنهن سياسي پارٽي جي روڊن تي هوندو، جنهن کي حڪومت توڙي مخالف ڌر روڪي نه سگهنديون. پي ڊي ايم وارن لاءِ هي وقت انتهائي سٺو آهي، ڇاڪاڻ ته عوام مهانگائي، بيروزگاري، بک بدحالي کان تنگ اچي چڪو آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر سنجيدگي سان عوامي مسئلن کي اجاڳر ڪيو ته عوام سندن ڀرپور ساٿ ڏيندو ۽ جيڪو ڪافي عرصي کان ڊرامو هلي رهيو آهي، ان جي به آخري قسط ٿي ويندي، اهو تڏهن ئي  ممڪن ٿيندو، جڏهن اپوزيشن پاڻ ۾ ٻڌي ڪندي ۽ پنهنجا اختلاف وساري  ڇڏيندي، نه ته عوام پي ٽي آءِ سرڪار ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جي ويڙهه اسيمبلين ۾ ڏسندو رهندو، ميمبر هڪٻئي کي اسيمبلين ۾ جوتا ڏيکاريندا رهندا، جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن اسيمبلي ۾ ميمبرن هڪٻئي کي گاريون ڏنيون ۽ جوتا ڏيکاريا، لڳي ٿو اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن اپوزيشن ۽ مخالف ڌر جا اڳواڻ هڪٻئي جا بخيا اڊيڙي ڇڏيندا.

بهرحال ڪجهه عرصو اڳ صدر  عارف علوي سنڌ جي ٻيٽن تي والار لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو هو، جنهن تي سنڌ سرڪار ڪجهه وقت خاموش رهي، ڇاڪاڻ ته ٻيٽن تي وڏا شهري اڏي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ اين او سي به سنڌ سرڪار جي ڪامورن جاري ڪئي هئي، جنهن سبب سوشل ميڊيا تي  سخت رد عمل سامهون آيو هو،  ساڃاهه وندن، سياسي سماجي تنظيمن ۽ قومپرست ڌرين پاران ڀرپور آواز اٿاريو ويو ۽ سنڌ سرڪار کي اين او سي واپس وٺڻي پئجي وئي پر بدقسمتي سان اڳ ئي ٻيٽن تي ڪم هلي رهيو هو، وڏي  بلڊنگ به تيار هئي، جڏهن قومپرست ڌريون ٻيڙين ذريعي ٻيٽن ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ان وقت هٿيارن جي زور تي انهن کي روڪيو ويو،جيئن والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کي روڪيو ويندو آهي، ان وقت به سنڌ سرڪار خاموش هئي، هاڻ به ٻيٽن واري معاملي تي خاموش آهي، ان صدارتي آرڊيننس جو مدو ته ختم ٿي ويو پر ان باوجود ٻيٽن تي سنڌين کي وڃڻ جي اجازت نه آهي، جيئن اهي ٻيٽ سنڌ جا نه پر پنجاب جي ملڪيت هجن، بهرحال اهو معاملو پنهنجي جاءِ تي اڃا برقرار آهي، رڳو سنڌ جا ٻيٽ نه پر سنڌ جي سون جهڙي زمين کي سنڌ جي دشمنن کي ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪئي وئي آهي، جنهن خلاف سنڌي قوم سراپا احتجاج بڻيل آهي،

هاڻ ته صدر عارف علوي سينيٽ جي چونڊن بابت هڪ آرڊيننس  جاري ڪيو آهي، جنهن کي سپريم ڪورٽ جي راءِ سان مشروط ڪيو ويو آهي.  اليڪشن ترميمي آرڊيننس 2021 ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان ٽن شقن ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ هن ايڪٽ جي حق ۾ راءِ ڏني ته قانون ۾ تبديلي سان گڏ اوپن ووٽنگ ڪرائي ويندي. آرڊيننس موجب، اوپن ووٽنگ جي صورت ۾ سياسي جماعتن جو سربراهه يا نمائندو ووٽ ڏسڻ جي درخواست ڏئي سگهي ٿو. ٻئي طرف مخالف ڌر جماعتن اوپن بيلٽ ذريعي سينيٽ جي چونڊن کي حڪومتي بدنيتي قرار ڏنو آهي، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته موجوده حڪومت اوپن بيلٽ ذريعي سينيٽ چونڊون هو ڪڏهن به نه ڪرائڻا ڏيندا، ڇاڪاڻ ته کيس عمران خان جي وڏن جون فونون اچي رهيون آهن پرهو ڪنهن به صورت ۾ دٻاءُ برداشت نه ڪندا، فضل الرحمان جو اهو به چوڻ هو ته تبديلي جي سرڪار وڃڻ کانپوءِ هو اوپن بيلٽ ذريعي سينيٽ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ راضي آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ جي تاريخ ۾ هي پهرين حڪومت آهي، جيڪا گهٽ ميمبر هجڻ باوجود بل اڪثريت  سان پاس ڪرائي ويندي آهي، ڀلي اپوزيشن ميمبر هجن يا نه هجن، بل پاڻهي منظور ٿي ويندا آهن. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر حڪومت اوپن بيلٽ ذريعي سينيٽ چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي يا وري اپوزيشن پنهنجي ساک بچائي ٿي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ووٽ پارٽي جي امانت هوندي آهي،جنهن لاءِ اوپن بيلٽ ذريعي سينيٽ چونڊون ڪرائڻ تمام سٺو آهي پر خبر ناهي اپوزيشن ڇو ان تي اعتراض ڪري رهي آهي، مولانا فضل الرحمان جن فون ڪالز جي باري ۾ ٻڌائي رهيو آهي ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته مخالف ڌر ۽  امپائر وچ ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن پر مارچ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو، ان سان حڪومت تي اثر ضرور پوندو.جيڪڏهن پي ڊي ايم مارچ واري فيصلي تي قائم رهي ته پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندا. 

No comments:

Post a Comment