Pages

Tuesday 23 February 2021

خوني ويڙهه ۾ تبديل ٿيل ملڪي سياست

 صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ تبديلي اچڻ کانپوءِ مهانگائي، بيروزگاري ۽ بک بدحالي صورتحال انتهائي سنگين ٿي وئي آهي، عام ماڻهو مهانگائي جي ڪري تمام گهڻو پريشان نظر اچي رهيا آهن، اتي سياستدان به ڪرپشن ڪيسن کي منهن ڏيندي ڏيندي ٿڪجي پيا آهن، پر اتحاد ٺهڻ کانپوءِ سياستدانن به سک جو ساهه کنيو آهي ۽ اپوزيشن کي نيب جي ڪارروائن کان ڇٽڪارو ملي رهيو آهي، مخالف ڌر اڳواڻ پنهنجي مٿان لڳل ڪيس سياسي ۽ انتقامي ڪارروائي قرار ڏئي رهيا آهن پر وزيراعظم عمران چئي ڇڏيو آهي ته جيستائين ملڪ جو لٽيل ناڻو واپس نه ڪيو ويندو هو ڪرپٽ سياستدانن کي نه ڇڏيندو پر هن وقت سندس سيٽ به لوڏن ۾ اچي وئي آهي، پي ڊي ايم جي اتحاد ۽ لانگ مارچ واري اعلان کانپوءِ سياست ۾ تمام گهڻيون تبديليون اچي ويون آهن، هر طرف مخالف ڌر جماعت ۽ حڪمران جماعت جا ڪارڪن آمهون سامهون نظر اچي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ ملير ۾ ٿيل ضمني چونڊ ۾ ٻن پارٽين جا ڪارڪن آمهون سامهون ٿي ويا ۽ فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ واري واقعي کانپوءِ ايئن لڳي رهيو هو ته ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ماضي واري دهشتگرد تنظيم سرگرم ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ جڏهن ڪراچي اندر ڪنهن سيٽ تي چونڊ ٿيندي هئي ته ان وقت ڪراچي ۾ فائرنگ جا واقعا پيش ايندا هئا ۽ هر طرف دهشتگردن جو راڄ هو پر  مسلم ليگ ن جي اچڻ کانپوءِ  خاص طور تي ڪراچي جي شهرين سک جو ساهه ڪيو ۽ دهشتگرد ٻرن ۾ لڳي ويا هئا.

ملير واري تڪ تي ٿيل چونڊ دوران ڇڪتاڻ ته ٿي هئي پر ڪو جاني نقصان نه ٿيو پر ڊسڪه جي ڳوٺ گوند ڀرسان رنجائي اسٽاپ تي پولنگ اسٽيشن ۾ ڀڃ ڊاهه ٿي، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ دوران ٻن گروپن ۾ جهيڙي ۽ فائرنگ سبب 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. جن مان هڪ جو تعلق پي ٽي آءِ ۽ ٻئي جو تعلق مسلم ليگ ن سان ٻڌايو ويو. پوليس صورتحال تي ضابطو ته آندو پر ان باوجود ٻن ڄڻن جون جانيون بچي نه سگهيون. هونئن ته پنجاب مسلم ليگ جو ڳڙهه سمجهيو ويندو هو، جيئن سنڌ پيپلزپارٽي جو سمجهيو ويندو آهي پر تبديلي وارو نعرو هڻندڙن پنجاب ۾ڪاميابي حاصل ڪري ملڪ جون واڳون سنڀاليون ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کي ملڪ مان علاج لاءِ ٻاهر وڃڻو پئجي ويو، هو ڪهڙي وقت ڏيهه واپس ايندو، ان بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو پر سندس ڌيءُ پارٽي کي سٺي نموني سنڀالي رهي آهي ۽ هن سياست ۾ پنهنجي جاءِ به ٺاهي ڇڏي آهي، سندس سياسي سگهه به وڌي رهي آهي، هونئن ته ماضي ۾ سياست ۾ گار گند ته هلندو هو پر  نئين پاڪستان ۾ چونڊن دوران گولين جو هلڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي، جنهن سيٽ تي ڪافي عرصي کان هڪ ئي پارٽي کٽندي هجي اتي ووٽ ٽوڙڻ ڪو سولو نه هوندو آهي، پر نئون پاڪستان آهي، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ملير واري تڪ تي پي ٽي آءِ کي شڪست ملي ۽ نوشهره ۾ کيس ناڪامي ملي، قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 75 تي به چونڊن رتوڇاڻ ٿي. جنهن کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو اين اي 75 ڊسڪه ۾ ٻيهر چونڊن جو مطالبو ڪيو آهي، مريم نواز پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عوام ووٽ چورن جا چهرا سڃاڻي ٿو، ماڻهن ضمني چونڊن ۾ ووٽ جي عزت لاءِ جنگ وڙهي ۽ سرخرو ٿيا.عوام نه رڳو ووٽ ڏنو پر آخري وقت تائين چوڪيداري به ڪئي. هوڏانهن وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڊسڪ ۾ ليگي ٽولن پولنگ اسٽيشنز کي يرغمال بڻايو ۽ ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪيو، ذميوارن کي انجام تائين پهچايوويندو.

جهڙي ريت چونڊن دوران فائرنگ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن ته  لڳي ٿو ته ملڪ اندر امن امان جي صورتحال ٻيهر خراب ٿي رهي آهي، اڳ ئي ملڪي معشيت جو  برو حال آهي، ان وقت سياسي پارٽين ۾ خوني ويڙهه سان ملڪ کي عالمي سطح تي نقصان پهچندو، سياسي جماعتن کي چونڊن دوران پنهنجن ڪارڪنن کي حالتون  خراب ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ سان جمهوريت کي به نقصان رسندو، جڏهن ملير ۾ چونڊ ٿي ته هن ڀيري تمام گهڻي تبديلي نظر آئي، ماضي ۾ دهشتگردن جو راڄ هو، هڪ ئي جماعت پنهنجي اليڪشن مهم هلائيندي هئي، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي به چونڊ مهم ٿورو احتياط سان هلائيندي هئي پر هن  ڀيري ملير جي خالي ٿيل سيٽ تي پيپلزپارٽي سميت سموريون جماعتون پنهنجي چونڊ مهم بنا ڪنهن دهشتگردن جي خوف سان هلائي رهيون هيون، اهڙي صورتحال جو ڪريڊٽ به مسلم ليگ ن ڏانهن ئي وڃي ٿو ته جيڪڏهن مسلم ليگ ن ڪراچي ۾ دهشتگردن جو خاتمو نه آڻي ها ته ملير واري تڪ تي ٿيل چونڊن ۾ڪا سياسي پارٽي آزاديءَ سان چونڊ مهم نه هلائي سگهي ها. بهرحال هن ڀيري جهڙي ريت پيپلزپارٽي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان، پي ٽي آءِ ۽ ٻين جماعتن جي اميدوارن چونڊ مهم هلائي ماضي جي حڪومتن ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، جيڪي ڇڪتاڻ  واري صورتحال پيدا ٿي،ان ۾ به پي ٽي آءِ جي اميدوارن جو ڪردار هو، صوبي ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي، جيڪڏهن اها طاقت جو استعمال ڪرڻ چاهي ها ته ڪري سگهي پئي پر  پيپلزپارٽي جي اميدوار جمهوري طريقو استعمال ڪيو، جيڪڏهن وڌيڪ ڇڪتاڻ ٿئي ها ته سنڌ ۾ به ڊسڪه جهڙو خوني واقعو پيش اچي سگهي پيو. ڪڏهن به ڪو جمهوريت پسند سياستدان ڇڪتاڻ ناهي چاهيندو، پر ڊسڪه ۾ چونڊ دوران ڇڪتاڻ جموريت پسندن تي به سوال اٿاري رهي آهي ته ڇا اسان جي ملڪ ۾ هاڻ سياسي سگهه اها رهي آهي ته هڪ سيٽ لاءِ ٻن معصوم ماڻهن جون حياتيون ضايع ڪيون وڃن، سياست ۾ صبر ضروري آهي، جمهوريت پسند ڪڏهن به گولي جي سياست نه ڪندا آهن پر دهشتگرد ضرور ڪندا آهن. ڊسڪه واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي،وفاقي حڪومت کي گهرجي ته ننڍي چونڊن دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن، اڄ ڪلهه ته سوشل ميڊيا جو دور آهي، سياسي پارٽيون جيڪڏهن چونڊن دوران سوشل ميڊيا تي لائيو ڪوريج ڏيکارين ته مجال آهي جو ڪو ڌانڌلي ۾ ڪامياب ٿي وڃي.جيڪڏهن ڪو پولنگ اسٽيشن تي ماحول خراب به ڪري ته اهو به ڪئميرا جي اک ۾ قيد ٿي ويندو، جيڪڏهن سياسي پارٽيون ملڪ مان ڇڪتاڻ واري صورتحال ختم ڪرڻ چاهين ٿيون ته امن امان کي بحال رکيو وڃي. چونڊن دوران صبر جو مظاهرو ڪري رت واهڻ کان پاسو ڪيو وڃي.  جيڪڏهن سياستدان ڊسڪه سانحي کان سبق نه سکيو ته سياسي ڇڪتاڻ خوني ويڙهه ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ ڪنهن  ٽئين قوت کي ملڪ جون واڳون سنڀالڻيون پوندو، موجوده حڪومت سليڪٽڊ آهي يا نه آهي؟ ان جو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو پوندو هونئن به هاڻ هي حڪومت پنهنجو ڪافي مدو پورو ڪري چڪي آهي ۽ عوام کانئن ڪيڏو تنگ ٿي چڪو آهي، ان جو اندازو موجوده  خالي ٿيل سيٽن تي چونڊ نتيجن مان لڳائي سگهجي ٿو.

No comments:

Post a Comment