Pages

Sunday, 8 May 2016

نسرين الطاف جي شاعري ڪتاب “ دردن جي ڇانو ۾ ” تي تبصرو


صاحب خان ڀٽي
هونءَ ته دنيا اندر ڪيترن ئي ماڻهن شاعري ڪري وڏو نانءُ ڪمايو آهي ته ڪي وري رومانوي شاعري ڪري ڏکويل ۽ دردن جي دلين تي ڇائينجي ويندا آهن،ڪجهه اهڙا ماڻهو هوند آهن جيڪي اڍنگن روين ، ڏک ۽ پيڙا مان گذري دردن  جي ڪوتا کي تخليق ڪندا آهن. جن جي شاعري سونهن، محبت، ڏکن ۽ وڇوڙي سان گڏ پيار ۽ وڇوڙي تي ڪيل شاعري پاڻ ڏانهن مايل ڪري وٺندي آهي، اهڙن مان نسرين الطاف به هڪ آهي.، ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ سنڌيءَ ٻولي سميت ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڪتاب ڇپجندا آهن پر انهن ڪتابن کي پڙهيو تمام گهٽ ويندو آهي ۽ اهي ڪتاب اڪثر لائبريرين  جي ڪٻٽن ۾ پيل نظر ايندا آهن، جن کي پڙهڻ لاءِ ڪو قسمت سان ايندو آهي، پر ڪجهه اهڙا ڪتاب به هوندا آهن جن کي ساهه ۾ سانڍي رکڻ جي دل چوندي آهي، انهن ڪتابن ۾ نسرين الطاف جي شاعري ڪتاب “ دردن جي ڇانو ۾” به آهي. جنهن کي هڪ دفعو پڙهڻ سان دل جا سمورا بار لهي ويندا آهن ۽ دل چوندي آهي ته ان ڪتاب ۾ لکيل حمد، غزل، بيت ۽ وائيون بار بار پڙهيون وڃن ته جئين من اندر سڪون اچي وڃي. ڇاڪاڻ ته ان ڪتاب ۾ لکيل هر هڪ لفظ ان انسان  جي درد جي عڪاسي ڪري ٿو، جنهن کي ڪا دل تي چوٽ پهتي هجي يا وري عشق ۾ ناڪامي، سمورو دل جو حال احوال انهن لفظن ۾ ئي سمائل آهي. نسرين الطاف جو شاعري ڪتاب سليٽ اشاعتي شعبو دانشگاهه منصوريه آشرم ٽنڊو قيصر پاران ڇپايو ويو آهي. هي ڪتاب هر هڪ ان شخص کي پڙهڻ گهرجي جنهن کي شاعريءَ سان لڳاءُ هجي ۽ ان شخص کي به هن شاعري ڪتاب جو اڀياس ڪرڻ  گهرجي جنهن پنهنجي زندگي ڏکن، دردن ۽ وڇوڙي جي ڇانوءِ ۾ گذاري هجي. نسرين الطاف جي ڪتاب سنڌ جي شاعري ۾ هڪ نواڻ ۽ جدت آندي آهي، جنهن سان  سنڌ جي شاعريءَ جي مستقبل ۾ ڪي اميدن جا ڪرڻا نظر اچي رهيا آهن. مون کي پڪ آهي ته هي ڪتاب پڙهندڙن کي تمام گهڻو پسندو ايندو. هن شاعري ڪتاب ۾ روشن خيال، نفيس ۽ ڪومل احساس آهي، هن ڪتاب ۾ زندگي جون خوبصورت تشبهيون به ٿيل آهن ان سان گڏوگڏ هن ڪتاب ۾ هر ان انسان جي زندي جي عڪاسي ۽ منظر نگاري به ٿيل آهي، جن پنهنجي زنگي دردن جي ڇانو ۾ گهاري آهي. هن ڪتاب ۾ شاعره نسرين الطافن پنهنجي جذبن جو اظهار ڀرپور ڏانءُ سان ڪيو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان هر هڪ انسان جي ذهنن تي زبرست اثر ڇائنجي وڃن ٿا. مان نسرين الطاف جي غزلن جي ڪيترن ئي خوبصورت ۽ من موهيندڙ بندن کي پڙهيو آهي، جن کي پڙهڻ سان دل مرڪي پئي اٿم ۽ غزل جي ڪجهه اهڙن بندن کي به پڙهيو اٿم جن جي گهرائي پنهنجي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگها. نسرين الطاف جي  شاعري ڪتاب “ دردن جي ڇانو ۾ ”  کي سنڌي شاعريءَ ۾  بهترين اضافو به سڏجي ته اهو ڪو واڌاءُ نه هوندو.  نسرين الطاف جي غزل حسن، پيار ۽ محبت تي لکيل  آهي، جنهن ۾ انهن نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪنن جي ترجماني ٿيل آهي، جن پنهنجي من اندر وڏا  گهاءُ لڪائي رکيا آهن. نسرين الطاف پنهنجي ڏانءَ ۽ مزاج ۾ سنڌي شاعري جي تمام سٺي شاعره آهي. سندس غزل جون ڪجهه سيٽون هي آهن.

بي چين رات دل کي، آرام ڪونه آيو،
توريءَ ياد ڪوئي ٻيو نامُ ڪونه آيو
رڳ رڳ ۾ وردُ تنهنجو سڪ سڪ ۾ خيال تنهنجا،
هر سُر ۾ تون ٻيو ڪو ڪلام ڪونه آيو،
هو راتن جو جو بي چين رهي ٿو ۽ کيس ننڊ نٿي اچي، ان جي ياد کي ٻيو ڪو به نالو ياد ئي نٿو اچي صرف ان جي يادن ۾ ئي گم رهي ٿو. سندس رڳ رڳ ۾ ان جو ئي ورد آهي ۽ سندس هر خيال ۾ پنهنجي پيار  جي سڪ آهي. جنهن سبب کيس هر سر ۾ ٻيو ڪو به ڪلام ٻڌڻ ۾ نه پيو اچي. اهڙا جذبو ۽ خيال مون شاعريءَ ۾ گهٽ پڙهيو آهي پر نسرين الطاف انهن لفظن کي سٺائي ۽ ڏاهپ سان بيان ڪيو آهي، سندس غزل جا ڪجهه بند مون کي تمام گهڻو سٺا لڳا، اهي هي به آهن.
سڏڪا به تنهنجا سازُ به تنهنجو،
اندر ۾ آواز به تنهنجو!
آنءُ اياڻي هيڻي آهيان،
نينهن به تنهنجو نياز به تنهنجو.
تنهنجي سار هر پل اچي ٿي تنهنجي يادن ۾ سڏڪا ڀري رهيو آهيان، اهي به تنهنجا آهن، سار ۾ سڏڪن واري ڳالهه شاعره دل کي ڇهندڙ ۽ خوبصورت انداز سان ڪئي آهي، انهن بندن کي پڙهڻ سان دردن جو تصور ۽ نرم احساس پيدا ٿين ٿا. شاعره هن بندن ۾ ڏکويل ماڻهن جي اندر جي جيڪا پرچار ڪئي آهي، شايد ٻيو ڪو اهڙي نموني سان نه ڪري سگهندو.
من مٺي حياتي ٿي لڳي،
هر قدم تي زلزلن مان ٿيو گذر،
ڀونءَ تي “ نسرين ” اوندهه ٿي وئي،
چنڊ! تنهنجو گرهڻن مان ٿيو گذر.
هر هڪ انسان کي حياتي تمام گهڻو پياري هوندي آهي، پر جڏهن سندس زندگي جا گهاريل هر پل ڏکن ۽ دردن مان گذريا هجن ته اهي درد، ڏک ۽ تڪليفون ڪنهن زلزلي کان گهٽ نه هونديون آهن. شاعره انهي زلزلي کي اونداهي سان تشبيهه ڏني آهي، جئين چنڊ جو گرهڻ مان گذر ٿيندو  آهي ته اونداهي ٿي ويندي آهي. تئين نسرين به پنهنجي غزل ۾ انهن دردن جي ڪٿا بيان ڪئي آهي. نسرين جي غزل جا ڪجهه بند آهن ته...
آس ماريو ڏيهه خود مرڻي نه آ،
ويل هٿڙن مان وئي ورڻي نه آ!
ڪوششن سان غم گهٽايون لوڪ جا،
سُور ذاتي منجهه دل ڳرڻي نه آ،
شاعره وڇڙي ويل جي آس کي ڏيهه مرڻ جي جيڪا نسبت  آهي سان ان کي پنهنجي پرينءَ جي آس ماريو ويٺي آهي، جنهن  ان وڇوڙي کي پنهنجي اهڙن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. شاعره جي هن بند ۾ وقت جو به ذڪر ٿيل آهي، جنهن ۾هنءَ اهو واضع ڪيو آهي ته هڪ دفعو جيڪي شيءَ هٿن مان هلي ويندي آهي اها واپس موٽي نه ايندي آهي جئين گذريل وقت واپس ناهي ايندو.
هانءُ ڳوڙهن سان گڏ هارجي آ ويو،
چين دردن هٿان مارجي آ ويو،
ساهه جنهن کي ڀلائڻ لئه حيلاڪيا،
شخص سوئي الائي سارجي آ ويو،
شاعره نسرين الطاف هن غزل ۾ وڇڙي ويل جي يادن جي تمام سٺي مصوري ڪئي آهي، هڪ ته هانءُ ڳوڙهن سان گڏ هارجي آ ويو، جنهن ۾ شاعره  وڇوڙي کان پوءِ دردن سبب لڙڪن جو به ذڪر ڪيو آهي. ان بند جي هيٺين سٽ ته مٿينءَ سٽ کان به تمام گهڻي درد ڀري آهي، جنهن ۾ شاعره  دردن سبب پل پل ختم ٿيندڙ چين ( سڪون ) جو ذڪر تمام سهڻي طريقي سان ڪيو آهي. سندس غزل جا ٻيا بند آهن....
سنڌ ساري ساهه ۾ سانڍيون وتان ٿي اي پرين!
ٿيون کڻي ڦرنديون وتن شهدادپور منهنجون اکيون.
آس ٿم“ نسرين” من ۾ نيٺ ملندين هوت تون،
درد ونديون پاڻ پڄنديون تنهنجي در منهنجيون اکيون.
نسرين الطاف مٿين غزل ۾ رومانوي شاعريءَ  جو جنهن طريقي سان اظهار ڪيو آهي، ان سان اهي سموريون گهرجون پوريون ٿي وڃن ٿيو، جيڪي اڄ جي دور ۾ رومانوي شاعري لاءِ تمام گهڻو ضروري آهن. نسرين الطاف پنهنجي غزل جي هنن بندن ۾ پرينءَ  کي ڏسڻ لاءِ اکين  کي لڳل آس جي تمام بهتر نموني وضاحت ڪئي آهي، پرينءَ جي آس ۾ هونءَ  سندس شهر ۾ ڀٽڪندي رهي ٿي ۽سندس اکيون هن کي ڏسڻ لاءِ ترسي رهيون آهن ۽ کيس ايتري به اميد آهي ته نيٺ هڪ هنءَ کي ان جو ديدار نصيب ٿيندو. انهيءَ کانسواءِ هنءَ وڇوڙي سبب تڪليفن واري احساس کي لفظن جي لڙي ۾ پروڙيو آهي.
آباد شاد رهندي، آ ماءُ سنڌ منهنجي،
ڪنهن جو به ڪين سهندي، ايذاءُ سنڌ منهنجي.
مهراڻ ۾ ٿي گونجي، ۽ سمنڊ دل ۾ سانڍي،
رازق هي جيوتن لئه، درياءُ سنڌ منهنجي.
صوفين جي ڀونءَ آهي“ نسرين” سنڌ پياري
چاهي ٿو من سدائين، ٿي ڀاءُ سنڌ منهنجي.
نسرين الطاف پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي جي به دعا ڪئي آهي، سندس شاعري ۾ سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري پڙهي اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو  جيڪا حقيقت به آهي ته سنڌ ڌرتي ڪنهن کي به ايذاءُ نه ڏنو آهي ۽ هر هڪ کي پنهنجي هنج ۾ جڳهه ڏني آهي. ڇاڪاڻ ته هي ڌرتي صوفين جي ڌرتي آهي۽ ان مان صوفي ازم جي ڀونءَ ايندي رهندي آهي.نسرين الطاف جيڪي سنڌ جي خوشحالي جا سپنا ڏٺا آهن، اهي سندس شاعري ۾ جي لفظن ۾ سمايل آهن.




No comments:

Post a Comment