Pages

Monday 8 February 2021

سنڌ جي مستقبل سان کيڏندڙ حڪمران....!!

صاحب خان ڀٽي

ملڪ ٺهڻ کان هن وقت تائين سنڌي قوم جي تقدير ته تبديل ناهي ٿي سگهي پر گئس، تيل، ڪوئلو ۽ ٻين معدني وسيلن جي ڦر لٽ آهي، وفاق جي ماتحت  ادارن ۾ ته سنڌي ماڻهو اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن، سنڌ ۾ جيڪي سرڪار ادارا آهن، انهن ۾ سفارش تي غير سنڌين کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، شايد سنڌ  پاڪستان جو اهو واحد صوبو آهي، جتي سڄي ملڪ جي ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون ۽ زميون ڏئي آباد ڪيو ويو آهي، ستر سال کان ڌارين کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، سنڌ جا حڪمران رڳو حڪمن تي عمل ڪندي نظر اچي رهيا آهن، ڪنهن به وزير سنڌين ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ انهن کي نوڪريون ڏيڻ واري معاملي تي ناهي ڳالهايو، هاڻ ڳالهه ڌارين جي آبادڪاري کان وڌي انهن کي مستقل آباد ڪري تائين پهتي آهي، زمينن جي والار به ڪافي حد تائين پوري ٿي چڪي آهي، غير سنڌي بلڊرز مافيا کي سنڌ سرڪار ڀڳڙن مٺ زميون وڪري ڪري ڇڏيون آهن،ملڪ جي وڏي بلڊر ته سنڌي وسندين کي پنهنجي ملڪيت سمجهي اهلڪارن ذريعي ڊهرائڻ لڳو آهي ۽ سنڌ جا حڪمرانن انهن جي هر طريقي سان مدد ڪري رهياآهن، ٻيٽن تي قبضي کانپوءِ  سنڌ ۾ غير سنڌين کي وڏين وڏين پوسٽن تي مقرر ڪيو ويو آهي، هر اداري ۾ ڌارين جي لوڌ  ڀرتي ٿيل نظر اچي رهي آهي ۽ سنڌ جا نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي  نوڪرين لاءِ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي گهرن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن، اهي وري انهن کي پنهنجي پارٽي جي گانن تي نچائڻ ۾ پورا آهن، ٻئي طرف وري غير سنڌي سولائي سان  سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري پنهنجي روزگار سان لڳي ويا آهن، سنڌ جا حڪمران سنڌ جي ماڻهن کي رڳو ان وقت ئي ياد ڪندا آهن، جڏهن کين ووٽ وٺڻ جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ڪنهن غير سنڌي جو گٽر بند ٿي ويندو آهي ته وڏو وزير آڌي رات جو به اتي پهچي ويندو آهي، هوڏانهن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ معصوم نياڻيون قتل ٿي وڃن، ماڻهن کڀنجي وڃن، سنڌ جي نياڻين تي حملا ڪري انهن جي تذليل ڪئي وڃي پر  وڏو وزير سڪون جي ننڊ ستل نظر ايندو آهي، ايئن لڳندو آهي ته اسان سنڌي پناهه گير آهيون ۽ افغانستان، ڀارت، برما  ۽ ايران مان آيل سنڌ جا اصلوڪا وارث هجن، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سنڌ جي حڪمرانن کي سنڌي قوم جي ڳڻتي هجي ها، انهن کي  ايئن ننڌڻڪو نه ڪيو وڃي ها.

بهرحال هن وقت سرڪاري نوڪرين تي جهڙي ريت رٽائرڊ ماڻهن ۽ غير سنڌين کي ڀرتي ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن مان لڳي پيو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ اٽي جي لوڻ برابر ڀرتي ٿيل سنڌي به ڪو نه نظر ايندا، سنڌ حڪمران پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ ۾ لڳا پيا آهن، سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ويٺل سنڌ دشمن غير سنڌين جي ڀرتي ۾ لڳا پيا آهن، سنڌ پوليس هجي يا وري ڪو ٻيو ادارو، سڀني ادارن ۾ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جا ماڻهو ڀرتي ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ جا نوجوان بيروزگاري، بک بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر ان باوجود سنڌ سرڪار کي انهن تي ڪو به رحم نه پيو اچي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ٻين صوبن ۾ ڪنهن به سنڌي کي سرڪاري نوڪري  ناهي ڏني وئي، نه ئي ڪو سنڌي پاڪستان جي ٻئي صوبي ۾ وڃي ڪم ڪندو آهي پر ان باوجود سنڌ جي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو ڇو پيو هنيو وڃي، اهل ڪير آهي ۽ ڪير نه؟ اهو حق ٻين صوبن کي نٿو ڏئي سگهجي، سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ۾ پهريون حق سنڌ جي نوجوانن جو آهي، ٻين ملڪن مان اچي ماڻهو سنڌ ۾ بدمعاشي ڪري رهيا آهن، مذهب جي نالي تي نوڪريون حاصل ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ جي ماڻهن کي خانگي اداري ۾ به نوڪري نه ٿي ڏني وڃي، انهيءَ سڄي سازش پٺيان سنڌ دشمنن جو ئي هٿ آهي ۽ سنڌ سرڪار سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

سنڌ ۾ ڀلي وفاقي ادارو هجي يا وري صوبائي سطح جو سرڪاري اداري هجي، انهن سڀني ادارن ۾ ڪيترا سنڌي ڀرتي ٿيل  آهن ۽ ڪيترا غير سنڌي ڀرتي ٿيل آهن، انهن جون جيڪڏهن لسٽون جاري ڪيون وڃن ته وفاق جون پاليسون پڌريون ٿي وينديون، آخر ڇو ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ سرڪاري نوڪريون ڏنيون پيون وڃن، هزارين سنڌي نوجوانن هر سال يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪي سرڪاري نوڪريون نه ملڻ جي ڪري دڪان هلائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جيڪڏهن نوڪرين لاءِ احتجاج ڪن ته سنڌ سرڪار ئي انهن کي اهلڪارن ذريعي تشدد ڪرائي ڀڄائي ڇڏي ٿي ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو عياشي سان سرڪاري نوڪريون ڪري رهيا آهن.  

هاڻ وري سرڪاري نوڪرين کان پوءِ سنڌ جي يونيورسٽين ۾ به ٻين صوبن  جي شاگردن کي داخلائون ڏنيون پيون وڃن، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا شاگرد سولائي سان سنڌ جي يونيورسٽين ۾ داخلائون وٺي وڃن ٿا ۽ سنڌي شاگردن کي داخلا به نه ٿي ملي، ماضي ۾ هڪ دهشتگرد تنظيم جو سنڌ جي گادي واري شهر تي راڄ قائم هو، ان وقت ته سنڌ دشمنن سنڌي شاگردن جي يونيورسٽين ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي پر انهيءَ دهشتگرد جڏهن پنهنجي آقائن خلاف ڳالهايو ته پوءِ وڃي ڪراچي جي شهرين سک جو ساهه کنيو. هن وقت به اهي تعصب پرست مختلف وقتن تي  يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن کي تنگ ڪندي نظر ايندا آهن، ڪڏهن سنڌي شاگردن کي هاسٽل مان بيدخل ڪرائيندا آهن ته ڪڏهن وري مختلف حربن سان پريشان ڪندا آهن.  تازو ئي پي ايم سي ايم بي بي ايس جي انٽري ٽيسٽ ورتي هئي، جن شاگردن جو ڊوميسائيل سنڌ جو هو، انهن کي فيل ڪيو ويو هو، اهڙن شاگردن کي پاس ڪيو ويو، جن جو تعلق پنجاب سان هو، اهي سمورا شاگرد پنجاب جو ڊوميسائيل رکندڙ هئا. سنڌ جي ساڃاهه وندن پي ايم سي پاران ميڊيڪل جهڙي اهم شعبي ۾ داخلائن لاءِ ورتل لکت واري امتحان جي رزلٽ کي دشمن قرار ڏئي جاچ جو مطالبو ڪيو پر ان جو ڪو به کڙ تيل نه نڪتو. جنهن سبب سنڌ جي شاگردن ۾ مايوسي جي لهر پکڙجي وئي. سنڌ جي شاگردن جو موقف هو ته اين ٽي ايس ٽيسٽ ۾ جيڪو سوالنامو ڏنو ويو هو اهو آئوٽ آف ڪورس مان آهي، ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن طرفان پي ايم سي جي نتيجن خلاف احتجاج جو اعلان به ڪيو ويو هو پر ان باوجود سنڌ سرڪار وفاق آڏو پنهنجو اثرائتو احتجاج رڪارڊ نه ڪرائي سگهي ۽ سنڌ جي شاگردن کي پوئتي ڌڪي ويو. سرڪاري نوڪريون ته اڳ به سازش تحت ڌارين کي ڏنيون وينديون هيون، هاڻ وري يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن کي فيل ڪري داخلائون به ڌارين کي ڏنيون پيون وڃن، جيڪڏهن ڪو شاگرد احتجاج ڪري ته مٿس ڪيس داخل ڪرڻ جو خدشو وڌي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ جڏهن به سنڌين حقن لاءِ احتجاج ڪيو ته انهن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا يا وري انهن تي لٺبازي ڪرائي وئي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي هر سرڪاري اداري ۾ سڀ کان پهرين اوليت سنڌي ماڻهن کي ڏياري، اڄ سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن ته ان جو ڪارڻ هر اداري ۾ غير سنڌي کي ڀرتي ڪرڻ ئي آهي. ٻين صوبن مان ماڻهو سنڌ جي شهرن ۾ اچي نوڪريون حاصل ڪري وڃن ٿا ۽ سنڌي وري ريڙها هلائڻ ۾ پورا آهن. سنڌ جا حڪمران ووٽ سنڌي ماڻهن کان وٺن ٿا، جنهن ڪري انهن تي اهو فرض آهي ته سنڌ جي هر سرڪاري اداري ۾سنڌي ماڻهن کي سرڪاري نوڪري ڏياري، باقي پرائيوٽ سيڪٽر ۾ جيڪڏهن ڪو ڌاريو اچي ڪم ڪري ٿو ته ان سان فرق نه پوندو پر سڀ کان پهرين سنڌ جي يونيورسٽين ۾ داخلائن جو حق سنڌين جو آهي، ٻين صوبن جي شاگردن کي تڏهن داخلائون ڏنيون وينديون آهن، جڏهن اوهان سنڌي شاگردن کي سهولتون فراهم ڪري سگهو، وفاقي حڪومت سنڌي شاگردن کي سهولتون فراهم نٿي ڪري سگهي ته پوءِ سنڌ ۾ ٻين صوبن جي شاگردن کي ڪيئن پاس ڪرائي رهي آهي.  سنڌ جي حڪمرانن کي شاگردن جي داخلائن ۽ سرڪاري نوڪرين واري مامري تي اک پٽڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جو مستقبل بچي سگهي.

No comments:

Post a Comment