Pages

Friday 12 February 2021

سينيٽ چونڊ ۽ اميدوارن جون نامزدگيون...!

صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ هن ڀيري سينيٽ چونڊن تي وفاقي حڪومت ۽ مخالف ڌر جماعتون آمهون سامهون ٿي ويون آهن، وفاقي سرڪار اوپن بيلٽ ذريعي اليڪشن ڪرائڻ چاهي ٿي، ان حوالي صدر عارف علوي صدارتي آرڊيننس  به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مشروط ڪيو ويو آهي پر ان باوجود مخالف ڌر ان کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏئي رهي آهي، ان معاملي تي ٻنهي ڌرين وچ ۾ اتفاق ناهي ٿي سگهيو، جيئن ته ملڪ ۾ سينيٽ چونڊون 3 مارچ تي ٿي رهيون آهن، ان حوالي سان سياسي پارٽين پنهنجي حڪمت عملي جوڙڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو سينيٽر لاءِ نامزد ڪرڻا آهن، ان حوالي سان انهن جي مشاورت به جاري آهي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن طرفان سينيٽ چونڊن بابت شيڊول به جاري ڪيو ويو آهي. پر حڪومت چاهي ٿي ته هن ڀيري ملڪ ۾ سينيٽ چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ڪرايون وڃن، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس به داخل ڪرايو ويو آهي ۽ ڪابينا به اليڪشن اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي منظور ڏئي چڪي آهي پر مخالف ڌر انهيءَ عمل کي بدنيتي قرار ڏيندي ٿڏي ڇڏيو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ سرڪار  پنهنجي شڪست ڏسي، اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي.

هڪ طرف مخالف ڌر وفاقي حڪومت خلاف اتحاد جوڙي عوامي ميڙاڪا ڪرائي رهي آهي ته ٻئي طرف وري ضمني چونڊ هجي يا وري سينيٽ چونڊون هجن، ان ۾ به حصو وٺي رهي آهي، ايتري قدر جو اسيمبلي مان ڪو بل منظور ڪرائڻو هجي تڏهن به اپوزيشن موجود هوندي آهي ۽ ايوانن ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو  ويندو پر ان باوجود حڪومت تي ڪو به دٻاءُ نه پيو پئي، وزيراعظم عمران خان جڏهن به ٽي وي تي اچي ٿو ته صرف هڪ ئي جملو ڳالهائي ٿو ته ڪجهه به ٿي پئي، هو اپوزيشن کي اين آر او نه ڏيندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت نيب جون ڪارروايون ٿورو سست رفتاري جو شڪار ٿي ويون آهن ۽ سست رفتاري پي ڊي ايم جي جلسن کانپوءِ ٿي آهي نه ته اسان کي روز ڪنهن نه ڪنهن سياسي اڳواڻن تي ڪرپشن جا الزام لڳندي ۽ سندن گرفتاري جون خبرون ٻڌڻ لاءِ ملنديون هيون، هن قت ڪافي گرفتار سياستدان  ضمانتن تي آزاد به ٿي چڪا آهن، ايتري قدر جو ڪجهه بيمارين جي علاج لاءِ پرڏيهه ويل آهن، سياستدانن جي آزاد ٿيڻ مان لڳي ٿو ته پي ڊي ايم جي جلسن جو دٻاءُ حڪومت تي تمام گهڻو پئجي ويو آهي، جنهن سبب اسان کي هاڻ ماضي جا سياستدان چور آهن، جهڙا جملا ٻڌڻ ۾نه پيا ملن، هن وقت رڳو بحث سينيٽ جي چونڊ جو هلي رهيو آهي ۽ پي ڊي ايم جي جلسن تي نه اپوزيشن جو ڌيان آهي ۽ نه ئي وري حڪومت جو آهي، رڳو  سينيٽ ۾ ڪامياب ڪيئن ٿيڻ گهرجي واري پاليسي تي عمل ٿي رهيو آهي، حڪومت انهن سمورن سينيٽرن کي وائکو ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪي ماضي ۾ هارس ٽريڊنگ جو حصو رهيا آهن ۽ اپوزيشن  في الحال اوپن بيلٽ ذريعي اليڪشن نه ٿي ڪرائڻ چاهي، هاڻ خبر نه آهي ته آخر ڇو اپوزيشن  اوپن بيلٽ جي خلاف آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو تمام سٺو فيصلو آهي، ان سان ووٽن جي خريد ۽ وڪري بابت پارٽين کي خبر پئجي ويندي ته آخر ڪهڙو ميمبر سندن خلاف آهي.

بهرحال وزيراعظم عمران خان چئي ڇڏيو آهي ته سندس ڪوشش آهي ته هن ڀيري سينيٽ جي چونڊن ۾ پئسو نه هلي، ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته ماضي ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ پئسو هليو آهي ۽ عمران خان پاڻ انهيءَ جو اعتراف ڪيو آهي، جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ ان معاملي جي به جاچ ٿيڻ گهرجي ته آخر ڪنهن ڪنهن سينيٽ جي چونڊن ۾ پئسو هلايو آهي، جنهن کانپوءِ سڀ ڪجهه پڌرو ٿي ويندو، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان به سينيٽ جي چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن تي غُور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايتري قدر جو اميدوارن کي ميرٽ تي ٽيڪٽس ڏيڻ جي به هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته پيپلزپارٽي جي پارلياماني بورڊ سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. پيپلزپارٽي جي امڪاني اميدوارن جا نالا ظاهر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ هن ڀيري سنڌي سينيٽر چونڊرائڻ وارو بحث به شروع ٿي ويو آهي، سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيو آهي ته سنڌ مان اڪثريت سان ڪامياب ٿيندڙ پارٽي هن ڀيري ڪيترن سنڌين کي سينيٽ جون ٽڪيٽون ڏئي ٿي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن جي منظوري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڏني آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن لاءِ شيري رحمان، سليم مانڊوي والا جا نالا فائنل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ پلوشه خان کي نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پيپلزپارٽي جي جنرل سيٽ لاءِ ڄام مهتاب ڏهر ۽ تاج حيدر کي به ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته سينيٽ چونڊن لاءِ نامزد اميدوارن کي وزيراعليٰ هائوس طلب ڪيو ويو آهي. جنهن دوران اميدوارن جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي. جڏهن کان اهي نالا ميڊيا تي هليا آهن، تڏهن کان سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي ته پلوشه خان جو ووٽ سنڌ منتقل ڪري ان کي چونڊرائڻ جو فيصلو ڇو ڪيو ويو؟ ان جو جواب ته هاڻ پيپلزپارٽي وٽ ئي هوندو.

هن وقت پلوشه خان واري مامري تي بحث ڇڙي پيو آهي ۽ سنڌي قوم چاهي ٿي ته هن ڀيري پيپلزپارٽي سنڌين کي سينيٽ ۾ چونڊرائي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي کي مينڊيٽ سنڌ جي عوام ئي ڏنو آهي، هر ڀيري اقتدار ۾ پيپلزپارٽي سنڌي قوم جي ووٽ ذريعي ايندي آهي ته سينيٽ ۾ به اڪثريت سنڌين جي ئي هئڻ گهرجي، جيڪي به سينيٽر پيپلزپارٽي چونڊرائي، ان ۾ سنڌي به اڪثريت ۾ هجن ته جيئن سنڌي قوم جو آواز هر ايوان ۾ بلند هجي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر پيپلزپارٽي سنڌي سينيٽرن کي چونڊرائيندي يا وري غيرسنڌين کي، ان بابت ته اسان کي 3 مارچ کانپوءِ خبر پوندي، پر سينيٽ چونڊون ٿينديون به يا نه ان بابت چوڻ هن وقت ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته جهڙي ريت حڪومت ۽ مخالف ڌر جماعتون اوپن بيلٽ واري مامري تي آمهون سامهون آهن، سينيٽ جون چونڊون به  رولڙي جو شڪار نظر اچي رهيون آهن. لڳي ٿو ته هن ڀيري  سينيٽ اليڪشن ۾ڇڪتاڻ به وڌي سگهي ٿي. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ان سان جمهوريت کي نقصان پهچندو، حڪومت کي گهرجي ته ان مامري تي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ بدران ڪميٽي جوڙي اپوزيشن سان ڳاليهون ڪري ته جيئن اهو مسئلو جلد حل ٿي سگهي ۽ سينيٽ چونڊون صاف شفاف نموني ٿي وڃن ته بهتر ٿيندو. باقي طاقت جو استعمال اسلام آباد ۾ ٿيل سرڪاري ملازمن تي به ڪيو ويو هو، ان تي به آخرڪار حڪومت کي ڳالهيون ڪرڻيون پئجي ويون هيون،  اگر ڳالهيون ئي مسئلي جو حل آهن ته پوءِ طاقت جو استعمال ڪري دنيا آڏو پاڻ کي وائکو نه ڪيو وڃي.

No comments:

Post a Comment