Pages

Wednesday, 18 May 2016

قهر جي گرمي ۽ سالن کان نه ختم ٿيندڙ لوڊشيڊنگ

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان حڪمران بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جون دعوائون ڪري رهيا آهن پر هن وقت تائين  نه ته لوڊشيڊنگ ختم ٿي آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن حڪمران جي بيانن ۾ ڪا تبديلي آئي آهي، جيڪي به حڪمران  آيا آهن، انهن پنهنجي مفاهمتي جمهوري دور ۾ صرف بيان ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي، جنهن  سبب بجلي جو بحران ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، ان باوجود اختيارين جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري. سنڌ جي راجڌاني ۽ عالمي يتيم خاني ڪراچي سميت ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جون متيون مونجهائي ڇڏيون آهن، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو عملدارن جي ڪلورن سبب سنڌ جي اٻوجهه عوام قهر واري گرمي ۾ به بجلي کان محروم بڻيل آهي. ڪراچي جي قديم سنڌي  وسندي ڀٽائي آباد، ڌڻي بخش، سچل ڳوٺ ۽ ٻين وسندين ۾ ڪي اليڪٽرڪ عملدارن ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ جاري رکيو آهي، جنهن سبب رهواسي قهر واري گرمي ۾ پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن،  جيتوڻيڪ  رهواسي  احتجاج به ڪري رهيا آهن انهن جي دردن جو درمان بڻجڻ لاءِ ڪو به تيار نه آهي.  باقي رهي ڳالهه ڪي اليڪٽرڪ عملدارن جي ته اهي ته ايڏا مهربان آهن جو سنڌي وسندين جي بجلي بند ڪري ڊفينس سميت ٻين سرڪار نواز رهائشي علائقن کي  بجلي فراهم ڪري رهيا آهن، انهن علائقن ۾ نه ته بجلي ڪئي وڃي ٿي ۽ نه ئي وري گئس پريشر گهٽايو وڃي ٿو. ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو  جي اهڙن ڪلورن سبب عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي.  افسوس جي ڳالهه آهي ته هڪ طرف  سنڌ ۾ 42 کان 52 سينٽي گريڊ گرمي پڊ رڪارڊ ٿي رهيو آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو فوت  به ٿي چڪا آهن، ان باوجود ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو عملدار پنهنجي مرضي هلائڻ کان پاسو نه پيا ڪن، هن وقت نه ته وفاقي سرڪار نوٽيس وٺي رهي آهي ۽ نه ئي وري صوبائي سرڪار ڪو قدم کنيو آهي. گذريل سال به هيٽ اسٽروڪ سبب هزارين ماڻهو فوت ٿيا هئا ۽ اهو حشر هينئر ٻيهر ڏسڻ ۾ نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ جئين  صبح ٿئي ٿي ته ڪي اليڪٽر وارا سمورن سنڌي وسندين جي بند ڪري ڇڏين ٿا اهو سلسلو سڄو  ڏينهن جاري رهي ٿو.  ڪي اليڪٽرڪ جا عملدار هڪ ڪلاڪ بجلي کولين ٿا ته ٽي ڪلاڪ وري بند ڪري ڇڏين ٿا، جنهن جي ڪري رهواسي سڄو ڏينهن سخت گرمي ۽ لو کي منهن ڏئي رهيا آهن. بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ سخت گرمي سبب هن وقت تائين ڪيترائي مريض اسپتال ۾ داخل ٿي چڪا آهن، جنهن جون اهي دانهون آهن ته کين اسپتالن اندر به بجلي جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
سکر جا شهري به ۾ شديد گرمي دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏئي رهيا آهن،  جنهن سبب منجهند جي وقت گهٽيون ۽ روڊ رستا ويران ٿي وڃن ٿا. ٻاهرن  ملڪن ۾ ته اسپتالن، اسڪولن ۾ بجلي نه بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي ويندي ۽ ان تي عمل به ڪيو ويندو آهي، پر افسوس جو  هن ملڪ جا حڪمران پاڻ بجلي ڪمپنين کي بجلي بند ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندا آهن. جنهن سبب اڄ جي جديد دور ۾ شاگرد بنا بجلي جي اسڪول ۾ علم پرائي رهيا آهن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ گرمي پد 40 کان 51 سينٽي گريڊ تي به پهچي چڪو آهي، پر باوجود بجلي ڪمپنين وارا پنهنجي هوڏ تي قائم آهن. جنهن سبب جوهي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته سنڌ ۾ مختلف شهرن ۾ لوڊشيڊنگ ۽ سخت گرمي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 3 ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن به وقت وڌي سگهي ٿو، جنهن بابت هن وقت چوڻ وقت کان اڳ هوندو. ڪراچي جي قديم سنڌي وسندين کان ويندي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اهي ئي دانهون آهن، گذريل ٻن ٽن سالن کان 24 ڪلاڪن مان رڳو 5 کان ڇهه ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي ويندي آهي، ان باوجود بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنيون  بجلي جو بل  ٻه اڍائي هزار روپيا موڪلين ٿيون پر احتجاج باوجود سندن ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي.  هڪ طرف ملڪ ۾ وڏيون خبرون آهن ته احتساب ٿي رهيو آهي ۽ نيب ۽ ايف آءِ اي وارا  ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن، پر افسوس جو هن وقت تائين نيب انهن بجلي چور ڪمپنين جي مالڪن جي ڳچين ۾ هٿ نه وڍا آهن.  جنهن سبب اهي بجلي ڪمپنيون پنهنجي  مرضي  هلائي رهيون آهن.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  لڪاءُ صرف سنڌ اندر آهي باقي ٻين صوبن  ۾ ايترو بجلي جو بحران نه آهي ۽ نه ئي وري هن وقت تائين ڪي اهڙيون خبرون رپورٽ ٿي رهيون آهن ته ٻين صوبن ۾ بجلي بند ٿي رهي آهي،
 پنجاب  يا ٻين صوبن جو عوام جيڪڏهن بجلي يا ٻين مطالبن لاءِ روڊن تي نڪري ته حڪومت انهن سان ڳالهيون  ڪندي آهي پر افسوس جو سنڌ جيڪڏهن ڪو بجلي يا ٻين مطالبن  لاءِ روڊن تي نڪرندو آهي ته ڪڏهن وفاقي سرڪار ته ڪڏهن صوبائي سرڪار جا واٺا انهن مٿان گوليون هلرائيندا آهن يا وري انهن مٿان تشدد ڪرائيندا  آهن، جنهن سبب نه ته سنڌ  جا ماڻهو ڪري سگهن پيا ۽ نه ئي وري پنهنجا درد کڻي ايوانن ڏانهن اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عوام جي به ماڻهن کي ووٽ ڏنو اهي ڪامورا ته ايوانن ۾ ٿڌڙي ڇانوءَ ۾ وڃي ويٺا آهن، جيڪي پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي مڪمل طور ويساري چڪا آهن. جن  کي نه ته پنهنجن علائقن جي ياد ٿي اچي ۽ نه ئي وري اهي پنهنجيون عياشيون ڇڏي عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ٿي رهي آهن. جيتوڻيڪ بلاول ڀٽو زرداري بجلي لوڊشيڊنگ بابت احتجاج جو سڏ ڏئي چڪو آهي پر لڳي نٿو ته  هو بجلي جي بحران تي  ڪو ضابطو آڻي سگهندو، ڇو ته هن ملڪ ان ڏينهن بجلي جي لوڊشيڊنگ ناهي ٿيندي جنهن ڏينهن ملڪ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو ميچ ٿيندو هجي، ان ڏينهن هن ملڪ جي سمورين بجلي ڪمپينين وٽ قدرتي طور بجلي پوري ٿي ويندي آهي ۽ جيستائين ڪرڪيٽ هلندي آهي ۽  اها بجلي هڪ منٽ به بند ناهي ڪئي ويندي.  جنهن مان اهو صاف ظاهر آهي ته هن ملڪ جي حڪمرانن کي  عوام کان وڌيڪ ڪرڪيٽ پياري  آهي، ڇاڪاڻ ته ڪرڪيٽ دوران بجلي پوري ڪرڻ  ۾ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو وارا  بجلي جي پورٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن لڳندو آهي ته ڪا  آسماني طاقت ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو وارن جي مدد ڪري رهيو آهي. پر جڏهن ماروئڙا مرندا هجن ته ان ئي ڏينهن انهن وٽ بجلي ختم ٿي ويندي آهي. جنهن بابت جيترو لکيو وڃي اهو گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙين ڪمپنين کان ڀينگ ئي ڀلي آهي، جيڪي ڏينهن تتل هجڻ باوجود انسان  تي رحم نه پيون ڪن.   حڪمرانن کي گهرجي ته اهي بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم عوام کي آزار کان بچايو وڃي ته جئين اهي سک جو ساهه کڻي سگهن.

No comments:

Post a Comment