صاحب خان ڀٽي
ملڪ جي قيام کان وٺي هن وقت تائين سنڌ اندر ڪيتري ترقي ٿي
آهي، ان جو اندازو بيروزگاري ۽ بک بدحالي مان
آساني سان لڳائي سگهجي ٿو، هتي ڪيتريون فيڪٽريون لڳيون آهن ۽ اهي ڪنهن جي دور ۾
لڳيون ته پوءِ ان جو اسان کي تاريخ جو اڀياس ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر ترقي
جو دور ان وقت شروع ٿيو هو، جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ٿي هئي، شهيد ذوالفقار
علي ڀٽي پاڪستان اسٽيل مل لڳائڻ سان گڏ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي صنعتون به قائم ڪرايون،
جنهن جي ڪري هتان جي عوام خوشحال به ٿئي هئي ۽ ڪيترن ئي سنڌي نوجوانن کي روزگار به
مليو هو. پر افسوس جو هاڻ خوشحال سنڌ کي هٿ وٺي تباهي ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. هتي
روزگار ته آهي پر اهو سنڌين لاءِ نه پر ڌارين لاءِ آهي، سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾
به الائي ته ڪنهن جو حڪم هلي رهيو آهي جو اتي به صرف ڌارين جي لوڌ ڀرتي ڪئي پئي
وڃي. جنهن بابت نه ته اسان جا چونڊيل نمائندا ڳالهائي رهيا آهن ۽ نه ئي عوام کي احتجاج ڪرڻ جي اجازت ڏني پئي
وڃي.
هڪ طرف پنجاب ۾ نوان نوان منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن ته ٻي طرف وري سنڌ جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ سان گڏ سنڌ
اندر لساني بنياد تي وڙهائڻ جون سازشون به
ڪيون پيون وڃن. 1943ع کان نظر ڦيرائينداسين ته هن وقت تائين نه ته ڪا خاص ترقي ٿي
آهي ۽ نه ئي وري تعليم جي بهتري لاءِ قدم کنيا ويا آهن. هڪ طرف وفاقي حڪومت
اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته سنڌ ۾ روزگار جا تمام گهڻا ذريعا فراهم ڪيا ويا آهن ته ٻي طرف وري اها وفاقي حڪومت سنڌي نوجوانن کي
روزگار کان محروم ڪري رهي آهي. خبر ناهي
جو وفاقي حڪومت کي سنڌ سان ڪهڙو ويڌن آهي جو اها پنهنجي فيصلا سنڌ تي مڙهي رهي
آهي، پاڻي جو مسئلو هجي يا وري ڌارين جي لوڌ جو ته ان جو سڄو بار سنڌ تي ئي وڌو
ويندو آهي. جيڪڏهن ڪو سنڌي ڌارين جي لوڌ
خلاف احتجاج به ڪري ته ان جي اٿندڙ هر هڪ آواز کي دٻايو ويندو آهي، مون کي
اڄ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي
شاهه جو اهو بيان ياد آهي ، جنهن ۾ هن چيو
هو ته هو ڌارين جي لوڌ کي روڪڻ چاهين ٿا ته پر مٿان کين حڪم جاري ڪيا وڃن ٿا ته
انهن کي نه روڪيو، جنهن سبب هو بيوسآهن ۽ هو
انهن کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي نه ٿا سگهن. افغانستان مان به لکين مهاجر آيا
جنهن کي به وفاقي حڪومت بنا ڪنهن چيڪنگ جي سنڌ ۾ داخل ڪرائي آباد ڪيو، جنهن جي ڪري
اڄ سنڌ ۾ بدامني پکڙجي وئي آهي. هاڻ خبر ناهي ته اهي ڪٿي آهن؟ هاڻ انهن کي ڳولڻ به هن سنڌ حڪومت ته ڇا وفاقي
حڪومت جي وس ۾ به نه رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته
انهن افغان مهاجرن وٽ هاڻ پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ اچي ويا آهن ۽ انهن هت ملڪيتون به
خريد ڪري ڇڏيون آهن، ڪجهه ته پاڻ کي ڪي پي ڪي جو
به سڏرائي رهيا آهن، جنهن جو اعتراف وفاقي حڪومت به ڪري رهي آهي پر ان
باوجود حڪومت جون اهي دعوائون ته انهن وٽ سمورن افغانين جو رڪارڊ موجود آهي، اهي
ڪنهن ڀوڳ کان گهٽ نه آهن. جنهن ڏينهن کان پاڙيسري ملڪ جي مهاجرن ملڪ اندر پير پاتو آهي، تنهن ڏينهن کان اسان کي
ان جي سزا به ملي رهي آهي پر اسان جي هي حڪومت انهن کي وڌيڪ ترسائڻ واري ضد تان
لهڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، ڇاڪاڻ ته وفاق پاڻ ئي انهن کي هتان ڪڍڻ لاءِ سنجيده نه
آهي، يا انهن کي سنڌ جي امن سان ڪا به دلچسپي نه آهي.
ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ڪيترائي افغاني شهر آباد آهن،
جيڪڏهن ان بابت سنڌ سرڪار کان ئي سوال ڪيو وڃي ته ان وٽ به شايد جواب نه هجي...! خاص
طور تي ڪراچي ۾ سنڌين خلاف ته رڻ ٻاري ڏنو ويو آهي، جنهن جي ڪري سنڌي ماڻهو اڄ به
پريشان آهن. ڪراچي جي ڪري صرف سنڌي نه پر
سنڌ جي حڪمرانن جون به ننڊون ڦٽل آهن ڇاڪاڻ جو ڪجهه ميڊيا چينلن کي به اهي
سنڌي حڪمران به پسند نه آهن، جنهن جي ڪري اهي سائين ڪي سرڪار جو لفظ استعمال ڪندا
آهن، جنهن مان انهن جي نفرت جو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو، هاڻ ائين لڳي
رهيو آهي ته اردو ميڊيا ۾ ڪيترن ئي اينڪرن کي ٺيڪو مليو آهي جو اهي پنهنجي چينلن
تي ويهي پاڪستان جي خالق سنڌ کي ٽوڙڻ بابت پروگرام ڪري رهيا آهن، خاص ڪري اهڙا
پروگرام ڪيا پيا وڃن، جن خلاف سنڌ جي عوام ۾ وڏو تاءُ پکڙيل آهي. ٻي طرف وري بحريا ٽائون جهڙا سنڌ دشمن منصوبا به
شروع ڪيا ويا آهن، جنهن تحت سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي ۽
اهڙن منصوبن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ هتان جي ضمير فروش ماڻهن کي به پاڻ سان گڏ ملايو ويو آهي، جيڪي انهن جي ٻولي ڳالهائي
رهيا آهن ۽ پنهنجي آقائن جي تعريف ڪندي ٿڪندا نه آهن. افسوس جي ڳالهه آهي ته جڏهن ڪو سنڌ خلاف حڪمرانن
کان فيصلو مڃرائڻو هوندو آهي ته ڪالا باغ ڊيم جو اشو مٿي کنيو ويندو آهي پوءِ
هر چينل تي سنڌ دشمن ٺيڪيدار
انهن جي ٻولي ڳالهائيندي نظر ايندا آهن ۽ پوءِ جڏهن انهن جا مطالبا پورا ٿي
ويندا آهن ته اهو اشو به دٻجي ويندو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وفاقي کاتن ۾ سنڌي نوجوان ڪيترا ڀرتي آهن
ته پوءِ ان جو شايد جواب ڪير به نه ڏئي سگهندو. وفاقي حڪومت ۾ نوڪريون ته ٺهيو پر
هاڻ سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ۾ به سنڌين کي
حق نه پيو ملي، تعليم کاتو هجي، يا وري ٻيو اتي به ڌارين کي ڀرتي ڪرڻ جو سلسلو
شروع ڪيو ويو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي
گهرو وزير چوڌري نثار اعلان ڪيو هو ته سنڌ
پوليس ۾ 20 هزار رٽائرد فوجي اهلڪارن کي
ڀرتي ڪيو ويندو، جنهن کي سنڌ سرڪار لبيڪ چيو هو. جنهن تي سنڌ جي
مختلف شهرن ۾ احتجاج به ڪيا ويا هئا.
وفاقي حڪومت جي اهڙي رويي تي سنڌ جي ساڃاهه وندن ڳڻتي به ظاهر ڪئي هئي. هڪ طرف سنڌ سرڪار چئي رهي هئي هنن وٽ وسيلا نه آهن جو وڌيڪ ڀرتيون ڪيون وڃن پر اچانڪ هاڻ 20 هزار
رٽائرڊ ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ ڪجهه رٽائرڊ ماڻهن کي ڀرتي
ڪيو ويو هو، خبر ناهي ته وفاقي حڪومت کي
سنڌي نوجوانن کان روزگار کسڻ مان الائي جي
ڇا ملندو، هزارين نوجوان ڊگريون کڻي در در
ڀٽڪي رهيا آهن پر انهن کي نوڪري ڏيڻ بدران انهن کي ڏني پئي وڃي جيڪي رٽائرڊ ٿي چڪا
آهن، جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته مستقبل
۾ سنڌ جي مسجدن ۾ مولوي پنجاب مان گهرايا ويندا ۽ اهو سلسلو اڳتي هلي استادن کان ويندي الائي جي ڪٿي پهچي دنگ ڪندو، جنهن
تي سنڌ واسي تمام گهڻو پريشان آهن. هڪ طرف بيروزگاري سبب سنڌي نوجوان پريشان آهي
ته ٻي طرف وري ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ
جون به سازشون جاري آهن، ڪراچي ۾ گٽر بند
ٿئي ته به سنڌ کي ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ ڪنهن جي گهر ۾ ڌاڙو لڳي ته به سنڌ
کي ٽوڙڻ جا نعرا هنيا وڃن ٿا، مطلب ته
ڪراچي ۾ ڪنهن جي ٻڪري به ڀڄي وڃي ته اهو مطالبو ڪيو وڃي ٿو هاڻ ڪراچي
کي الڳ ڪري انهن جي حوالي ڪيو جن کي سنڌين پناهه ڏني آهي، هاڻ سنڌ کي ٽوڙڻ وارو
مطالبو ايوانن تائين پهتو آهي جنهن جو ذڪر ميڊيا تي به ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ
حڪومت هن وقت تائين ڪي به قدم نه کنيو آهي.
No comments:
Post a Comment