Pages

Friday 19 February 2021

لانگ مارچ: سينيٽ چونڊ ۽ سليڪٽر کي معافي

صاحب خان ڀٽي

تبديلي سرڪار جي اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ رڪارڊ مهانگائي، بيروزگاري ٿي وئي آهي، ماڻهو اٽي  ۽کنڊ لاءِ به پريشان آهن، ڪڏهن ڀاڄين جا اگهه وڌي وڃن ٿا ته ڪڏهن وري اٽي ۽ کنڊ جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳن ٿا ۽ تبديلي سرڪار ان جو ذميوار ماضي جي حڪومتن کي قرار ڏئي پنهنجو فرض پورو سمجهي ٿي پر  عام ماڻهن جي نه مخالف ڌر کي ڪا ڳڻتي آهي نه ئي وري حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي سگهي آهي، رڳو وزيرن جون وزارتون مٽائي حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ريلوي کاتو هجي يا وري ڪو ٻيو کاتو، سمورن کاتن جا ملازم پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن، ڪيترن کي  ته نوڪرين مان بيدخل ڪيو ويو آهي، جنهن سان وزيراعظم خان جو نوڪريون ڏيڻ وارو واعدو رڳو واعدو ئي رهجي ويو، ماضي جي حڪومتن ۾ خاص طور مسلم ليگ ن جي حڪومت ۾ ملڪ ۾ دهشتگردن جي پاڙ پٽجي وئي، ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو ۽ ملڪ ۾ خوشحالي جو دور شروع ٿيو پر  تبديلي جا خواب ڏيکاريندڙ ماضي جون خوشيون به کسي ورتيون. هن وقت مخالف ڌر سان عوام مڪمل طور گڏ آهي، جڏهن به مخالف ڌر جي اتحاد جو ڪنهن به جلسي جو سڏ ٿيندو آهي ته عوام جو سمنڊ اٿلي پوندو آهي پر مخالف ڌر کي به عوام سان ڪا گهري دلچسپي نه آهي، جڏهن کان اپوزيشن جو اتحاد قائم ٿيو آهي نيب جو ادارو ماضي وانگر بڻجي ويو آهي، مخالف ڌر جي اتحاد سان عام ماڻهو کي ته هيل تائين فائدو ناهي پهچي سگهيو پر ايترو ضرور ٿيو آهي جو نيب ڪارروايون سست رفتاري جون شڪار ٿي ويون آهن. نه ته اڳ ۾ نيب جا اجلاس ٿيندا هئا ۽ ڪارروائن جي منظوري ڏني ويندي هئي هن وقت ڪيترائي گرفتار ماڻهو ضمانتن تي آزاد ٿي ويا آهن، ڪن جا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا آهن، چوڻ جو مطلب ته اپوزيشن جي اتحاد جو دٻاءُ حڪومت تي تمام گهڻو پئجي رهيو آهي.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي واحد حڪومت آهي، جنهن کي اپوزيشن کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو دٻاءُ نه آهي، نه ئي سليڪٽر کان کين ڊڄڻ جي ڪا ضرورت آهي پر ماضي جي حڪومتن ۾ ٿوري به ڪا هير ڦير ٿيندي هئي ته انهن حڪومتن جو تختو اونڌو ٿي ويندو هو، بقول وزيراعظم عمران خان جي سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن، سندس پٺيان هڪ سگهارو ادارو آهي پر ان باوجود به هو مطئمن نظر نه پيو اچي، سموريون ملاقاتون ۽ اجلاس بني گالا ۾ ٿي رهيا آهن، لڳي ٿو ته هاڻ ملڪ جي قسمت جا فيصلا بني گالا مان ٿي رهيا آهن، هن وقت موجوده حڪومت کي عوام جي نه پر اپوزِيشن جي اتحاد جي ڳڻتي آهي، مٿان وري مخالف ڌر جي لانگ مارچ واري اعلان کانپوءِ حڪومت لاءِ پريشانيون وڌي ويون آهن، پي ڊي ايم جي جيڪا زبان گجرانوالا واري جلسي ۾ استعمال ٿي هئي، ان ۾ به ڪافي حد تائين گهٽتائي اچي وئي آهي، اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف به نالا وٺڻ ڇڏي ڏنو آهي، هاڻ اهو ڪنهن به اداري جي سربراهه جو نالو وٺي سوال نه پيو ڪري، سندس ڌيءُ مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز به چئي ڇڏيو آهي ته هنن سليڪٽر کي معاف ڪري ڇڏيو آهي،  هاڻ سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اهو بيان پي ڊي ايم جو آهي يا وري رڳو مريم نواز جو آهي ته هنن سليڪٽر کي معاف ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ جي قيام کي 73  سال گذري ويا آهن پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سليڪٽر جو نالو  ٻڌڻ ۾ نه آيو آهي ته پوءِ آخر مريم نواز کي سليڪٽر جي ڪيئن خبر پئي، آخر مريم نواز ڪير ٿيندي آهي سليڪٽر کي معاف ڪرڻ واري، معاف ته ان وقت ڪيو ويندو آهي ته جڏهن ڪو اوهان کان معافي وٺي، مريم يا پي ڊي ايم کان ته ڪنهن به معافي ناهي ورتي ته پوءِ مريم نواز اهو ڇو چيو ته هو سليڪٽر کي چئي ٿي ته اوهان کان وڏي غلطي ٿي وئي هئي، هو کيس معاف ڪري ٿي، پر هاڻ ٻيهر اهڙي غلطي ناهي ڪري. هن اهو به چيو هو ته عوام ته خوار ٿي رهيو آهي، ڇو ته جڏهن مهانگائي وڌندي آهي ته عوام هنن کان پڇي ٿو ته 22 ڪروڙ عوام مان توهان کي اِهو ئي مليو هو، سليڪٽر کي جڏهن ڪير خراب چوندو آهي ته اسان کي به سٺو ناهي لڳندو ڇو ته ادارا ته پنهنجا ئي آهن.

مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز جي معاف ڪرڻ واري بيان هڪ ته صاف ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته هن ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي عوام جي ووٽ جي بي حرمتي ٿي رهي آهي، مريم نواز اهو بيان ڏئي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته عوام ووٽ ڏي يانه ڏي سليڪٽر جنهن کي چاهي وزيراعظم بڻائي ڇڏي ٿو، اهڙو بيان اڳ ۾ عمران خان جي واتان به ٻڌو هئوسين ته اسٽيبلشمينٽ چاهي ڪنهن کي به وزيراعظم بڻائي سگهي ٿي هاڻ وري مريم نواز جي اهڙي بيان ويتر منجهارا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، اسان کي لڳي رهيو آهي ته جيڪي به اسان ووٽ ڏيندا آهيون، انهن جو ڪو به قدر نه آهي، عوامي مينڊيٽ رڳو نالو آهي، اصل جمهوريت ته سليڪٽر وٽ آهي، جنهن کي چاهي چونڊي سگهي ٿو، مريم جي انهيءَ بيان ته سليڪٽر کي 22 ڪروڙ مان رڳو هڪ اهو ئي مليو هو ؟ مان ظاهر ٿئي ٿو ته  هن ملڪ ۾ ووٽ کي عزت ملڻ وارو نعرو رڳو نعرو ئي رهندو، وزيراعظم چونڊڻ وارو اختيار ته رڳو سليڪٽر وٽ آهي، آخر مريم کي اهڙو بيان ڏئي ملڪ جي 22 ڪروڙ ماڻهن جي دل آزاري ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڇا سليڪٽر کي معاف ڪرڻ سان مسلم ليگ ن يا ڪنهن پي ڊي ايم جي اتحادي کي ملندي؟ جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ  اليڪشن ڪرائي ملڪ جو ناڻو زيان ڇو پيو ڪيو وڃي؟ هاڻ مسلم ليگ ن ئي اهو ٻڌائي سگهي ٿي ته هن ملڪ ۾ سليڪٽر جي چوڻ ته وزيراعظم چونڊبو آهي يا وري عوامي مينڊيٽ ذريعي وزيراعظم چونڊيو ويندو آهي.

بهرحال هن وقت اپوزيشن جي اتحاد جو حڪومت تي دٻاءُ چٽو نظر اچي رهيو آهي، هڪ طرف خالي پيل سيٽن تي چونڊون ٿي رهيون آهن ته ٻئي طرف وري لانگ مارچ واري اعلان کانپوءِ  اتنظامن جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، سينيٽ جي چونڊ جون تياريون به جاري آهن، پي ڊي ايم لانگ مارچ جا بندوبست مڪمل ڪندي حڪومت جي خاتمي تائين جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پي ڊي ايم لانگ مارچ لاءِ پنج رڪني ڪميٽي قائم ڪئي آهي جنهن ۾ احسن اقبال، نيئر بخاري، مير ڪبير شاهي، ميان افتخار حسين ۽ اڪرم دراني شامل ٿيندا، 26 مارچ تي سڄي ملڪ مان لانگ مارچ شروع ٿيندا، شاهد خاقان عباسي جي قيادت ۾ صوبن جا دورا ڪيا ويندا، سمورين مزدورن تنظيمن سان رابطو ڪيو ويندو.هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر پي ڊي ايم لانگ مارچ واري اعلان تي قائم رهندي يا وري استعيفائن واري مامري جيان يوٽرن وٺندي. هونئن به استعيفائن سان ڪو به فرق نه پئي ها پر جلد بازي جي ڪري نقصان اپوزيشن کي ئي ٿيو، وزيراعظم عمران ته استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي  ۽ اڄ به ان فيصلي تي قائم آهي پر يوٽرن وٺي رهيون آهن ته اپوزيشن جماعتون وٺي رهيون آهن. جيڪڏهن لانگ مارچ ٿيو ته ان سان ملڪ ۾ تبديلي ضرور ايندي پر جيڪڏهن سليڪٽر سان ڳالهيون اپوزيشن جون ڪامياب ٿي ويون ته لانگ مارچ به استعيفائن واري مامري جيان ختم ٿي ويندو.

No comments:

Post a Comment