صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان افغانستان ۾ هلندڙ جنگ جا اثر
پاڪستان تي به پئجي رهيا آهن، جنهن سبب آمريڪا طرفان پاڪستان اندر به ڪارروايون
ڪيون ويون آهن، ماضي ۾ اسامه بن لادن کي به پاڪستان اندر مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي
هئي ۽ هاڻ به افغان طالبان جي نئين سربراهه ملا
اختر منصور کي به پاڪستان اندر ڊرون حملي ۾ ماريو ويو آهي، جنهن جي تصديق
وفاقي گهرو وزارت به ڪري چڪي آهي. آمريڪا جي اهڙي ڊرون حملي جي قومي اسيمبلي جي
مخالف ڌر طرفان به مذمت ڪئي وئي آهي، صدر
ممنون حسين جڏهن گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو، تنهن وقت به مخالف ڌر طرفان اهي نعرا هنيا ويا هئا ته صدر
ممنون حسين کي ملڪي اهم مسئلن تي به ڳالهائڻ گهرجي ها، خاص طور تي آمريڪي ڊرون
حملي تي به بيان ڏيڻ گهرجي ها ته جئين ان معاملي تي آواز اٿاريو وڃي ها، ڇاڪاڻ ته
اهي ملڪي حساس معاملا آهن. جيتوڻيڪ
وزيراعظم نوازشريف ۽ سياسي اڳواڻ آمريڪي ڊرون حملي جي مذمت ڪري چڪا آهن ۽ ان کي
قومي سلامتي جي ڀڃڪڙي به قرار ڏنو ويو آهي پر جڏهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو ڊرون
حملن بابت چٽو موقف سامهون آيو، تڏهن سڄي قوم کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ اهڙي عمل کي
تمام گهڻو ساراهايو به ويو، ڇاڪاڻ ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف پنهنجي بيان ۾ اهو
چيو آهي ته هو اهڙن ڊرون حملن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا ۽ ڊرون
حملن لاءِ بدقسمتي جو لفظ تمام ننڍڙو آهي، اهڙي بيان کانپوءِ ميڊيا تي جيڪي صحافي
چئي رهيا هئا ته آمريڪا جي ڊرون حملن بابت پاڪستان جو مضبوط موقف ناهي اچي سگهيو،
هاڻ سندن اهو سوال به ختم ٿي ويو آهي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف ملڪ ۾ امن امان
بحال ڪرائڻ لاءِ جيڪي به هن وقت تائين ڪوششون ڪيون آهن، جنهن کي مخالف ڌر توڙي
حڪمرانن طرفان تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي، جنهن سبب ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ آرمي چيف
جنرل شريف جي واکاڻ ٿي رهي آهي، گڏيل قومن به دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان فوج جي خدمتن جو اعتراف ڪيو آهي، آمريڪا، برطانيا،
سعودي عرب سميت ٻين ڪيترن ملڪن به پاڪ فوج جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪردار جي واکاڻ
ڪئي وئي آهي، گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري بان ڪي مون به پاڪستاني امن دستن جي
ڏينهن جي حوالي سان نيويارڪ ۾ خاص تقريب کي خطاب دوران پاڪستاني فوج جي ڪردار جي
تعريف ڪئي آهي. هڪ طرف آمريڪا افغانستان ۾دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار جي
تعريف ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري ڊرون
حملا ڪري پاڪستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ڪيترائي سوال اٿي
رهيا آهن، آمريڪا جي اهڙي رويي سبب ملڪ اندر گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪاوڙ واري لهر پکڙيل آهي ۽ سڄي قوم آمريڪا جي ڊرون
حملن کي ملڪي خودمختياري تي وار تصور ڪري
رهي آهي.
ماضي ۾ ڪنهن به اهڙي نموني آمريڪي ڊرون حملن بابت پنهنجو
بيان ناهي ڏنو، جئين هاڻ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڏنو آهي، جنهن پنهنجي بيان
چيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ ڊرون حملن
کي برداشت نه ڪندا، آرمي چيف جنرل شريف اهو به چيو ته پاڪ فوج دهشتگردن کي ڪليئر
ڪيل علائقن ۾ واپس وڃڻ نه ڏيندي ۽ کين 99 سيڪڙو ڪاميابي ملي وئي آهي، آرمي چيف
جنرل راحيل شريف 100 سيڪڙو دهشتگردي جي خاتمي تائين جنگ جاري رکڻ جو به اعلان ڪيو
آهي ۽ چيو آهي ته هي سال دهشتگردي جي
خاتمي جو آهي.جنرل راحيل شريف پاڪ چين معاشي لنگهه رٿا هر صورت ۾ مڪمل ڪرڻ جو به
عزم ڏيکاريو آهي ۽ چيو آهي ته ان رٿا سان
ملڪ ۾ خوشحالي ايندي ۽ عوام کي روزگار ملندو، آرمي چيف رٿا ۾ رخنو وجهندڙ ملڪ دشمن عنصرن خلاف
ڪارروايون جاري رکڻ جو به اعلان ڪيو، جنهن مان لڳي پيو ته هاڻ ملڪ اندر خوشحالي اچي
ويندي. آءِ ڊي پيز بابت آرمي چيف چيو آهي
ته صدر ممنون کيس آءِ ڊي پيز جي واپسي ۽ فاٽا ۾ جاري ترقياتي منصوبي کان تفصيلي
آگاهه ڪيو آهي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو آءِ ڊي پيز جي
واپسي اولين ترجيح وارو بيان واکاڻ جوڳو
آهي، ڇاڪاڻ ته آءِ ڊي پيز سبب ملڪ اندر
دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن سبب سڄي قوم جو به اهو ئي مطالبو آهي ته افغان
مهاجرن کي واپس اماڻيو وڃي ته جيئن ملڪ اندر امن امان بحال ٿي سگهي، بلوچستان جي
گهرو وزير سرفراز بگٽي به آءِ ڊي پيز کي واپس موڪلڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ چيو هو ته جيڪڏهن واپس نه ويا ته هو ڍڪا ڏئي
کين صوبي مان ٻاهر ڪڍندا، سنڌ ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان آءِ ڊي پيز کي واپس موڪلڻ
لاءِ احتجاج ٿيندو رهيو آهي ۽ هاڻ وفاق کي
به آءِ ڊي پيز بابت خيال آيو آهي ۽ اهي بيان ڏنا پيا وڃن ته افغان مهاجرين جي آڙ ۾
ملڪ اندر دهشتگرد به داخل ٿيا هئا، جنهن سبب هتي به دهشتگرديون جون ڪارروايون ٿي
رهيون آهن. جنهن مان لڳي ٿو هاڻ شايد آءِ ڊي پيز کي عزت سان واپس پنهنجي ملڪ ڏانهن
موڪليو ويندو، ڇاڪاڻ ته هاڻ اسان جو ملڪ ڌارين کي برداشت نه ڪري سگهندو،آمريڪي چيف
جنرل راحيل شريف جڏهن ضرب عضب آپريشن شروع ڪيو تنهن وقت به سوات ۽ ٻين قبائلي
علائقن مان لڏ پلاڻ ٿي هئي، ان وقت به ڪيترائي دهشتگرد ڀڄي ويا هئا، جنهن سبب ٻين
صوبن ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي هئي پر ان آپريشن سبب خيبرپختونخواهه جي
ڪيترن ئي قبائلي علائقن ۾ امن قائم ٿي ويو هو، هاڻ ڪيترائي علائقا دهشتگردن کان
ڪليئر به قرار ڏنا ويا آهن.
ڪراچي ۾ به ڪافي حد تائين آپريشن ڪامياب ٿي چڪو آهي، آرمي
چيف جي بهترين فيصلن سبب ڪراچي ۾ به ڪافي حد تائين امن ٿي چڪو آهي، ڪو ڏينهن
هو جو دهشتگرد سياسي تنظيمن جي آڙ ۾ ڪراچي
۾ لساني فساد پکڙيندا هئا ۽ اهي دهشتگرد ڏينهن ڏٺي ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيندا هئا ۽
انهن کي روڪڻ وارو ڪو به نه هوندو هو. آرمي چيف جي نوٽيس ۽ آپريشن واري اعلان کان
پوءِ ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪافي حد تائين گهٽتجي وئي آهي ۽ شهري سک جو ساهه کڻي رهيا آهن. اڄ ڪلهه دهشتگردن
جا ٻيڪاٽ ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن، جيتوڻيڪ آمريڪي ڪانگريس پاڪستان کي ايف 16 جهاز وڪرو
ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي آهي پر ان باوجود پر ان باوجود معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي پئي وڃي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف به چيو آهي ته ايف 16 جهاز وڪرو نه ڪرڻ
واري معاملي ۾ ايئر چيف آمريڪا سان رابطي ۾ آهي، آرمي چيف جي اهڙي بيان مان لڳي
پيو ۽ اها اميد به ڪئي پئي وڃي ته شايد آمريڪي ڪانگريس پاڪستان کي ايف 16 جهاز
وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا
تي اهي خبرون آهن ته آمريڪا پاڪستان تي
حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهيو آهي ۽ ٻيا به ڪجهه شرط
رکيا ويا آهن، جنهن سبب هن وقت تائين
پاڪستان کي ايف 16 جهاز نه پيا ڏنا وڃن. هڪ طرف آمريڪا پاڪستاني فوج جي دهشتگردي خلاف
جنگ ۾ ڏنل قربانين جو اعتراف ڪري رهيو آهي
ته ٻيو طرف وري پاڪستاني فوجي امداد سان گڏ پاڪستان کي ايف 16 جهاز به وڪرو ڪرڻ
کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا سراسر زيادتي آهي، خطي ۾ امن ڪرائيندي ڪرائيندي
پاڪستان اندر به امن تباهه ٿي ويو هو، هاڻ ئي وڃي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي
کنيل قدمن سبب امن قائم ٿيو آهي، جنهن کي 100 سيڪڙو مڪمل ڪرڻ لاءِ آرمي چيف عزم به
ڏيکاريو آهي، جيتوڻيڪ بلوچستان جي علائقي
نوشڪي ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ طالبان سربراهه ملا منصور جي مارجڻ واري واقعي بعد
پاڪستاني حڪمرانن طرفان سخت رد عمل ڏيکاريو ويو پر اهو هاڻ وڃي مضبوط اثرائتو ٿيو
آهي، ڇاڪاڻ ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف به ڊرون حملن بابت پنهنجو چٽو موقف سڄي
قوم کي ٻڌائي ڇڏيو آهي.
No comments:
Post a Comment