Pages

Wednesday 10 February 2021

هاڻ وري ڪشميرين جي آبادڪاري....!!

صاحب خان ڀٽي

ملڪ جي قيام کان هيل تائين سنڌ ۾ ڌارين کي حڪومتي سرپرستي هيٺ آباد ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، قومپرست ڌرين جي احتجاج باوجود وفاقي حڪومت پنهنجو ڏاڍ وارو سلسلو جاري رکيو پئي اچي، سنڌ جا حڪمران وفاق جي ها ۾ ها ملائي سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، 1973ع ۾ بنگلاديش جي آزاديءَ کانپوءِ بيدخل ٿيلن کي به سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو، ان وقت به قومپرست ۽ سڄاڻ ڌرين اهڙي عمل جي سخت مخالفت ڪئي هئي پر چوندا آهن ته حڪومت پنهنجي طاقت ذريعي ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، هن وقت به اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. افغانستان ۾ آمريڪا جي حملي کانپوءِ پاڪستان افغان مهاجرن کي سنڌ ۾ عارضي طور ترسائڻ جو چئي افغانين جي لوڌ سنڌ ۾ آباد ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته صوفين جي ڌرتي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي، درگاهن ۽ مزارن تي افغان دهشتگردن حملا ڪيا،1973ع ۾  بنگلاديش مان تڙلين کي جڏهن سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو ته انهن ڪراچي ۾ دهشتگردي پکيڙي، سنڌين جو قتل عام ڪيو ۽ ڀتاخوري ڪري شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، وري جڏهن افغانستانين لاءِ جڏهن سرحدو کوليون ويون ته مهاجرن جا وڏا ڪٽڪ اچي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ پهتا، جنهن سان منشيات ۽ دهشتگردي جي هڪ شهر کان وڌي ٻين شهرن تائين به پهچي وئي، صوفين جي سرزمين کي رت سان وهنجاريو ويو، قلندر جي نگري ۾ به دهشتگردن معصومن جو رت وهايو پر وفاقي حڪومت  توڙي سنڌ حڪومت افغان مهاجرن کي پنهنجي وطن واپس موڪلڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، نه ئي وري انهن کي پنهنجي وطن واپس موڪلڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي وئي، هن وقت سنڌ ۾منشيات جي وڪري ۽دهشتگرد ڪاررواين ۾ اهي پرڏيهي دهشتگرد ملوث نظر اچي رهيا آهن پر سنڌ حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.

وفاقي حڪومت تي ڪهڙي معيار ڏيجي، اتان ته هميشه سنڌ خلاف ئي فيصلا ٿيندا رهيا آهن، وفاق ڪڏهن به سنڌين جي خوشحالي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، رڳو تيل، گئس، ڪوئلي ۽ ٻين معدني وسيلن تي ڪرڙي نظر وفاق جي هوندي آهي، قومپرست ڌريون جڏهن به سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف آواز اٿارينديون آهن ته وفاق ته اڳيان سامهون نه ايندو آهي پر سنڌ جا حڪمران اڳيان بيهي رهندا آهن ۽ قومپرستن جو آواز دٻايو ويندو آهي، انهن مٿان ڪيس داخل ڪري انهن کي حراسان ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪيترو ئي عرصو گذري چڪو آهي افغانستان ۾ امن امان جي صورتحال به بحال ٿي وئي آهي پر ان باوجود وفاقي حڪومت افغان مهاجرن کي پنهنجي وطن واپس موڪلڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي آهي، افغاني ته ٺهيو، بنگالي، برمي ۽ بيهاري به ڪافي عرصي کان سنڌ ۾ ترسيل آهن، جن وٽ هن ملڪ جا سڃاڻپ ڪارڊ به آهن، آخر ڪنهن انهن کي هن ملڪ جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا ۽ انهن پٺيان ڪهڙيون ڌريون هيون، ان بابت سنڌ حڪومت کي چڱي ريت خبر هوندي، ووٽ جي لالچ ۾ به اسان جا اميدوار ڌارين جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ انهن کي ووٽ به ناهي ملندو، جنهن جو نقصان سنڌي قوم کي ٿي رهيو آهي، سنڌ جي گادي واري شهر ۾ ڌارين جي لوڌ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، سنڌجي سرڪاري نوڪرين ۾ ڌاريا ايئن ڀرتي ٿي رهيا آهن، جيئن سنڌي قوم هن ڌرتي جا وارث نه پر ڌاريا آهن، سنڌ سرڪار خانگي سيڪٽر ۾ ته سنڌين کي نوڪريون نه ڏياري سگهي پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ته ڏئي سگهي ٿي پر سنڌ جا حڪمران سنڌين کي نوڪريون ڏيڻ بدران غير سنڌين کي نوڪريون ڏئي رهيا آهن، اهو عمل سنڌ  دشمني کان گهٽ نه آهي.

تازو ئي وفاق افعانين، بنگالين، برمين ۽ بيهارين کانپوءِ وڌيڪ ڪشميرين کي سنڌ ۾ سرڪاري زمينون ڏئي مستقل آباد ڪرڻ لاءِ تياريون تيز ڪري ڇڏيون، جنهن مان ثابت ٿي رهيو آهي ته ڀارت جيڪو ڪم والاريل ڪشمير ۾ نه ڪري سگهيو، اهو وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي. والاريل ڪشمير ۾ ته ڪو غير ڪشميري ملڪيت به خريد نه ڪري سگهندو هو پر  بدقسمتي سان سنڌين کي هڪ سازش تحت اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن، بنگالي، ڪڏهن برمي، ڪڏهن افغانين کي آباد ڪري سنڌ ڌرتي کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. سنڌ جي زمين جي ايئن والار ٿي رهي آهي، جيئن ماضي ۾ عرب حملا ڪري ڦرلٽ ڪندا هئا، ان وقت ته  سنڌي قوم عربن ۽ ٻين ڌارين حملي آورن سان مقابلو ڪندا هئا ۽ ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ لاءِ جانيون به قربان ڪندا هئا پر هن ڀيري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش ۾ اسان جا سنڌي حڪمران ئي ملوث نظر اچي رهيا آهن، جيڪي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري تي مسلسل مجرماڻي خاموشي اختيار ڪري ويٺا آهن.  

جڏهن افغانستان مان ڀڄي آيل مهاجرن کي عارضي طور سنڌ ۾ ترسائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ان وقت سنڌي قوم سخت رد عمل ڏيکاريو  هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت  احتجاج ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي پر هن وقت احتجاج ڪرڻ به سخت ڏکيو آهي، سنڌ جي هر سرڪاري اداري ۾ ڌارين جي لوڌ ڀرتي ڪئي وئي آهي، سنڌي نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي در بدر ڀٽڪي رهيا آهن ۽ سنڌ جا حڪمران اقتدار جو مزو ماڻڻ ۾ پورا آهن ۽سنڌ دشمن پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيندا پيا وڃن. جيڪڏهن  ٿورو ماضي تي نظر ڦيرائينداسين ته  ڪراچي ۾ دهشتگردن جو راڄ هو پر ان باوجود وفاقي توڙي صوبائي حڪومت انهن دهشتگردن خلاف ڪارروائي  ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي، جڏهن نواز ليگ جي حڪومت آئي ان وقت ڪراچي جي شهرين سک جو ساهه کنيو. ماضي جي حڪومت نوازشريف ڇا ڪيو ۽ عوام کي ڇا ڏنو، ان بابت ته ڪجهه نٿو چئي سگهجي پر جڏهن پيپلزپارٽي تاريخ ۾ پهريون  پنهنجو  مدو پورو ڪيو ۽ نوازشريف ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته ان وقت خاص طور تي سنڌ ۾ پاليل دشتگردن جو راڄ قائم هو،  سنڌ جي گادي واري شهر ۾ سياسي دهشتگرد سرعام ڀتي جو  پرچيون ورهائيندا هئا پر پوليس توڙي ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن خلاف ڪارروائي نه ڪندا هئا، ايتري قدر جو اسان به جڏهن ڊيوٽي ڪري گهرن ڏانهن ويندا هئاسين ته دهشتگرد شهر جي فليٽن مٿان چڙهي فائرنگ ڪندا هئا، ڀتو نه ڏيندڙ دڪاندارن جي دڪانن کي باهيون ڏنيون وينديون هيون، جڏهن به ٽيليفون وارو دهشتگرد آپي مان نڪرندو هو ته شهر بند ٿي ويندو هو پر ميان محمد نوازشريف ايندي آپريشن ڪيو ۽ ڪراچي مان دهشتگردن جو وقتي طور خاتمو آندو ۽ ڪراچي جي شهرين سک جو ساهه کنيو، ملڪ جي معشيت ۾ بهتري آئي، نواز ليگ سنڌ ۾ اهو ڪم ڪيو، جيڪو  پيپلزپارٽي به نه ڪري سگهي هئي، اڄ ڪراچي مان جيڪو ڀتاخوري جو راڄ ختم ٿيو، ان جو ڪريڊٽ به نوازشريف ڏانهن وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ به ڪراچي ۾ دهشتگرد ڀتو وٺندا هئا.

جيئن ته هن وقت عدالتي حڪمن تحت سنڌ جي اصل وارثن جا گهر قبضا ڄاڻائي ڊاٿا پيا وڃن ۽ وفاقي سرڪار وڌيڪ ڪشميرن کي سنڌ ۾ مستقبل آباد ڪرڻ لاءِ خالي پيل سرڪاري زميون ڏئي مستقل آباد ڪرڻ جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن، ان وقت سوال پيدا ٿي رهيا آهن ته سنڌ جي اصل وارثن لاءِ وفاق توڙي سنڌ سرڪار وٽ زمينون ناهن ته پوءِ ڌارين لاءِ زمينون انهن وٽ ڪٿان اچي وڃن ٿيون، سنڌي ڌرتي جا وارثن جا گهر ڊاهي ڪشميرين کي زميون ڏئي مستقبل سنڌ ۾ آباد ڪرڻ سازش نه آهي ته پوءِ ڇا آهي، ڇا وفاقي حڪومت جي نظر رڳو افغاني، بنگالي، برمي ۽ بيهاري انسان آهن، ڇا سنڌي قوم جو اهو قصور آهي جو انهن هن ملڪ کي ٺاهڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، اها ئي سنڌ اسيمبلي هئي، جنهن سڀ کان پهرين پاڪستان ٺاهڻ لاءِ قرارداد پاس ڪئي هئي. آخر سنڌ جي اصلوڪن وارثن کي زرعي زميون ڏيڻ بدران ڌارين کي ڏيڻ ڪٿان جي سياڻپ آهي، شايد والاريل ڪشميرن سان ڀارت اهڙو ظلم نه ڪيو هوندو، جهڙو سنڌين سان وفاقي سرڪار ڪري رهي آهي. هڪ طرف سنڌين جي فصلن کي ڀيلائي انهن کي نقصان پهچايو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته اهي سرڪاري زمينون آهن، ان جو مطلب ته اها سازش صرف ڪشميرين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ هئي، سنڌين جا گهر ڊاهڻ، انهن کي بي گهر ڪرڻ، انهن کان روزگار جا ذريعا کسڻ، سرڪاري نوڪرين ۾ ڌارين کي ڀرتي ڪرڻ ۽ يونيورسٽين ۾ غير سنڌين کي داخلائون ڏيڻ واريون سازشون ڪشميرين ۽ ٻين ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ هيون، هن وقت سنڌي قوم کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، سنڌ جا حڪمران اقتدار جي  ڪري خاموش آهن، اهي ڪڏهن به سنڌين جي حقن جي ڳالهه نه ڪندا، هن وقت قومپرست ڌرين کي ڪشميرين کي آباد ڪري انهن کي زرعي زميون ڏيڻ واري سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي.

No comments:

Post a Comment