Pages

Monday 15 February 2021

غير محفوظ بڻجي ويل سنڌ جون نياڻيون

صاحب خان ڀٽي

سنڌ ڌرتي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نياڻين کي قتل ڪرڻ جا واقعا ته گذريل ڪافي عرصي کان ٿي رهيا آهن، جن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿيڻ جي ڪري روز ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ وڏيرا ڪارنهن تڪرار جو جواز ڄاڻي جرڳا ڪندا رهندا آهن، جنهن جو نقصان نياڻين کي ۽ سندن ڪٽنب کي ئي ٿيندو آهي، انهن کي قتل ڪرڻ جون فتوائون ۽ سڱ چٽي جا فيصلا ٻڌائيندڙ هن معاشري جا چڱا مڙس سڏرايا ويندا آهن، جن جي غلط فيصلن جي ڪري ڪيتريون ئي معصوم نياڻيون وحشين جي ور چڙهي وينديون آهن، جيڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙ جرڳا ڪندڙن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪن ته اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي، هن وقت سنڌ جون نياڻيون اڃا انهيءَ ڪڌي رسم جي ور چڙهيل آهن، هاڻ وري سنڌ جون نياڻيون زيادتيون ڪندڙ وحشين جي ور چڙهي ويون آهن، صوفين جي ڌرتي نياڻين لاءِ ٽامو بڻجندي پئي وڃي، ان جو وڏو ڪارڻ  وقت سر انصاف نه ملڻ آهي، جنهن به علائقي ۾ ڏاڍائي جو واقعو پيش اچي ٿو ته ان علائقي جي پوليس انهن وحشين جي سهولتڪار بڻجي ويندي آهي ۽ جاچ صحيح نموني نه ٿي سگهندي آهي، يا وري جرڳائي سردار  متاثر نياڻين جي وارثن کي ڌمڪيون ڏئي انهن کي جرڳي لاءِ دٻاءُ وجهندا آهن، اهو رڳو ان ڪري ٿي رهيو آهي جو مقامي پوليس تي هڪ ته وڏيرن، بااثرن جو  دٻاءُ هوندو آهي، جنهن سبب پوليس روايتي ڪارروائي ڪندي آهي، اهو سڀ ڪجهه مونيڪا واقعي ۾ ٿيو.  

ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي ۾ ڊاڪٽر ماها شاهه جي مبينا آپگهات جو ڪيس سامهون آيو، جنهن ۾ اهم انڪشاف ٿيا ۽ ڪيس به هليو، جوابدار گرفتار ٿيا، جاچ به هلي پر هيل تائين اهو ڪيس هلي نه سگهيو آهي. ٻڌڻ ۾ آيو ته ڊاڪٽر ماها شاهه کي دوستي جي نالي تي بليڪ ميل ڪيو ويو آهي، اُن سلسلي ۾ ماها شاهه جي والد آصف شاهه جي فرياد تي ڪراچي جي گزري ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ماها شاهه جي 4 سال اڳ جنيد سان سندس ڀيڻ جي معرفت دعا سلام ٿي، جيڪا بعد ۾ دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن کانپوءِ جنيد ماها کي منشيات جو عادي بڻائي ڇڏيو. تشدد ۽ تذليل به ڪندو رهيو-اُن دوران ئي ماها جي جنيد جي هڪ دوست ڊاڪٽر تابش قريشي سان دعا سلام ٿي، جنهن ماها کي شاديءَ جي آڇ پڻ ڪئي، جنهن جي خبر پوڻ تي جنيد وڌيڪ ڪاوڙجي پيو ۽ پوءِ ڊاڪٽر ماها کي ڌمڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو..

بهرحال اهڙا واقعا سنڌ ۾ ڪيترائي ٿي چڪا آهن، ڪڏهن وڊيو ڀري  نياڻين کي بليڪ ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن، مطلب هن ته هن معاشري ۾ نياڻين جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي، لاڙڪاڻي ۾ هڪ معصوم نياڻي کي لڄالٽ جو شڪار بڻايو   ويو، جيڪا هڪ صحافي جي گهر ۾ دانهن به کڻي پهتي پر افسوس جو ان ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي، جڏهن به لڄالٽ جو ڪيس  هوندو آهي ته پوليس ان کي معمولي سمجهي ان تي اهڙي ڪارروائي نه ڪندي آهي، جيڪا ٿيڻ گهرجي ها. ڪڏهن ڪڏهن ته زيادتي ڪرڻ کانپوءِ  معصوم نياڻين کي قتل ڪيو ويندو آهي، اهڙو ئي هڪ واقعو پيرجو ڳوٺ ۾ پيش آيو، جتي معصوم نياڻي مونيڪا لاڙڪ  کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو. جنهن جي پوليس شروع ۾ ته روايتي ڪارروائي ڪئي پر جڏهن سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خبرون وائرل ٿيون ۽ سياسي سماجي تنظيمن معصوم نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪيا ته پوءِ جاچ ۾  نالي ماتر اڳڀرائي ٿي ۽ ڳوٺ لونگ لاڙڪ واسي عبدالله پٽ زاهد لاڙڪ جي ڊي اين اي جي رپورٽ هاڪاري اچي وئي. پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار عبدالله لاڙڪ قتل ڪيس جو اعتراف ڪيو آهي، ٻڌڻ ۾ آيو ته مونيڪا جنهن حويلي ۾ ڪم ڪندي هئي، اتان به ٻن ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو هو.

تازو  ئي ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي کي ڪاليج ويندي مبينا طور اغوا ڪري اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن کانپوءِ پوليس فهد سميت ٻن جوابدرن کي گرفتار ڪيو، پوليس وڌيڪ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪندي چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، باقي هڪ جوابدار جي اڃا ڳولا جاري آهي. ڪراچي ۾ معصوم  سنڌي نياڻي کي اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندڙ وحشين جي گرفتارين لاءِ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، متاثر نياڻي بشريٰ جي پيءُ سان همدردي جي اظهار لاءِ سياسي سماجي اڳواڻ ۽ استاد به پهچي رهيا آهن پر متاثر ڪٽنب پوليس جي ايف آءِ آر تي مطئمن نظر نه پيو اچي، چيو پيو وڃي ته پوليس ڪيس کي لوڙهڻ چاهي ٿي،جنهن جي ڪري ايف آءِ آر ۾ نياڻي کي ورغلائي وٺي وڃڻ جي لکيو ويو آهي. جاچ اختيارين جو چوڻ اهي ته ناري ۽ چئن جوابدارن جا موبائل فون تحويل ۾ ورتا ويا آهن ۽ ڊي اين اي جزا وٺي ليب موڪليا ويا آهن. پوليس وارن جو چوڻ آهي ته ناري جي موبائل فون مان سموريون شيون ڊليٽ ڪري کيس واپس ڪيو ويو آهي، ڊي اين اي، سي سي ٽي وي ۽ موبائل فونز جي فارنزڪ کانپوءِ هن ڪيس ۾ اڳڀرائي اچي سگهي ٿي.

سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر صوفين جي ڌرتي تي زيادتين جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ڇو ٿو ٿيندو پيو وڃي آخر ڇو وحشي قانون لاڳو ادارن کان بي خوف ٿي نياڻين جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن، جيڪڏهن مونيڪا ڪيس جي جوابدارن کي سرعام سزا ڏني وڃي ها ته شايد اهڙا واقعا ٻيهر پيش نه اچن ها، جيڪب آباد ۾ به هڪ معصوم نياڻي کي وحشين زيادتي جو نشانو بڻايو هو، جنهن جو مک جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو، هن وقت ڪراچي ۾ معصوم نياڻي کي پنج وحشين اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، جيڪڏهن انهن وحشين کي سرعام سزا نه ملي ته هن صوفين جي سرزمين تي اهڙين وحشين کي اهڙن واقعن جو لائسنس ملي ويندو، حڪومت کي گهرجي ته  نياڻين سان ٿيندڙ زيادتين ۽  قتل جي واقعن لاءِ هڪ الڳ ٽاسڪ فورس جوڙين ته جيئن اها فورس بنا ڪنهن دٻاءُ جي ڪم ڪري سگهي، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر به اسلام آباد ۾ هئڻ گهرجي ته جيئن مقامي وڏيرو يا بااثر ان ۾مداخلت نه ڪري سگهي، جڏهن به ڪو اهڙو واقعو پيش اچي ته اهو ڪيس مقامي پوليس کان وٺي انهيءَ ٽاسڪ فورس کي ڏنو وڃي ته جيئن وحشي جوابدار جلد پڪڙ ۾ اچي سگهن ۽ معصوم مونيڪا جهڙيون ٻيون نياڻيون ڪنهن  رهزن کان بچي سگهن. ڪراچي ۾ جهڙي ريت هڪ معصوم نياڻي کي لڄالٽ جو شڪار بڻايو ويو آهي، اهڙو واقعو الله ڪري ڪنهن سان به پيش نه اچي، جيڪڏهن هن وقت سنڌي قوم گڏ ٿي انهن رهزنن کي سرعام سزا نه ڏياري ته اهڙا واقعا پيش ايندا رهندا، جنهن لاءِ  سياسي سماجي ڌرين، قومپرست پارٽين، اين جي اوز کي اهڙن متاثرن وٽ فوري طور پهچي همدردي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پهچڻ گهرجي، نه ته پوليس روايتي ڪارروائي ڪندي ڪيس کي لوڙهي ڇڏيندي ۽ جوابدار قانون جي پڪڙ کان آجا ٿي ويندا. هڪ استاد جي نياڻي سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، اهو ڪنهن به ريت برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. استاد تنظيمن کي به فوري طور سڄي سنڌ ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي ته فورن متاثر نياڻي جي پيءُ وٽ پهچي ايڪتا جو اظهار ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙو رڪارڊ احتجاج ڪرڻ گهرجي ته پوليس ڏوهارين کي بچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿئي ۽ اهي قانون جي پڪڙ ۾ اچي وڃن


No comments:

Post a Comment