Pages

Monday 15 February 2021

سپر پاور آمريڪا جي ڪمزور ٿيل جمهوريت...!!

صاحب خان ڀٽي

سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس کانپوءِ وڏيون تبديليون آيون، ڪن ملڪن جي معاشي صورتحال خراب ٿي وئي ته ڪن وري ملڪن وئڪسين تيار ڪري مال ڪمائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي پر دنيا جو سپر پاور ملڪ ڪورونا وائرس جي حوالي سان ايترو پريشان نه آهي،جيترو ڪمزور ٿيندڙ جمهوريت کان آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ جمهوري ملڪ ۾ ڪيپيٽل هل تي حملو ٿيو ۽ نئين چونڊيل صدر کي هٿيارن جي ڇانوَ ۾ حلف کڻڻو پيو، جڏهن نئون چونڊيل صدر جو بائيڊن حلف کڻي رهيو هو ته ڪنهن به امڪاني ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج جا وڏا اٽالا بيهاريا ويا هئا ۽ مخصوص ماڻهن کي دعوتون ڏنيون ويون ۽  دنيا کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا وائرس جي ڪري حلف برداري تقريب محدود ڪئي وئي آهي پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ اهڙي ڪڏهن به تبديلي نه آئي هئي، جيڪا هاڻ آئي آهي، ڊونلڊ ٽرمپ جڏهن پنهنجو مدو پورو ڪري وائيٽ هائوس خالي ڪري رهيو  ته ان وقت ئي هن عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ سڄي صورتحال اسان جي پياري ملڪ جهڙي لڳي رهي هئي، ووٽ کي عزت ڏيڻ وارا نعرا آمريڪا ۾ ٻڌڻ اچي رهيا هئا، اهو ان ڪري ٿي رهيو هو جو هڪ ڪاروباري شخص ملڪ جو صدر بڻيو هو ۽ هو ڪنهن به صورت ۾ اقتدار ڇڏڻ نه پيو چاهي، ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي طاقت جو سمورو استعمال ڪيو ۽ ڪيپيٽل هل تي حملو به ڪيو پر کيس ڪجهه نه مليو، ايتري قدر جو ڊونلڊ ٽرمپ جون تصويرون به هڪ فوجي آفيسر  سان وائرل ٿي هيون، ظاهر طور تي ڊونلڊ ٽرمپ مضبوط نظر اچي رهيو هو ۽ ڪاروباري شخصيتون سندس ساٿ به ڏئي رهيون هيون پر آمريڪي عوام کيس ٿڏي چڪو هو ۽ جو بائيڊن کي اڪثريت سان ڪامياب ڪري چڪو هو، پر جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ صدر بڻيو هو، ان وقت ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ڪنهن مخالف پارٽي احتجاج نه ڪيو هو، پر اتان جي عام ماڻهن سندس خلاف مظاهرا ڪيا هئا، پر جڏهن جو بائيڊن صدر چونڊجي آيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين احتجاج ڪيا، ايتري قدر جو ڊونلڊ ٽرمپ پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجي فتح جو به اعلان ڪيو هو، پر ان باوجود هو ڪامياب نه ٿي سگهيو، ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين جو ڪيپيٽل هل تي حملي کانپوءِ آمريڪا جي جمهوريت جو اصل چهرو به سامهون اچي ويو، سڄي دنيا لاءِ مثال بڻيل سپر پاور ملڪ جي جمهوريت هن وقت لوڏن جي ور چڙهي وئي آهي، ڪنهن به وقت آمريڪي جمهوريت جي ڀت کي ڏار پئجي سگهن ٿا، جنهن سان آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ به پيدا ٿي سگهي ٿي. هونئن به ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين جي ڪري اتان جو عوام تمام گهڻو پريشان هو، جيئن اڄڪلهه اسان جي ملڪ جو عوام موجوده حڪومت کان تنگ آهي.

هٿيارن جي ڇانوَ ۾ حلف کڻندڙ جو بائيڊن هن وقت تائين ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي، ايتري قدر جو سينيٽ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف مواخذي واري ڪارروائي رد ڪري ڇڏي آهي، سينيٽ ۾ ريپبلڪن جي ست سينيٽرز سميت 57 سينيٽرز ڊونلڊ کي سزا ڏيڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته 43 سينيٽرز ان سزا خلاف ووٽ ڏنو، جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ کي سزا ڏيارڻ لاءِ 67 ووٽن جي ضرورت هئي، ووٽن جي گهٽتائي جي ڪري آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف مواخذي واري ڪارروائي رد ڪئي وئي.ٽرمپ کان اڳ ٻن صدرن خلاف مواخذي جي رٿون پيش ڪيون ويون هيون پر انهن عوام کي نه ڀڙڪايو هو ۽ نه ئي ان وقت ڪا ڇڪتاڻ واري صورتحال ٿي هئي، ڊونلڊ ٽرمپ اهو واحد صدر آهي، جنهن خلاف مواخذي جون ٻه ڀيرا تحريڪ ڪانفرنس جي منظوري کانپوءِ سينيٽ ۾ٻڌڻي جي مرحلي تائين پهتيون هيون. آمريڪي سينيٽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مواخذي جي ڪارروئي عددي برتري پوري نه هجڻ ڪري رد ڪندي کيس ڪيپيٽل هل جي عمارت تي حملي جي الزام مان آزاد ڪيو، جنهن جي ٽرمپ آجيان ڪندي چيو آهي ته هي ٻيهر آمريڪا کي عظيم بڻائڻ جو تاريخي ۽ خوبصورت وقت آهي.جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ واري الزامن کان آجو ٿيو ته آمريڪي صدر جو بائيڊن سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيوته آمريڪا ۾ هن وقت ڪمزور آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جو هڪ سپر پاور ملڪ جو صدر چئي رهيو آهي ته ملڪ جمهوريت ڪمزور ٿي رهي آهي، ان جو مطلب ته جمهوريت ڪمزور ناهي ٿي پر آمريڪا ڪمزور ٿي رهيو آهي. اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو آمريڪا، شام، عراق ۽ افغانستان تي حملا ڪري اتي بي گناهن جو رت وهايو، افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ٿي ته اسان جي ملڪ جون سرحدون کوليون ويون ۽ مهاجرن جا ڪٽڪ اسان جي ملڪ ۾ داخل ٿيا، اسان جي ان وقت جي حڪمرانن انهن افغان پناهگيرن جو پاڻ وٽ ڪو به رڪارڊ نه رکيو ۽ نه ئي وري انهن کي واپس موڪلڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي، جنهن  جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي ئي ٿيو، افغان دهشتگردن صوفين جي ڌرتي کي رت سان وهنجاريو، جيڪڏهن افغان مهاجرن کي سرحد وٽ ئي ترسايو وڃي ها ته آمريڪا افغان جنگ جا اثر اسان جي ملڪ تي نه پون ها.

بهرحال هاڻوڪو صدر جو بائيڊن چئي رهيو آهي ته آمريڪي جمهوريت لوڏي ۾ آهي، جنهن کانپوءِ کين هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي، پر اهو ناهي ٻڌايو ته آخر جموريت کي ڪير ڪمزور ڪري رهيو آهي، آخر آمريڪا جيڪو دنيا لاءِ جمهوريت جو مثال ملڪ بڻيل هو، ان جي هڪ صدر کي هٿيارن جي ڇانوَ ۾ حلف کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت پئي؟ ۽ هاڻ بائيڊن ڪنهن کان آمريڪي عوام کي هوشيار رهڻ جون هدايتون ڪري رهيو آهي. آمريڪا جي ڪري عراق، شام ۽ افغانستان ۾ جيڪي تباهي ٿي، ان جي ذميواري ڪير کڻندو؟ موجوده آمريڪي حڪومت يا ماضي جون حڪومتون، ان بابت آمريڪي حڪومت ئي وڌيڪ ٻڌائي سگهي ٿي پر اڳوڻو صدر پنهنجي خلاف ڪارروائي رد ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بيان ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ چئي رهيو آهي ته هو آمريڪا کي هڪ عظيم ملڪ بڻائيندو، موجوده صدر ملڪ جي جمهوريت کي ڪمزور قرار ڏئي رهيو آهي ته ٻئي طرف وري اڳوڻو صدر ۽ ڪاروباري شخص ٽرمپ ملڪ کي عظيم بڻائڻ جو وچن  ورجائي رهيو  آهي، جيئن اڄڪلهه اسان پنهنجي ملڪ ۾ مديني واري رياست ٺاهڻ وارا بيان ٻڌي رهيا آهيون. ريپبلڪن پارٽي جي سينيئر اڳواڻ مچ ميڪونل جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پارليامينٽ جي عمارت تي حملي جو ذميوار آهي.ٻئي طرف وري ڊونلڊ ٽرمپ کي هن وقت به پنهنجي پارٽي جو مضبوط ساٿ آهي ۽ پارٽي ڪارڪن سندس حمايت به ڪري رهيا آهن. جنهن مان لڳي پيو ته هن وقت به پارٽي اندر سندس مقبوليت آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو اهو واحد صدر رهيو،جنهن جي دور ۾ ماضي جي شروع ڪيل جنگن کانسواءِ ٻي ڪا نئين جنگ شروع نه ٿي، هن جيڪي ڪجهه تبديليون آنديون، پنهنجي ملڪ اندر ئي آنديون، هن رڳو پنهنجي ملڪ جي عوام کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙيون پاليسيون جوڙيون جنهن سان ڪنهن به ڌاري کي فائدو نه پئي پهچي سگهيو پر ماضي جي آمريڪي حڪمرانن جي دور ۾ڪڏهن طالبان، ته ڪڏهن القاعده، ته ڪڏهن خطرناڪ هٿيارن جو جواز ڄاڻائي اسلامي ملڪن تي حملا ڪيا ويا ۽ دنيا ۾ اسلامي فوبيا کي پکيڙيو ويو، جنهن به ملڪ ۾ تيل جا ذخيرا هئا، اهي ته سپر پاور ملڪ جي اکين ڪنڊي جيان چڀندا هئا، پر ڊونلڊ ٽرمپ ٻاهرن ملڪن تي حملا ڪرڻ بدران آمريڪا ۾ سرحدن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر آمريڪا جون سرحدون ته مضبوط نه ٿيو پر ڪانگريس جي عمارت تي حملي کانپوءِ آمريڪي جمهوريت تي به آڱريون کڄڻ لڳيون. جوبائيڊن جي  جمهوريت ڪمزور ٿيڻ واري بيان کان پوءِ ڪافي ماڻهو حيران ٿي وياآهن ته ڇا آمريڪا جهڙو سپر پاور ملڪ به پنهنجي بيوسي دنيا کي اهڙي نموني ٻڌائي سگهوٿو، ڊونلڊ ٽرمپ ته اسرائيل کي تسليم ڪرائڻ لاءِ عرب ملڪن کي به راضي ڪرايو، هن ويندي ويندي اسلامي ملڪن ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ واري مامري تي جيڪي اخلاف پيدا ڪيا، جنهن جو نقصان مسلمان ملڪن کي ٿيندو. هن وقت عرب ملڪ اسرائيل سان دوستي نڀائي رهيا آهن، آمريڪا جي ڪمزور جمهوريت واري بيان کان پوءِ لڳي ٿو ته دنيا ۾ هڪ ٻيو سپر پاور ملڪ ٿيڻ وارو آهي، اهو چين آهي يا اسرائيل، يا وري ڪو ٽيون ملڪ، اهو ته وقت ئي ٻڌائندو، پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا  آمريڪي صدر جو بائيڊن هڪ ئي وقت ۾ پنهنجي ملڪ جي فوج افغانستان ۽ ٻين ملڪن ڪڍندو يا وري ملڪ جي جمهوريت کي بچائيندو، ڇاڪاڻ ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خلاف ڪارروائي بند ٿيڻ کانپوءِ ضرور جو بائيڊن خلاف ڪا تحريڪ هلائيندو، جنهن سان آمريڪا جي ڪمزور ٿي ويل جمهوريت کي تمام گهڻو نقصان رسندو.

No comments:

Post a Comment