صاحب
خان ڀٽي
تحريڪ
انصاف جي لاهور واري ڌرڻي کانپوءِ جهڙي ريت سوشل ميڊيا تي وڊيوز منظرعام تي اچي
رهيون آهن جنهن سان هر هڪ شخص جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ جي
سربراهه عمرا ن خان لاهور ڌرڻي ۾ ٿيل عورتن سان بدسلوڪي جو نوٽيس ورتو آهي پر ان
تي ڪا به اڳڀرائي ٿيندي نظر نه پئي اچي ته ٻي طرف وري پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عظميٰ به
هڪ ٽي وي چينل تي ڳالهائيندي چيو آهي ته ن ليگ وارن جلسي کي خراب ڪرڻ لاءِ ٻاهران
ماڻهو موڪليا، اهڙي الزام کانپوءِ نواز
ليگ جي اڳواڻن طرفان به بيان سامهون آيا آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ اهڙا
الزام لڳائي رهي آهي. بهرحال معاملو اڃا گرم آهي، جئين جيئن ڏينهن گذرندا پيا وڃن
تئين تئين سوشل ميڊيا تي لاهور ڌرڻي جون وڊيوز سامهون اچي رهيون آهن، جيڪي به شخص
عورتن سان بدسلوڪي ڪري رهيا هئا انهن جا
فوٽيجز به سوشل ميڊيا تي سامهون اچي رهيا آهن، نوازليگ جا اڳواڻ به چئي رهيا آهن هو جلد انهن عنصرن کي وائکو ڪندا
جن عورتن سان بدسلوڪي ڪئي آهي. ميڊيا تي اهي به خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته جن
ماڻهن لاهور ڌرڻي ۾ عورتن سان بدسلوڪي ڪئي انهن ۾ پي ٽي آءِ جا عهديدار به شامل
هئا پر اهڙين خبرن جي هن وقت تائين تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي. پر هڪ ڳالهه ته
واضع آهي لاهور ڌرڻي ۾ جيڪو به شرمناڪ عمل ٿيو آهي ان جي ذميوار به پي ٽي آءِ جي قيادت
آهي ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي هر جلسي ۾ عورتن جي لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويندا آهن ۽ نه ئي وري
عورتن لاءِ ڪو الڳ پورشن ٺاهيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته لاهور واري جلسي ۾ پي
ٽي آءِ جيڪي داخلي ۽ خارجي رستا ٺاهيا هئا
اهي ايترا ته سوڙها هئا جو ڪارڪنن کي اچ وڃ ۾ تمام گهڻي ڏکيائي پيش اچي رهي هئي. جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان هن وقت خاموشي اختيار ڪري ويٺو
آهي پر سندس پارٽي ۾ ان معاملي تي اختلاف
وڌندا پيا وڃن، ڇاڪاڻ ته ان معاملي کانپوءِ نواز ليگ به پي ٽي آءِ کي سخت تنقيد جو
نشانو بڻائي رهي آهي.
لاهور جلسي کانپوءِ
عمران خان جي بيانن ۾ ٿوري ٺاپر آئي آهي، جنهن مان لڳي پيو ته هاڻ عمران خان
ٿڌي دماغ کان ڪم وٺي رهيو آهي ۽ مخالف جماعتون به نوازشريف کان استعفيٰ جو
مطالبو نه ڪري رهيو آهي، هاڻ انهن جو مطالبو پاناما جي جاچ جو اچي بچيو آهي. جيڪو
لڳي پيو ته جلد حل ٿي ويندو. هن وقت ته اپوزيشن جماعتون ٽي او آرز
بابت ڳالهائي رهيون آهن جيڪي به
ڪنهن حد تائين متفق ٿيندي نظر نه پيون اچن. هن وقت پيپلزپارٽي به تحريڪ انصاف ۽ ٻين پارٽين
سان گڏجي پاناما معاملي جي صاف شفاف جاچ لاءِ
اڳتي وڌي آهي پر ان باوجود اي اين پي ۽ ڪجهه ٻيون جماعتون وزيراعظم کان
استعيفيٰ جي مطالبي کان سواءِ ٻين سمورن
معاملن تي اتفاق ڪري ورتو آهي. هڪ طرف
پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف ۽ ٻيون مخالف ڌر جون جماعتون پاناما معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪري رهيون ته
ٻي طرف وري ڪجهه ڏينهن کان نوازشريف ٿورو خوش ۽ فريش نظر اچي رهيو آهي، جنهن مان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو وزيراعظم نوازشريف جو گرين سنگنل ملي چڪو آهي، جنهن سبب هو
ايترو مسڪرائي رهيو آهي. وزيراعظم
نوازشريف به چٽن لفظن ۾ واضع ڪري چڪو آهي ته چونڊن جو مطالبو ڪندڙ 2018ع تائين انتظار ڪن،
وزيراعظم جي اهڙي بيان باوجود تحريڪ انصاف
سربراهه خاموشي اختيار ڪري ويٺو آهي. ڪجهه تجزيانگارن جو چوڻ آهي ته عمران خان پنهنجيون ڪوتاهيون لڪائڻ لاءِ اهڙو رويو اختيار
ڪري ويٺو آهي.
نوازليگ جا اڳواڻ به عمران خان کي اهو ئي چئي
رهيا آهن ته جيڪو پارٽي جو سربراهه 15 سئو کان 200 واري ماڻهن جي جلسي کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي، اها به
انهن جي ڳالهه درست ئي آهي ته واقعي
جيڪڏهن عمران خان ڌرڻي ۾ بدنظمي نٿو روڪرائي سگهي ۽ کيس ايتري سگهه نه آهي جو هو پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي روڪي سگهي ته اهي
عورتن سان بدسلوڪي نه ڪن ته پوءِ اڳتي
هلي اهو پارٽي کي ڪهڙي نموني هلائي سگهي
ٿو؟. هاڻ به جيڪڏهن عمران خان پي ٽي آءِ
جي عورتن سان بدسلوڪي ڪندڙن کي سزا نه ڏني
ته پوءِ کيس اڃان وڌيڪ نواز ليگ جي بيانن
کي منهن ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته جيڪي به سوشل ميڊيا تي وڊيوز منظرعام تي اچي رهيا آهن
اهي پي ٽي آءِ جي سرابراهه کان
ويندي سموري قيادت لاءِ هڪ سواليه نشان بڻيل آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ عظميٰ به پي ٽي
آءِ سربراهه عمران خان کي خط به لکيو آهي پر هن وقت تائين
کيس ڪا به موٽ نه ملي سگهي آهي. هڪ پارٽي سربراهه هجڻ جي ناتي عمران خان کي
گهٽ ۾ گهٽ ايترو نوٽيس ضرور وٺڻ گهرجي ها ته جيڪي به ماڻهو پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ شريڪ هئا انهن کي تحفظ فراهم
ڪرائي ها ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ وڌيڪ عورتن سان بدسلوڪي نه ٿئي ها ۽ اهڙيون وڊيوز منظرعام
تي نه اچن ها. هاڻ جڏهن اهي وڊيوز انهن
عورتن جا وارث ڏسندا هوندا ته انهن سان ڇا
گذرندي هوندي شايد ان جو عمران خان کي اندازو به نه هوندو. لاهور واقعي کانپوءِ پي ٽي آءِ ۾ به اختلاف نظر اچي رهيا آهن، اهو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته عمران خان پارٽي
اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺڻ جي مڪمل ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ کيس هن وقت تائين ڪا به
اڳڀرائي نه ملي سگهي آهي،. هن وقت مخالف ڌر ۾ شريڪ جماعتن به عمران خان کان لاهور جلسي ۾
ٿيل عورتن سان بدسلوڪي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي،، جنهن بابت تفصيل گڏ
ڪرڻ جو ڪم به جاري آهي، پر اهڙي سست رفتاري واري عمل مان لڳي پيو ته اهو معاملي
ختم ٿي ويندو. اها ڳالهه ته واضع آهي ته لاهور ڌرڻي ۾ جهڙي ريت عورتن سان ورتاءُ ڪيو
ويو، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. جيتوڻيڪ هن وقت تمام گهڻي گرمي
آهي پر ان وقت به سموريو ڌيان پي ٽي جي ان
تي تي لڳو پيو آهي.
لاهور
جي جلسي بعد شايد ئي ڪو والد پنهنجي نياڻين کي عمران خان جي جلسي ۾ وڃڻ جي اجاز ڏئي. هاڻ اهو
وقت ئي ٻڌائندا ته ڇا عمران خان لاهور جلسي ۾ ٿيل عورتن سان بدسلوڪي جو نوٽيس وٺي
عملي قدم کڻندو يا وري اهو روايتي طريقي سان بيان ڏئي معاملي کي ٽاريو ويندو. ڇاڪاڻ هن ته ڌرڻي ۾ جنهن ريت عورتن سان بدسلوڪي ٿي آهي، اها ماضي
ٿيل جلسن ۽ ڌرڻن ۾ نه ٿي آهي ۽ نه ئي
اهڙيون وڊيوز منظرعام تي آيون آهن. عمران خان ڀلي ڪيترو به
پنهنجي جلسي جي تعريف ڪري پر کيس اهو نه ويسارڻ گهرجي ته هن عورتن جي حقن جو نعرو هنيو آهي ۽ سندس هر تقرير ۾ حقن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ عمران خان پاناما ليڪس معاملي بعد وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو
مطالبو ڪري رهيو آهي پر اتي کيس پاڻ تي
نظر ڦيرائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هيءَ ئي وقت آهي جنهن دوران عمران خان لاهور جلسي ۾ ٿيل
عورتن سان بدسلوڪي ڪندڙ جوابدارن کي سزا
ڏياري ته جئين ايندڙ وقت ٿيندڙ جلسن ۽ ڌرڻن ۾
عورتون ماضي جا پاڻ کي محفوظ سمجهي شريڪ ٿي سگهن. باقي رهي ڳالهه وزيراعظم
جي استعفيٰ جي ته اهو معاملو به ڪاڏي ڀڄي نه پيو وڃي. عمران خان کي ملڪ جي عورتن جي حفاظت سڀ کان وڌيڪ عزيز هئڻ
گهرجي. هاڻ جڏهن عورتن سان بدسلوڪي ڪندڙن جي سوشل ميڊيا تي جاري ٿيل وڊيوز مان نشاندهي ٿي
چڪي آهي تڏهن عمران خان کي ثابت قدم ٿي هڪ
سچو ۽ تڪڙو انصاف ڪرڻو پوندو ته جئين تاريخ ۾ پي ٽي آءِ کي انصاف جي نالي سان سڃاتو وڃي، جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ اڳواڻ نوازشريف تي لاهور جلسي ۾ ٿيل بدسلوڪي جو الزام لڳائي رهيا آهن پر ان باوجود انهن ڪي ثبوت ميڊيا کي ناهن ڏيکاري سگهيا پر ها ان
ڳالهه جو انڪشاف ضرور ٿيو آهي ته عمران
خان جي جلسي ۾ عورتن سان بدسلوڪي ڪندڙ ڪي
ٻيا نه پر سندس پارٽي جا عهديدار به هئا
جن جي موجودگي ۾ عورتن سان بدسلوڪي ڪئي وئي. ظاهري طور تي پي ٽي آءِ اڳواڻ لاهور جلسي جي جاچ بابت ته چئي
رهيون آهن پر ان تي هن وقت تائين عمل ٿيندي نطر نه پيو اچي. عمران خان جي خاموشي به
سواليا نشان بڻجندي پئي وڃي،.سندس شروع ڪيل تحريڪ به اڌ ۾ رهندي نظر اچي رهي آهي ۽
لڳي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ٻوٽي کي ڪنهن مٿان کان ڪٽي ڇڏيو آهي جنهن سبب ان
ٻوٽي جي ڇانو ختم ٿي وئي آهي.
No comments:
Post a Comment