صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ ۾ احتساب جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، تحريڪ انصاف
سربراهه عمران خان به ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪري
رهيو آهي ۽ احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جو به سلسلو جاري آهي، جنهن سبب ملڪ اندر ڇڪتاڻ
وارو ماحول نظر اچي رهيو آهي. سنڌ ۾ ڪجهه سياسي اڳواڻن جون گرفتاريون ٿيون آهن پر
انهن جو ڪو خاص احتساب نه ٿي سگهيو آهي، سنڌ جي تعليم کاتي ۾ به جاچ شروع ٿي وئي
آهي ۽ پير مظهر الحق جي دور ۾ جيڪي جعلي
ڀرتيون ٿيون هيون ان بابت جاچ شروع ٿي چڪي آهي ۽ ٻيا کوڙ سارا کاتا آهن جن ۾ به جاچ
ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ نيب پاران
ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن بعد ڪرپٽ ڪامورن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽
ڪجهه هنڌن تان اهي به خبرون اچي رهيون آهن ڪرپٽ ڪامورن پنهنجي آفيسن جو رڪارڊ
کڻائي پنهنجن گهرن ۾ رکرائي ڇڏيو آهي ته ڪن وري رڪارڊ کي باهه ڏئي ساڙائي ڇڏيو
آهي، ان باوجود حيدرآباد ۽ ٻين شهرن مان به نيب هٿان ڪرپٽ ڪامورا گرفتار ٿي رهيا
آهن، ٻڌڻ ۾ آيو آيه ته سنڌ ۾ اڃا اهي ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون. باقي رهي
ڳالهه ٻين صوبن جي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ نيب پاران هن وقت تائين اهڙي ڪا
وڏي ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي جنهن مان لڳي ته
اتي به احتساب وارو عمل جاري ۽ ساري آهي، پنجاب جا ڪجهه ڪامورا اهي بيان
ڏئي رهيا آهن ته سنڌ ۾ ڪرپشن ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان
ڳالهه ۾ ڪو به شڪ به نه آهي، ڇاڪاڻ ته شايد ئي سنڌ ۾ ڪو اهڙو ادارو هجي جتي بنا
رشوت جي ڪم ٿيندو هجي، سرڪاري نوڪري وٺڻ هجي يا وري ڪو سرٽيفڪيٽ ٺهرائڻو هجي اهو
سڀ ڪم پئسا ڏيڻ کان سواءِ ٿيڻ نا ممڪن آهي، جنهن سبب سنڌ اندر ترقياتي ڪم هن وقت
تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن هنڌ گٽر نالو به ٺاهيو ويندو آهي ته اهو
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٽٽي پوندو آهي ۽ اها
سهولت عوام لاءِ ويتر عذاب بڻجي ويندي آهي. نادرا جو به اهو ساڳيو حشر آهي، اتي به
ڪرپشن عروج تي پهتل آهي، جنهن جو چٽو ثبوت پرڏيهين جي سڃاڻپ ڪارڊن مان
ملي ٿو. سنڌ ۾ ته ڪجهه عرصي کان سياسي پارٽي جي اڳواڻن جي گرفتاري جو سلسلو به
شروع ٿي چڪو آهي، ڪنهن سوچيو به نه هو ته
ڪراچي کان ويندو ڪشمور تائين بنا ڪنهن رعايت جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي
گرفتار ڪيو ويندو.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي انت واري عدالت ڊاڪٽر
عاصم حسين ڪيس جي جوابدارن ۾ شامل ايم ڪيو
ايم اڳواڻ وسيم اختر، رئوف صديقي، انيس قائمخاني ۽ ڊاڪٽر قادر پٽيل کي گرفتار ڪرڻ
جو حڪم ڏنو ته قادر پٽيل اتان کسي هليو ويو، جنهن کي صوبائي گهرو وزير سهيل انور
سيال گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به ڏوهاري جي جو ساٿ
نه ڏيندي، جنهن بعد ڪراچي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ٿرٿلي ۾ اچي ويا ۽ پ پ اڳواڻ
قادر پٽيل جي ڳولا شروع ڪئي پر قادر پٽيل پاڻ هڪ ٿاڻي تي اچي گرفتاري پيش
ڪئي. ايم ڪيو ايم وسيم اختر ۽ رئوف صديقي جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان ڪندي
چيو ته وسيم اختر کان ”را“ سان لاڳاپن جي جاچ ڪرڻ تي ڳڻتي آهي ۽ وسيم اختر ڪراچي
جو نامزد ميئر آهي. وسيم اختر ۽ رئوف صديقي جي گرفتاري کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ
ادارن ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالقادر خانزاده جي گھر جو گھيرو ڪري سندس پٽ کي گرفتار ڪري ورتو. ايم ڪيو ايم جي
ڪائونسلر ذيشان کي به گرفتار ڪيو ويو، جنهن بعد
سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر سياسي ڇڪتاڻ وڌندي نظر اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته پنجاب ۽ ڪي
پي ڪي ۾ ڌرڻن جي سياست ٿي رهي آهي ۽ سنڌ
اندر سياسي تنظيمن جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، بهر حال اهو تاريخ ۾ پهريون
ڀيرو ٿي رهيو آهي ته سنڌ اندر به سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي جيڪو اڳ سنڌ ۾ ڪڏهن به نظر نه آيو آهي. باقي رهي ڳالهه
پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ته اتي هن وقت تائين ڪنهن به سياسي اڳواڻ جي گرفتاري
عمل ۾ نظر نه آئي آهي، جنهن مان لڳي پيو ته ان ٻنهي صوبن ۾ سمورا سياسي اڳواڻ
فرشتا آهن، جنهن سبب انهن خلاف ڪا به ڪارروائي ٿيندي نظر نه پئي اچي، پنجاب ۽ ڪي
پي ۾ سياسي ڇڪتاڻ ته نظر اچي رهي آهي پر اتي احتساب جا ادارا اتي ڪارروائي نه ڪري
رهيا آهن، جيتوڻيڪ پنجاب ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪارروائي جو امڪان ظاهر ڪيو
پيو وڃي پر هن وقت تائين پنجاب ۾ ڪا خاص ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب پنجاب
حڪومت ويٺل اهي وزير جن تي ڪرپشن جا الزام لڳل آهن اهي آجا نظر اچي رهيا آهن،
پنجاب جي ڪيترائي اهڙا سياستدان به آهن جن خلاف به ڪرپشن بابت جاچ ٿي رهي آهي پر
هن وقت تائين گرفتاري نه ٿي سگهي آهي. پي ٽي آءِ، پ پ پ، فنڪشنل ليگ، نواز ليگ ۽
ٻيون جماعتون به احتساب جون حامي آهن پر جڏهن سنڌ اندر ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف
ڪارروائي ٿيندي آهي ته انهن ادارن جي حوصلا افزائي نه ڪئي ويندي آهي. پاناما ليڪس
معاملو به گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هن وقت تائين حل نه ٿي سگهيو آهي،
پاناما ليڪس معاملي جي جاچ ڪڏهن ٿيندي، ان بابت هن وقت چوڻ وقت کان اڳ هوندو،
ڇاڪاڻ ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ اسان اهي خبرون ٻڌي رهيا هئاسين ته عيد کان پوءِ وزيراعظم
نوازشريف خلاف وڏا احتجاج ٿيندا ۽ ڌرڻا هنيا ويندا، پر انهن اعلانن تي به تر جيترو
به عمل نه ڪيو ويو، جن پارٽين عيد کان پوءِ احتجاج ۽ ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪيو هو،
اهي ئي پارٽي هن وقت تائين پنهنجي اعلانن تي قائم نه رهي سگهيون آهن، پي ٽي آءِ
سربراهه عمران خان به هڪ دفعو ٻيهر 7 آگسٽ کان حڪومت خلاف سجھي ملڪ ۾ تحريڪ هلائڻ
جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مان لڳي پيو ته هي اعلان به رمضان جي ڀلاري مهيني ۾
ٿيل اعلان وانگر هوندو، ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف سربراهه پاناما ليڪس معاملي کي جواز
بڻائي وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر اهو مطالبو ڪڏهن
منظور ٿيندو ۽ هنن ڌرڻن کان نجات ڪڏهن ملندي ان لاءِ شايد اسان کي اڃا انتظار ڪرڻ
جي ضرورت آهي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نيب پاناما معاملي تي
ايڪشن ڇو نه ورتو؟ نيب خلاف به 25 جولاءِ کان مظاهرا شروع ڪيا ويندا. ان جو مطلب
ته هاڻ عمران خان نيب خلاف به روڊن تي نظر ايندو پر اتي هڪ سوال عمران خان کان ڪرڻ
ضروري آهي ته ڪي پي ڪي ۾ هن وقت جيڪي به ترقياتي ڪم ٿيا آهن ۽ انهن ۾ جيڪي ڪرپشن ٿي آهي ان بابت نيب کي جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ته هڪ طرفي احتساب
وارو تاثر ختم ٿي سگهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا ۾ اهي خبرون نشر ٿيون هيون ته
تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان طالبان
سان تعلق رکندڙ مدرسي کي 30 ڪروڙ روپيا ڏنا هئا جنهن تي آمريڪا طرفان بيان جاري ڪيو ويو هو ته هو ان بابت آگاهه آهن،
جڏهن اهڙيون خبرون نشر ٿيون هيون ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران چيو هو ته حڪمرانن کي ديني مدرسن ۾ هو سڌارا آڻي رهيا
آهن اڪوڙه خٽڪ مدرسي به فنڊ جاري ڪيا آهن. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنهنجي
جاري ڪيل بيان ۾اهو به بيان ڏنو ته جيڪي
فنڊ هنن مدرسي کي ڏنا آهن اهو نيشنل ايڪشن پلان جو حصو آهي. جنهن بابت هن وقت تائين ڪو بيان نه ڏنو ويو آهي.
جيڪڏهن مدرسن کي فنڊ ڏيڻ نيشنل ايڪشن
پلان جو حصو آهي ته ملڪ اندر ٻيا به ڪيترائي مدرسا آهن انهن کي به فنڊ جاري ٿيڻ ضروي آهي.
مدرسي کي فنڊ ڏيڻ واري عمل بعد اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به بيان جاري ڪندي چيو
آهي ته تحريڪ انصاف طرفان مدرسي کي حقاني مدرسي کي فنڊ ڏيڻ وارو عمل دهشتگردي خلاف
جنگ کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي. اڳوڻي صدر
اهو به چيو ته طالبان سان ويجهڙائپ رکندڙ حقانيه مدرسي جي سربراهه کي طابان
جي همدردي آهي ۽ اڻ اعلانيل ترجمان به آهي. آصف علي زرداري اهو به چيو ته کين خبر آهي ته
عسڪريت پسند طالبان ليڊر به ان مدرسي جا طالب
علم رهيا آهن، جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلان پابندي مڙهيل تنظيمن کي ٻيهر اڀارڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي.بهرحال تحريڪ انصاف
سربراهه عمران خان اهڙي عمل کي نيشنل ايڪشن پلان جو حصو ڄاڻائي رهيو آهي، ان بابت جاچ ڪرڻ به هاڻ هتان جي قانون لاڳو ڪندڙ
ادارن جو فرض بڻجي ٿو ته ڇا اها رقم ڏيڻ
نيشنل ايڪشن پلان جو حصو آهي يا وري تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پنهنجي
مرضي سان اهي فنڊ جاري ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف اهڙي عمل تي سياسي تنظيمون تحريڪ انصاف کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيون آهن ته ٻي
طرف عمران خان اهڙي عمل جي ساراهه ڪري
رهيو آهي ته جيڪو هنن ڪيو آهي اهو بهتر قدم آهي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران
خان اهو بيان به جاري ڪيو آهي ته هو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽
ٻين جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، هاڻ اها
ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته احتساب آهي ڇا؟ ۽ اهو احتساب ان وقت مڪمل ٿيندو .
جڏهن وزيراعظم نوازشريف پنج سال پورا ڪري حڪومت ڇڏي ڏيندو وري اچي ٻيو ڪو
وزيراعظم ٿيندو ۽ وري اها ساڳي قسم جي سياست ٿيندي يا وري ان ڪا تبديلي ايندي. بهر
حال هاڻ ته اهو وقت ئي ٻڌائندو ته نواز ليگ حڪومت جو احتساب ٿيندو يا وري
پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته في الحال ته صرف ايم ڪيو ايم ۽
پيپلزپارٽي جو احتساب ٿيندي نظر اچي رهيو آهي ڇاڪاڻ جيڪي به اڳواڻ گرفتار ٿي رهيا
آهن انهن جو به تعلق صرف پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سان آهي باقي ڪي پي ۽ پنجاب جا
اڳواڻ کير سان وهبنجي پاڪ صاف ويٺا آهن جن خلاف نيب ڪا به
ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نظر نه اچي رهي
آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جنهن ڏينهن کان سنڌ اندر ڪرپشن خلاف جاچ شروع
ٿي آهي ان ڏينهن کان ڪيترن ئي کاتن اندر ڪرپشن ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ اڃا کوڙ سارا
اهڙا کاتا موجود آهن جن ۾ به وڏي پئماني تي ڪارروائي ٿيڻ ضروري آهي ۽ انهن ادارن ۾
ڪارروائي ڪرڻ نيب توڙي ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ هڪ وڏو چيلينج آهي جنهن کي
منهن ڏيڻ انهن لاءِ تمام گهڻو ڏکيو آهي، جيڪڏهن نيب ۽ ٻيا اداران ڪرپشن خلاف جاچ ۾
سنجيده آهن ته پوءِ انهن کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ وڏي پئماني تي سياستدانن جي اثاثن
جي جاچ ڪرڻ گهرجي ۽ انهن خلاف ته وڏي سخت جاچ ڪئي وڃي جيڪي احتساب جو راڳ ڳائي
رهيا آهن ۽ ڏينهن رات احتساب احتساب ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي پارٽي ۾ به
ڪيترائي اهڙا ماڻهو شامل آهن جن وٽ به ڪيتيريون آف شور ڪمپنيون آهن جنهن جو اهي
ميڊيا آڏو مڃي به چڪا آهن، باقي رهي ڳالهه امن امان جي صورتحال جي سنڌ هاءِ ڪورٽ
جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ اويس علي شاهه جي بازيابي بعد اهو لڳي رهيو آهي
ته امن ڪافي حد ته لاڳو ٿي رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به اڃا وڌيڪ امن قائم ٿيندو ۽ جن
سياسي پارٽين جا اڳواڻ گرفتار ٿي رهيا آهن انهن کي به صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ته
جيئن احتساب وارو عمل جاري ۽ ساري رهي.
No comments:
Post a Comment