Pages

Tuesday 16 February 2021

فلسطين بڻجي ويل سنڌ...!!

صاحب خان ڀٽي

صوفين جي سرزمين جا اصلوڪا رهواسي اڄ ٻيهر دشمن جي سازش جو شڪار ٿي رهيا آهن، کانئن ڌرتي کسڻ جون تياريون زور ۽ شور سان جاري آهن، هڪ طرف ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ته ٻيو وري انهن کان اجها کسي سندن ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته سنڌي پنهنجا گهر ئي نه ٿا بچائي سگهن ته پوءِ سنڌ ڌرتي کي ڪيئن بچائيندا پر اها انهن جي ڀل آهي، انگريزن جون قبرون اڄ ان جو ثبوت آهن، جن به سنڌ تي حملا ڪيا، انهن جو انجام عبرتناڪ ٿيو آهي، هن وقت سنڌ کي فسلطين بڻائڻ جي ڪا به ڪسر نه پئي ڇڏي وڃي، شروعات ۾ سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو، پوءِ سنڌ جي سرڪاري نوڪرين تي غير سنڌين کي ڀرتي ڪري ڌرتي ڌڻين لاءِ روزگار جا در بند ڪيا ويا، هاڻ وري سنڌ جي زمينن تي والار ٿي رهي آهي، سنڌ جي عوام کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙن ان معاملي تي پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، هن وقت سنڌي قوم مڪمل طور ننڌڻڪي ٿي وئي آهي، سڄي دنيا آڏو ظاهر ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ سنڌين جي ئي حڪومت آهي، جنهن جي ڪري سنڌين جو احتجاج به بي اثرائيتو ٿي رهيو آهي، اهو ان ڪري ٿي رهيو آهي جو اسان جن ماڻهن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو، اڄ انهن جي خاموشي سزا لاءِ تاريخي نقصانڪار ثابت ٿي رهي آهي ۽ سنڌ دشمن پاليسون ڏينهون ڏينهن ڪامياب ٿي رهيون آهن، پيپلزپارٽي جو منشور اٽو، لٽو ۽ اجهو هو پر موجوده پيپلزپارٽي جو نعرو شايد تبديل ٿي ويو آهي جو سنڌي قوم کان اٽو، لٽو ۽ اجهو کسيو پيو وڃي، سنڌ اندر اٽو 70 روپين کان وڌيڪ ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي ۽ ٻين صوبن اندر سستو وڪرو ڪيو پيو وڃي، ايتري قدر جو افغانستان ۾  به اٽو ايترو مهانگو نه هوندو، جيترو سنڌ اندر مهانگو آهي، روزگار جا در بند ٿيڻ جي ڪري لٽي بابت ته سوچي ئي نٿو  سگهجي، رهي ڳالهه جيڪا ڪچا گهر هئا، غريب ماڻهو پنهنجن ٻچن کي ڪچن ۽ ڪکاون گهرن ۾ پالي رهيا هئا، اها ڇت به کانئن کسي پئي وڃي.

شروعات ۾ عدالتي حڪم تحت ٻيلي کاتي جي زمين آباد ڪندڙن جا فصل ڀيلايا ويا ۽ ان کانپوءِ حددخليون جو جواز ڄاڻائي غريب ماڻهن جا اجها ڊاٿا ويا، ڪراچي جي سنڌي وسندين کي خاص طور نشانو بڻايو ويو، ڪڏهن ڪهڙي کاتي جي زمين ڄاڻائي ڪاهه ڪئي وئي ته ڪڏهن وري بلڊر مافيا جي چرچ تي ڌرتي ڌڻين جا اجها ڊاٿا ويا، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کانپوءِ ٻين شهرن ۾ به ڪيترن ئي غريبن جا اجها ڊاهي پٽ ڪيا ويا، سکر ۾ مسجدن کي به شهيد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ مذهبي جماعتون روڊن تي نڪري آيون هيون ۽ مسجدن کي شهيد ڪندڙن جون وائون بتال ٿي ويون هيون ان کانپوءِ مسجدن کي شهيد ڪرڻ وارو سلسلو ته رڪجي ويو پر غريب ماروئڙن جا گهر بچائڻ لاءِ ڪنهن به سياسي توڙي سماجي اڳواڻن ڪا به حڪمت عملي نه اپنائي جنهن سبب سنڌين جا گهر ڊاهڻ واري سلسلي ۾ تيزي اچي وئي، معصوم ٻارڙا توڙي پيرسن عورتون پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪرڻ لڳا پر وقت جي حڪمرانن کي غريبن جي هٿن ۾ کنيل پاڪ ڪتاب نظر نه آيو، نه ئي انهن کي ڪو رحم آيو ته انهن کان اجها نه کسيا وڃن. هن وقت ڪيترائي ماروئڙا سياري جي موسم هوندي به کليل آسمان هيٺ ويٺل نظر اچي رهيا آهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ حددخليون جو جواز ڄاڻائي غريبن جا اجها ڊاٿا پيا وڃن، پر ايڪڙن تي وڏيون وڏيون ڀتون ڏئي والار ڪندڙن خلاف ڪو پڇڻ وارو ئي ناهي،نه ئي وري حڪمرانن کانپوءِ پڇڻ وارو آهي ته انهن سنڌ جي سرڪاري زمين ٻين صوبن جي ماڻهن کي خيرات ۾ ڇو ڏني، آخر سنڌ سان ايڏو ظلم ڇو ڪيو پيو وڃي. انهن جو ڏوهه آخر ڪهڙو آهي؟

سنڌ جون زمينون پنجاب جي ماڻهن کي خيرات ۾ ڏيڻ تي ڪنهن به سنڌي احتجاج نه ڪيو هو، پر  هاڻ سنڌين کان اجها به کسيا پيا وڃن ۽ چيو پيو وڃي ته اهي غيرقانوني آهن، هاڻ اهڙا فيصلا ڪندڙن کان ڪير پڇندو ته سنڌي غيرقانوني آهن يا وري سنڌ ۾ رهندڙ ڌاريا غير قانوني آهن؟ آخر ڌارين کي  ڪهڙي قانون تحت سنڌ ۾ نوڪريون ۽ گهر ڏنا ويا آهن، آخر ٻين صوبن جي ماڻهن پاران قبضو ڪيل زمين ڪير آجي ڪرائيندو، شايد پوليس ۽ ٻين ادارن کي ايتري همٿ به نه هوندي ته اهي سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ رهندڙ افغانين کان زمين آجي ڪرائي ڇڏين يا وري ڪراچي جي پهاڙن تي وڏيون وڏيون عمارتون ٺاهي رهندڙ ڌارين خلاف به ڪارروائي ڪن. رڳو سنڌي قوم کي ٽارگيٽ ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي، ان جو سڀ کان وڏو ثبوت تازو وفاقي حڪومت پاران ڪشميرين کي سنڌ ۾ سرڪاري زمينون ڏئي آباد ڪرڻ واري فصيلي مان ملي ٿو، جڏهن وفاق خالي پيل زمين جا سنڌ جي حڪمرانن کان تفصيل گهريا ته هنن دير ئي نه ڪئي ۽ ليٽر به جاري ڪري ڇڏيو، هڪ طرف سنڌين جا گهر ڊاهي انهن کي بي گهر ڪرڻ جي ڪڌي سازش تي ڪم هلي رهيو آهي ته ٻئي طرف وري سنڌ جا حڪمران سنڌين کي سرڪاري زمينون ڏيڻ بدران ڌارين کي زمينون ڏيڻ واري فيصلي تي لبيڪ چئي رهيا آهن، لڳي ايئن ٿو ته اهڙا فيصلا سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ئي ڪيا پيا وڃن، جيڪڏهن وفاق ۽ سنڌ حڪومت سنڌي قوم سان مخلص هجن ها ته سنڌين کي بي گهر ڪرڻ بدران انهن کي گهر ڏي ها، جيڪڏهن انهن وٽ وسيلا ناهن ته پوءِ ڪشميرين، بنگالين، بيهارين، برمين کي هو ڪهڙن وسيلن تحت آباد ڪري رهيا آهن، آخر سنڌ ڌرتي کي فلسطين بڻائڻ جي سازش اسان جا پنهنجا ملوث نظر ڇو  اچي رهيا آهن.

سنڌ جي حڪمرانن کي ته سنڌي قوم کي اجها ڏيڻ گهرجن ها، پر بدقسمتي سان ووٽ ڏيڻ باوجود سنڌي قوم جي قسمت تبديل نه ٿي سگهي آهي، هن ملڪ جي قيام کان وٺي هيل تائين رڳو سنڌين سان ويساهه گهاتي ٿي آهي، جڏهن ڪو حقن جي ڳالهه ڪري ٿو ته انهن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن قومپرست احتجاج ڪن ته حڪمران جماعت قومپرستن لاءِ رڻ ٻاري ڏئي ٿي، ڪڏهن  انهن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا ته ڪڏهن وري انهن کي جيلن ۾ بند ڪري سزا ڏني وڃي ٿي، بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سنڌ  دشمن فيصلن ۾ ايتري تيزي آئي آهي، جو شايد اڳ ۾ نه آئي هوندي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ سان گڏ  سنڌ جي ٻيٽن تي به وفاق جي ڪرڙي نظر آهي، سنڌ جا حڪمران ته اهي ٻيٽ وفاق کي ڏيڻ لاءِ تيار هئا، ان حوالي سان اين او سي به جاري ڪئي وئي هئي پر سنڌي قوم جي سخت احتجاج کانپوءِ پيپلزپارٽي کي يوٽرن وٺڻ پيو، جيئن عمران خان يوٽرن وٺندو  آهي، ايئن سنڌ جا حڪمران سنڌ ۾ سنڌ دشمن پاليسين تي يوٽرن وٺي رهيا آهن، سنڌ جي حڪمرانن ٻيٽن واري مامري تي يوٽرن ورتو پر ان باوجود وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي وڏا شهر اڏڻ واري فيصلي تي قائم آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت مخلص هجي ها ته ٻيٽن تي شهر اڏيندڙن کي خط لکي منع ڪري ها ۽ ٻيٽن تي پنهنجي ملڪيت جي دعويٰ ڪري ها پر سنڌ جي حڪمرانن ايئن نه ڪيو، ڪارونجهر جي ڪٽائي واري مامري تي مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي وئي، هاڻ جڏهن غريبن جا اجها ڊاٿا پيا وڃن ته ان وقت به سنڌ جا حڪمران اکيون ٻوٽي بيٺا آهن.

سنڌ ۾ روز ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ غريبن جا اجها ڊهندي ڏسي تمام گهڻو افسوس ٿي رهيو آهي ۽ سوچڻ تي مجبور ٿي رهيا آهيون ته ڇا اهڙي رياست کي ماءُ  جو درجو ڏئي سگهجي ٿو، جيڪا پنهنجي ٻچن کي بي گهر ڪري ۽ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي ڇڏي، روزگار، گهر ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ ته رياست جي ذميواري هوندي آهي پر هن رياست ۾ ته سنڌين لاءِ سرڪاري ادارن جا در بندڪيا ويا آهن، جتان  تيل ۽ گئس نڪري ٿو، انهن ڪمپنين ۾ به سنڌي اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن، مطلب نه هئڻ برابر آهن، ٻين صوبن جي ماڻهن کي انهن ڪمپنين ۾ ترجيح ڏني ويندي آهي پر اسان جا حڪمران ان تي به مجرماڻي خاموشي اختيار ڪري ويٺو آهن پر هاڻ روزگار کسڻ کانپوءِ گهر به کسيا پيا وڃن، آخر ايتري پوليس ڌرتي ڌڻين جا گهر ڊاهڻ بدران ڌارين کي ڪڍڻ لاءِ استعمال ڪئي وڃي ها ته شايد اڄ سنڌ فلسطين بڻجڻ جو ڏيک نه ڏي ها، مصعوم ٻار پنهنجي ڊٿل گهرن ڏانهن نهاري روئي رهيا آهن پر افسوس جو وقت جي حڪمران کي ڪو به ڪياس نه پيو اچي. آخر ڪو ته انهن بي گهرن ٿيلن جي واهر ڪري هي وقت سجاڳ ٿيڻ جو آهي، جيڪڏهن سنڌ جون قومپرست ڌريون اهڙن معاملن تي خاموش رهيون ته سنڌ هاڻ ته فلسطين جو ڏيک ڏئي رهي آهي پر ڪجهه عرصي کانپوءِ سنڌي قوم جي فلسطينين کان بدتر صورتحال ٿي ويندي. وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ حڪومت وٽ ڪشميرين کي آباد ڪرڻ لاءِ سرڪاري زمين ته موجود آهي پر  ڌرتي ڌڻين لاءِ انهن وٽ ڪجهه به ناهي. هن مشڪل جي گهڙي ۾ سڀني سنڌين کي گڏجي هڪ آواز ٿيڻو پوندو، جيڪي به سنڌ دشمن پاليسيون جوڙيون ويون آهن، ان خلاف ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي ۽ سنڌ سان جعلي همدردي جو اظهار ڪندڙن جون اکيون پٽجن ته سنڌي ننڌڻڪا نه آهن جو اوهان سنڌ جي زمينن جي والار ڪري اتي وڏا وڏا هوٽل، شادي هال ۽ سينيما هالز ٺاهي عياشيون ڪيو ۽ سنڌين کان گهر کسي انهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو.

No comments:

Post a Comment