Pages

Wednesday 10 February 2021

هارس ٽريڊنگ ۽ وائرل ٿيندڙ وڊيو...!

صاحب خان ڀٽي

اسان جو ملڪ هڪ اسلامي جمهوري ملڪ طور دنيا ۾ سڃاتو ويندو آهي پر بدقسمتي سان جڏهن به جمهوريت مضبوط ٿي رهي هوندي آهي ته ڪو نه ڪو اچي عوام پاران چونڊيل وزيراعظم جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندو آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي به ڦاهي چاڙهي ويو ۽ سندس ڌيءُ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري کيس ملڪ بدر ڪيو ويو، وڏو عرصو جڏهن ملڪ بدري جو ڪاٽي هن پنهنجي سنڌ جي سرزمين تي پير رکيو ته خدا پاڪ جا ٿورا مڃيا ۽ دعا گهري پر دهشتگردن سندس استقبال لاءِ آيل هزارين ماڻهن کي ڌماڪي ذريعي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ڪيترائي بي گناهه ماڻهو شهيد ٿيا، دهشتگرد جڏهن ڪراچي ۾محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا ته انهن راولپنڊي جي باغ ۾ڌماڪو ڪري کيس شهيد ڪيو، انهيءَ ڌماڪي ۾ ٻيا به کوڙ سارا جيالا شهيد ٿي ويا، ايتري قدر جو اڳوڻو آمر پرويز مشرف به سولائي سان ملڪ ڇڏڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ پيپلزپارٽي پاران جمهوريت بهترين انتقام جو نعرو هنيو ويو، ڪيترو عرصو گذرڻ باوجود شهيد راڻي جا قاتل ته وائکا نه ٿيا پر هڪ ڀيرو ٻيهر جمهوريت لوڏن ۾ اچي وئي آهي، ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي پارٽيون موجوده حڪومت کي جمهوري تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان به  پي ٽي آءِ جي حڪومت کي سليڪٽيڊ حڪومت قرار ڏئي رهيو آهي، ايتري قدر جو ڪجهه ماڻهن جا نالا به ورتا وڃن ٿا ته انهن عمران خان کي آندو آهي، هاڻ ان ۾ ڪيتري صداقت آهي، اهو وڌيڪ اپوزيشن ٻڌائي سگهي ٿي.

ملڪ ۾ ڪافي عرصي کان هارس ٽريڊنگ جون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن،  سياسي پارٽيون هڪ ٻئي تي هارس ٽريڊنگ جا الزام به لڳائيندو رهيون آهن پر بدقسمتي سان هارس ٽريڊنگ، ووٽن جي خريد ۽ وڪري کي روڪڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي وئي، جنهن سبب سينيٽ ۾ اڪثريت ۾هئڻ باوجود اپوزيشن هارائي ويندي آهي، حڪومت پنهنجا من پسند بل منظور ڪرائي وٺندي آهي. اها ڪا نئين ڳالهه به نه آهي ته هارس ٽريڊنگ ڪافي عرصي کان هلي رهي آهي، رڳو ماڻهو وائکا هاڻ ٿي رهيا آهن ۽ هارس ٽريڊنگ جو شڪار اهي سياستدان بڻجندا آهن، جيڪي روز پارٽيون تبديل ڪندا آهن يا ته وري ڪن جي ڪا مجبور به ٿي سگهي ٿي؟ ايئن ٿي نه ٿو سگهي ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ووٽ جو وڪرو ۽ خريد ٿئي ۽ پارٽي کي پنهنجن ميمبرن جي خبر ئي نه پئي، پارٽين کي سڀ خبر هوندي آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته مخالف ڌر تنظيمون اوپن بيلٽ تي ايتري واويلا نه ڪن ها، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ماضي ۾ فرينڊلي اپوزيشن هوندي هئي، سياسيتدان هڪٻئي خلاف ڳالهائيندا هئا پر جڏهن جمهوريت جي ڳالهه ايندي هئي ته اهي هڪ ميز تي گڏ به ٿي ويندا هئا، پر هن ڀيري حڪومت چاهي به ته مخالف ڌر سان ڳالهيون نه ٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم عمران خان کي اپوزيشن سليڪٽڊ وزيراعظم قرار ڏئي رهي آهي، هونئن ته وزيراعظم عمران خان ڪيترائي ڀيرا اپوزيشن کي ڳالهين جي آڇ به ڪئي آهي پر هنن جو هڪڙو ئي مطالبو آهي ته عمران خان استعيفيٰ ڏي پر اهو ايترو سولو ڪم نه  آهي، مخالف ڌر  پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي ته حڪومت وري عوام تي ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳائي کانئن جيئڻ جو حق به کسڻ چاهي ٿي.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري چوٽ چڙهي وئي آهي،  پر تبديلي پسندن جي جڏهن کان حڪومت آئي آهي، تنهن ڏينهن کان عوام کي رڳو هڪ ئي خوشخبري ملي آهي ته وزيراعظم پيٽرول 10 روپيا مهانگو ڪرڻ بدران 2 روپيا مهانگو ڪيو آهي، اهڙيون خوشخبريون ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن عوام کي ٻڌڻ لاءِ ملي رهيون آهن، ڪڏهن کنڊ مهانگي ٿيڻ جي خوشخبري ملندي آهي ته ڪڏهن وري گيهه ۽ اٽو مهانگو ٿيڻ جون خوشخبريون ملنديون آهن ۽ اهو سلسلو جيئن جو تئين جاري ۽ ساري آهي ۽ عوام ۾ هاڻ هڪ اميد بچي آهي ته سڪون رڳو قبر ۾ ئي آهي، شايد هاڻ قبر ۾ سڪون نه ملي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ بلڊر مافيا قبرستان جي زمينن تي به والار ڪري ڇڏي آهي، پر انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ  ڪو تيار نه آهي، هن وقت ملڪ ۾ ٻه ڌريون آمهون سامهون آهن، ظاهري طور تي عمران خان هڪ سليڪٽڊ وزيراعظم نظر اچي رهيو آهي پر سوالن جا جواب وري غيرسياسي ماڻهو ڏئي رهيا آهن، جن جو پري  پري تائين سياست سان ڪو تعلق نه آهي. جڏهن کان اپوزيشن جو اتحاد جڙيو آهي، تنهن ڏينهن کان نيب جون ڪارروايون به سست رفتاري جو شڪار ٿي ويون آهن، ڪافي وقت کان نئين سياستدان جي گرفتاري جي خبر به نه ملي آهي، جيڪي گرفتار ڪيا ويا هئا، انهن تي هيل تائين ڪو  ڏوهه ثابت به نه ٿي سگهيو آهي، ڪجهه ضمانتون وٺي آزاد ٿي وري سياست جي ميدان ۾ لٿل آهن ته ڪي وري علاج بهاني لنڊن هليا ويا آهن ۽ لنڊن مان وڃي عمران خان کي آڻيندڙن کان سوال ڪري رهيا آهن.

بهرحال حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ اها ڇڪتاڻ هلندي رهندي پر سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ چئي ڇڏيو هو ته هارس ٽريڊنگ ۽ ووٽن جي خريد ۽ وڪرو روڪڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي.اٽارني جنرل به چيو هو ته اليڪشن ڪميشن ته ڳجهي ووٽنگ جي حق ۾ آهي، اختيار استعمال ڪرڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن وڏو طاقتور ادارو آهي پر اپوزيشن  اوپن بيلٽ واري مامري جي خلاف ڳالهائي رهي آهي،  سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته حڪومت آئيني ترميمي بل ان حوالي سان آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ريفرنس کي هلائڻ هڪ مسئلي جا هڪ ئي وقت ٻه حل ڳولڻ جي برابر هوندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اوپن بيلٽ تي متفق ٿيڻ ئي اپوزيشن لاءِ فائديمند  آهي، جيڪڏهن ڪو ميمبر ووٽ جي خريد ۽ وڪري ۾ملوث هوندو ته ان بابت به خبر پئجي ويندي، جيڪڏهن مٿس ڪٿان دٻاءُ آيو هوندو ته ان بابت به سموريون ڳالهيون وائکيون ٿي وينديون.جيئن ته هن وقت ملڪ ۾ سينيٽ جي ويجهو اچڻ واري آهي ۽ حڪومت چاهي ٿي ته هن ڀيري هارس ٽريڊنگ نه ٿئي، ان حوالي سان جيڪو صدارتي  آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي، ان کي مخالف ڌر بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ طرف اپوزيشن ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻي رهي آهي ته ٻئي طرف وري هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ واري عمل جي حمايت ڪرڻ بدران مخالفت ڪري رهي آهي. هن وقت سينيٽ جي چونڊ جي حوالي سان خبرون تمام گهڻيون گردش ڪري رهيون آهن، حڪومت به دٻاءُ ۾ نظر اچي رهي آهي. صدارتي آرڊيننس به سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مشروط ڪيو ويو آهي پر ان باوجود اپوزيشن اوپن بيلٽ جي مخالف ڪرڻ ۾ رڌل آهي، رڳو مولانا فضل الرحمان چئي رهيو آهي ته موجوده حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ڀلي سينيٽ جي اوپن بيلٽ چونڊ ڪرائي وڃي. تازو ئي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ميمبر جي مبينا طور پئسا وٺڻ واري وڊيو منظر عام تي آندي وئي آهي، اها وڊيو ڪنهن ٺاهي، ڇو ٺاهي ۽ هن وقت ڇو وائرل ڪرائي وئي، ان پٺيان ان جا ڪهڙا مقصد آهن، ان بابت وڊيو  وائرل ڪندڙ ئي ٻڌائي سگهي ٿو بس ايترو چئي سگهجي ٿو ته موجوده حڪومت ۾ اپوزيشن وٽ ايتري سگهه ئي نه هئي جو ڪنهن ميمبر جي پئسا وصول ڪرڻ واري وڊيو وائرل ڪرائي سگهن، اهو به ان وقت جڏهن اوپن بيلٽ صدارتي آرڊينس تي ڇڪتاڻ هلندڙ هجي. جئين پئسا وٺڻ واري وڊيو وائرل ٿي، تيئن خيبرپختونخواهه جي قانون واري موجوده وزير سلطان محمود خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ميڊيا تي نشر ٿيل خبر موجب، وائرل ٿيل وڊيو ۾ نظر ايندڙ هڪ ميمبر دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جي وڏي وزير ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليجي اسپيڪر جي حڪم تي اسپيڪر جي ڪمري ۾ ڏنا ويا هئا. هن اهو به چيو آهي ته هنن پئسا نه گهريا هئا، کين پاڻ گهرائي پئسا ڏنا ويا. اهي ٻه ڌار ڌار وڊيو آهن، جن جي ايڊيٽنگ ڪئي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته خيبرپختونخواهه جي ڪيترن ئي اڳوڻن ۽ موجوده ميمبرن آڏو نوٽن جا ڍير لڳل آهن. وڊيو ۾ عبيد مايار کي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو گذريل حڪومت ۾ اسيمبلي جو ميمبر رهي چڪو آهي. هو پنهنجي هٿن سان پئسن کي ڳڻي رهيو آهي.

ميمبرن جي اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سخت رد عمل سامهون آيو آهي ۽ ماڻهو اوپن بيلٽ جي حق ۾ اچي ويا آهن پر اپوزيشن هيل تائين سينيٽ جي چونڊ اوپن بيلٽ تي راضي ٿيندي نظر نه ٿي اچي، جيڪڏهن فيصلو حڪومت جي حق ۾ اچي ٿو ته پوءِ سينيٽ جي چونڊ ۾ ووٽ جي خريد ۽ وڪري بابت سڀني کي خبر پئجي ويندي، جنهن سان اهو فائدو ٿيندو ته پارٽي کي به خبر پئجي ويندي ته آخر سندس ميمبر ڪنهن کي ووٽ ڏنو آهي،جيڪڏهن اپوزيشن به هارس ٽريڊنگ جو خاتمو چاهي ٿي ته پوءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ئي ڪرائڻ ۾ پنهنجي جدوجهد کي اڳتي وڌائي، ته جيئن حڪومت پنهنجا من پسند بل منظور ڪرائي نه سگهي ۽ سينيٽ جي ووٽ کي به عزت ملي وڃي ۽ هارس ٽريڊنگ کي بچي وڃي.

No comments:

Post a Comment