صاحب خان ڀٽي
هر سال جيان هن سال به
وفاقي سرڪار بجيٽ ۾ نوان ٽئڪس لاڳو ڪري غريب عوام جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا
آهن، هڪ طرف حڪمران بجيٽ کي عوام دوست قرار ڏئي رهيا آهن ته ٻي طرف وري روز مرهه
جي شين جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. سگريٽ، هارسينگار، بسڪيٽ، شيمپو، موبائيل فون
۽ سيمينٽ سميت ٻين ڪيترين ئي شين تي به ٽئڪس لاڳو
ڪيا ويا آهن، جن کي ٻڌڻ سان عوام جي چيلهه چٻي ٿي وڃي ٿي. جنهن جي ڪري هن
بجيٽ کي ڪنهن به صورت ۾ عوام دوست نٿو چئي
سگهي، هن بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ۽ فوجي بجيٽ ۾ 11 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي
پر تعليم لاءِ ڪا خاص بجيٽ مختص ناهي ڪئي وئي. مزدورن جي پگهارن ۾ صرف هڪ هزار
روپيا وڌائي وفاقي سرڪار جنهن ريت ٽئڪسن جو پهاڙ عوام مٿان ڪرايو آهي، جنهن جو
تاريخ ۾ مثال ئي نٿو ملي. اهڙي بجيٽ شايد تاريخ ۾ پهريون دفعو ئي پيش ڪئي وئي آهي،
ڇاڪاڻ ته حڪمران به وڏي فخر سان چئي رهيا آهن ته نواز ليگ جي سرڪار پهريون ڀيرو 4
ڇوٿين بجيٽ پيش ڪئي آهي، جنهن تي اسان کي ڪو به اعتراض نه آهي پر اهڙي بجيٽ تي فخر
عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي، ڪجهه ڏينهن سنڌ سرڪار به اهي ئي رڙيون ڪري
رهي هئي ته هن مالي سال جي بجيٽ ۾ صوبن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، وزيراعظم نوازشريف هارٽ اوپن آپريشن سبب پرڏيهه
۾ آهي، سڄو ڪاروهنوار اسحاق ڊار سنڀاليو آهي، بجيٽ به پيش ڪرڻ ڪا آسان راند نه
هئي، جنهن کي پيش ڪرڻ کان اڳ ئي ناڻي واري وفاقي واري وزير جي ٿوري طبعيت خراب ٿي
وئي، جنهن سبب هن وفاقي بجيٽ جو اعلان ڪندي اهڙا ته ٽئڪس ٻڌايا جن کي ٻڌڻ سان
صحتمند ماڻهو به بيمار ٿي پوندو. حڪومت هميشه اهو چوندي رهي آهي ته ٽئڪس لڳائڻ
ضروري هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان ئي ملڪ جو ڪاروهنوار هلي ٿو. هڪ طرف ملڪ قرضن ۾
ٻڏل آهي ته ٻي طرف وري جن کان قرض ورتو ويو آهي اهي به پنهنجي مرضي هلائي رهيا
آهن، جيڪي به انهن طرفان هدف اسان جي ملڪ کي ڏنا ويا آهن، ان تي عمل به ٿي رهيو
آهي، جنهن سبب ملڪ اندر مهانگائي تمام
گهڻو وڌي وئي آهي،
جيتوڻيڪ اسحاق ڊار
اهو فخر سان چيو آهي ته هنن لنڊي جي ڪپڙن
تي ٽئڪس ناهي لڳايو، ظاهر ڳالهه آهي ته اسحاق ڊار کي اهڙي فيصلي تي فخر به ڪرڻ
گهرجي ڇاڪاڻ ته حڪمرانن عوام جو حال به اهڙو ئي ڪري ڇڏيو جو هو هاڻ استعمال ٿيل ڪپڙن
کانسواءِ ٻيو ڪجهه وٺي به نٿا سگهن. بيروزگاري سبب نوجوان آپگهات ڪري رهيا آهن، ٻي
طرف وري جن کي حڪومت روزگار ڏنو آهي ته انهن کي وري پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن.
جنهن سبب انهن جي گهرن ۾ به فاڪاڪشي وارو ماحول آهي، سندن گهرن ۾ هڪ ويلي لاءِ
چلهه نٿي ٻري ۽ حڪمران اهي دعوائون ڪري رهيا آهن ته هنن بيروزگاري ختم ڪري
ڇڏي آهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪمرانن جو اهو بيان به درست آهي ته هنن بيروزگاري ختم
ڪري ڇڏي آهي، ڇو جو بيروزگار نوجوان ته ملڪ ڇڏي ڪمائڻ لاءِ پرڏيهه وڃي رهيا آهن ته
ڪي وري آپگهات ڪري رهيا آهي، ته پوءِ ظاهري ڳالهه آهي بيروزگاري ته ختم ٿيندي. هي
بجيٽ هونءَ به وڏي اهميت جوڳي آهي ڇاڪاڻ ته نوازسرڪار جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو
جمهوري حڪومت اهڙي عوام دوست بجيٽ پيش ڪري رهي آهي، جنهن جي گهاڻي ۾ عوام اهڙي
طريقي سان پيڙهبو جو اهي 20 سال پوئتي
هليا ويندا ۽ امير طبقو وڌيڪ امير ٿي ويندو ۽ غريب ويتر غربت جي گهاڻي پيڙجهندو
رهندو، وفاقي سرڪار ٽئڪس جي اوڳاڙي کي به
يقيني بڻائڻ لاءِ به اثرائتا قدم کڻڻ جو عزم ڪيو
ويو آهي ۽ چيو آهي ته هو هن ڀيري ٽئڪس جي اوڳاڙي کي ممڪن بڻائندا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت هن ڀيري جيڪو رويو
اختيار ڪيو آهي، شايد اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آجي ڇاڪاڻ ته گذريل ٽن سالن جي
پيش ڪيل بجيٽ اهڙي طرح عام واهپي وارين
شين تي ٽيڪس لاڳو نه ڪيا ويا هئا، جهڙي ريت هن ڀيري لاڳو ڪيا ويا آهن. وزيراعظم
نوازشريف ته آپريشن ڪرايو آهي ۽ سندس طبيعت ۾ تيزي سان سڌارو اچي رهيو آهي پر جنهن
طريقي سان هن بجيٽ ۾ عوام جو آپريشن ڪيو پيو وڃي جنهن مان لڳي پيو ته شايد هن ملڪ
جي عوام جي صحت ۾ ڪا مستقبل بهتري اچي سگهي.
هن ڀيري جيڪڏهن
مردمشماري ڪرائي وئي ته انگ اکر گهٽجي ويندا، ڇاڪاڻ ته جنهن ريت حڪمران عوام جو
اوپن هارٽ آپريشن ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي غريب ماڻهو خدا کي پيارا ٿي ويندا ۽
حڪمران اهڙيون عوام دشمن بجيٽون پيش ڪري
فخر سان چوندا ته هنن عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي
آهي. تجزيه نگارن جو به اهو ئي خيال آهي ته هن بجيٽ ۾ تعليم، صحت ۽ زراعت
لاءِ ڪا خاص بجيٽ مختص ناهي ڪئي وئي آهي، جيڪا به سبسڊي ڏني وئي آهي جنهن سان
ڪو به فائدو نه ملي سگهندو، ڇاڪاڻ ته ٽئڪس ايترا لڳايا ويا آهن،جنهن سان جيڪي به
رعايت ڏني وئي آهي ان مان عوام کي ڪو به لاڀ نه ملندو. رهندو مهانگائي ۾ اضافو
ٿيندو، جنهن سان روز مرهه جون شيون مهانگيون
ٿينديون، جنهن جي ڪري حڪمرانن کي عوام تي گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ گهرجن ته جيئن
اهي پنهنجي پير ن تي بيهي سگهن. جڏهن ته ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار وفاقي
بجيٽ پيش ڪري رهيو هيو ته تنهن وقت ئي غريب ماڻهن جي مٿي تي هٿ اچي ويا هئا، ڇاڪاڻ
ته سوپارين، بسڪيٽن، ٻين عام واهپي جي شين تي به ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو،
جنهن کي عوام انتقام ۽ حڪمرانن جي سياسي چال قرار ڏئي ڇڏيو آهي، هڪ طرف حڪومت عوام
مٿان ٽئڪسن جو پهاڙ ڪرايو آهي ته ٻي طرف وري ٻن اهم ادارن نيب ۽ اليڪشن ڪميشن جي
بجيٽ به گهٽتائي وئي آهي، جنهن مان لڳي ته ڪجهه عرصو اڳ جنهن ريت نيب ۽ اليڪشن
ڪميشن پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري ان مان شايد وقت جا حڪمران خوش نه هئا، جنهن سبب هنن
اهڙو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي حڪومت نيب جي بجيٽ 2 ارب 42 ڪروڙ روپين گهٽائي 2 ارب 34
ڪروڙ روپيا ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ ڪروڙين روپيا گهٽتايا ويا
آهن، جنهن مان لڳي پيو ته حڪمران هونءَ ته نيب جي نڪ ۾ ناڪيلي ءَ نه وجهي سگهيا ۽
هاڻ بجيٽ گهٽائي ان اداري تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن جئين مستقبل ۾ سندن جو حڪم هلي سگهي. ماضي ۾ نيب جيڪي به ڪارروايون
ڪيون انهن کي تمام گهڻو ساراهايو ويو هو، ڇاڪاڻ ته وڏن مگر مڇن جي ڳچين ۾ هٿ وڌا
ويا آهن، جنهن سبب ڪيترائي سياستدان نيب
کان ڪاوڙيل هئا ۽ اليڪشن ڪميشن به ڪيترائي
اهڙا فيصلا ڏنا جنهن سان حڪومت ۾ ويٺل پارٽي جي اميدوارن کي ٻيهر چونڊن ۾ حصو وٺڻو
پيو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته وزيراعظم هائوس، ايوان صدر، سڌ سماءُ واري وزارت جي به بجيٽ
وڌائي وئي آهي جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته وزيراعظم جي خرچ ۾ 3 ڪروڙ روپين جي واڌ ڪئي وئي آهي، وزير اعظم آفيس لاءِ بجيٽ
85 ڪروڙ رپين مان وڌائي 88 ڪروڙ رپيا ڪئي وئي. جڏهن ته ايوان صدر جي خرچ ۾ 5 ڪروڙ
رپيا واڌارو ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ وزارت اطلاعات ۾ تحفن جي خريداري لاءِ 55
لک رپيا رکيا ويا آهن،
وفاقي حڪومت ڪراچي واسين کي بجلي تي ملندڙ سبسڊي به اڌ کان
وڌيڪ گهٽائي ڇڏي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي سبسڊي 53 ارب مان 22 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، جنهن
سبب هڪ دفعو ٻيهر ڪي اليڪٽرڪ کي شهرين ڏانهن ڳاٽي ٽوڙ بل موڪلڻ جو جواز ملي ويندو،
جنهن جو سڌي ريت نقصان به عوام کي ئي پوندو. هونءَ به ڪي اليڪٽرڪ سڄي ڏينهن شهرجي
مختلف علائقن اندر 5 کان 7 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪري رهي آهي، شهر جا ڪيترائي اهڙا
علائقا آهن، جتي بجلي جي ايتري ته لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي، جنهن کي ڏسي هر ڪو اهو
چوندو ته اهڙي بجلي کان سٺو ماڻهو بنا بجلي جي ويهي، ڇاڪاڻ ته ڪي اليڪٽرڪ به جتي
امير طبقو رهي ٿو اتي لوڊشيڊنگ نه پئي ڪري باقي جتي مڊل ڪلاس جا ماڻهو رهن ٿا اتي
بجلي جي ايتري ته لوڊشيڊنگ ڪري ٿي جو ماڻهو ڊپريشن سان گڏ ٻين ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا پر ان باوجود نه ته
حڪومت کي ڪو خيال اچي ٿو ۽ نه ئي وري ڪي اليڪٽرڪ ڪو رحم ڪري ٿي. صرف ڪي اليڪٽرڪ جو
به ڏوهه ناهي ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر جيڪي به
بجلي جون ڪمپنيون آهن، انهن سڀني
جو هڪڙو ڪم آهي ، جيڪي پنهنجي مرضي موجب
بجلي جا بل موڪلينديون آهن ۽ پنهنجي مرضي موجب ٽئڪس وصول ڪنديون آهن، جنهن سبب
عوام ئي انهن جي ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهجندو رهيو آهي.
حيسڪو سيپڪو ۽ ٻين ڪمپنين طرفان عوام کي پريشان ڪرڻ لاءِ
ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي پر بجلي جي بلن ۾ ڪا گهٽتائي نه ايندي آهي. وفاقي سرڪار
هن بجيٽ ۾ 300 ارب رپين جا نوان ٽيڪس پڻ لڳايا آهن، بجيٽ دستاويزن ۾ چيو
ويو آهي ته 15 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح وڌائي 16 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، سولر پينل جي
درآمدتي ڊيوٽي جي شرح 2017ع تائين ختم ڪئي وئي. صحت لاءِ وفاقي حڪومت ڪا خاص بجيٽ
ناهي رکي پر ان باوجود ناڻي واري وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته صحت جي بجيٽ 29 ارب
رپيا رکي وئي، جڏهن ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ ساڍا 79 ارب رپيا ۽ اعليٰ تعليم
لاءِ 79.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. نيئن سال جي بجيٽ بابت هن وقت تائين ڪنهن تنظيم
طرفان ڪو خاص بيان يا احتجاج ناهي ڪيو
ويو، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ته اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جڏهن سندن حڪومت آئي ته اهي نواز ليگ کان ٻيڻا
ٽيڪس اوڳاڙي ڏيکاريندا، هن سال جهڙي ريت نواز ليگ بجيٽ پيش ڪئي آهي، جنهن مان لڳي
ٿو ته غريب عوام روڊن تي اچي ويندو ۽ بي
روزگاري تمام گهڻو وڌي ويندي، پر ان
باوجود عمران خان اهڙا بيان ڏئي غريب عوام زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيو آهي، عوام اهي
اميدون ڪري رهي هئي ته شايد اهو هن بجيٽ
کي عوام دشمن قرار ڏئي روڊن تي ايندو ۽ ڌرڻا هڻدو پر اهو ان جي ابتڙ ڪري رهيو آهي.
رهندو نوازليگ کان ٻيڻا ٽئڪس وصول ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي رهيو آهي. صرف جماعت اسلامي ئي
هن بجيٽ کي عوام دشمن چيو آهي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پنهنجي بيان ۾ چيو
آهي ته وفاقي بجيٽ غريب کي ويتر غريب ۽ امير کي امير ڪرڻ جي برابر آهي. جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي
زرداري به هن بجيٽ کي انگن اکرن جي ڦير ڦار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جنهن بعد لڳي ٿو ته
سراج الحق ئي هن بجيٽ خلاف اڳتي وڌندو، ڇاڪاڻ ته حڪمرانن تعليم ۽ صحت لاءِ ڪا خاص
بجيٽ نه رکي آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ طر ف سرڪاري اسپتالون اين جي اوز حوالي ڪيون
ويون آهن، ته ٻي طرف وري اتي موجود عملو
نه ته عوام کي ڪا دعويٰ ڏئي رهيو آهي ۽ نه ئي وري انهن اسپتالن ۾ ڊاڪٽر اچي رهيا آهن. حڪومت جيڪا
اميد ڪري رهي هئي ها پوري نه ٿي سگهي آهي. جنهن سبب حڪومت کي ان بابت به سوچڻو
پوندو. جيڪڏهن اهڙي بجيٽ هر سال پيش ٿيندي رهي ته ملڪ اندر مهانگائي تمام گهڻو وڌي ويندي ۽ هن ملڪ ۾ بي روزگاري ۾
به واڌ اچي ويندي جنهن لاءِ حڪومت کي اهڙا قدم کڻڻا پوندا ته جئين اهي سڄي قوم جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن ته جئين
اڳتي هلي عوام سک جو ساهه کڻي سگهي ۽ عوام
ترقي جي راهه تي گامزن ٿئي.
No comments:
Post a Comment