Pages

Thursday 18 August 2016

پاڪ-ڀارت ڳالهين جو امڪان

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي ڪشمير اندر ڀارت جي جارحيت هلندڙ آهي، جنهن سبب ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين ۾ ڪيترائي ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن ۽  هزارين ڪشمرين کي گرفتار به ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪشمير جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻن کي به نظر بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڪشمير جو عوام سراپاءُ احتجاج بڻيل آهي پر هن وقت تائين گڏيل قومن ڀارت جي جارحيت جو ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، آمريڪا به اهو واضع ڪري چڪو آهي ته هنن جو  ڪشمير بابت موقف تبديل ناهي ٿيو، ٻي طرف پاڪستان ڀارتي جارحيت جي هر فورم تي مذمت  ڪري رهيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم نوازشريف ڪشمير اندر ٿيندڙ ظلم جي مذمت ڪندي ڪشميرين جو آواز  هر فورم تي اٿارڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ مختلف هنڌن تي وزيراعظم ڪشمير  بابت آواز به اٿاريو آهي، جنهن سبب کيس آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ به ڪاميابي ملي آهي. ڪشمير جي مظلوم عوام جو آواز  اٿارڻ سبب آزاد ڪشمير ۽ والاريل ڪشمير  وزيراعظم نوازشريف جي مقبوليت ۾ اضافو به ٿيو آهي. وزيراعظم نوازشريف جهڙي ريت ڪشمير جي عوام جو آواز عالمي سطح تي کنيو آهي، شايد تاريخ کليل نموني نه اٿاريو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڀارت پاڪستان تي ڏمريل نظر اچي رهيو آهي، جنهن مختلف وقتن تي ڀارت پنهنجي اندر جي باهه ڪڍڻ لاءِ  بنا جواز سرحد وٽ گولا باري ۽ فائرنگ ڪري رهيو آهي، جنهن سبب پاڪ ڀارت سرحد ويجهو رهندڙ عام شهري به متاثر ٿي رهيا آهن پر ڀارت پنهنجي جارحيت روڪڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. هن وقت به ڪشميري ڀارت خلاف احتجاج ڪندي نظر اچي رهيا آهن، ايتري قدر جو اهي رپورٽو به اچي رهيون آهن ته ڀارتي فوج ڪشمير اندر پليٽ گن جو استعمال ڪري رهي آهي، جيڪو قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارتي فوج جي پليٽ گن جي استعمال سان  ڪيترائي معصوم ڪشميري متاثر ٿيا  آهن، ڪيترن ئي ڪشميرين جي چهرن تي ڪارا نشان به پئجي ويا آهن، جنهن جون سوشل ميديا تي هزارين تصويرون نظر اچي رهيون آهن، جيتوڻيڪ پاڪستاني ميڊيا به اهڙن تصويرن کي نشر ڪري رهي آهي  ۽ ڪيتريون پرڏيهي اخبارون به ڀارتي جارحيت سبب متاثر ٿيل ڪشميرين جون خبرون هلائي رهيون   آهن پر هن وقت تائين گڏيل قومن طرفان  ڪشمير بابت ڪا خاص رپورٽ جاري ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي وري ڪشمير بابت ڪو واضع موقف ٻڌايو پيو وڃي، جنهن سان اها سڌ پئي ته گڏيل قومون ڪشمير اندر ٿيندڙ ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪري رهيون آهن يا رري ڀارت جي موقف جي حمايت ڪري رهيون آهن.
ڀارتي حڪومت ايمنسٽي انٽرنيشنل تي ماڻهن کي بغاوت تي اتساهڻ جو الزام به لڳايو آهي، ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايمنسٽي انٽرنيشنل تي بغاوت جو الزام لڳايو پيو وڃي. جنهن سبب ڀارت ۾ آفيسن کي بند ڪيو ويو، ترجمان  پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اهو به چيو آهي ته ايمنسٽي انٽرنيشنل ڀارت ۾ سموريون سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون آهن، ڀارت ايمنسٽي انٽرنيشنل تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪرايو ، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي احتجاج ڪندڙن کي روڪيو  پيو وڃي، ايمنسٽي انٽرنيشنل طرفان اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سيمينار  ۾ ماڻهن آزادي جي حق ۾ نعرا هنيا،  ايمنسٽي انٽرنيشنل طرفان اهو به چيو ويوآهي ته والاريل ڪشمير  جي اڪثر شهرن ۾ ڪيترن ئي هفتن کان ڪرفيو لاڳو  آهي. ڪشمير معاملي تان هلندڙ ڇڪتاڻ تي آمريڪا  پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهين ذريعي معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. امريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان مارڪ ٽونر به پنهنجي جاري ڪيل بيان م چيوآهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ڇڪتاڻ آمريڪا ۽ خطي جي مفاد ۾ نه آهي، جنهن سبب ٻنهي ملڪن کي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو دڳ وٺڻ گهرجي. پاڪستان به ڀارت کي ڪشمير مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو  آهي پر ڀارت پاڪستان جي اهڙي مطالبي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي پر هاڻ جڏهن هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان طرفان  ڀارت کي ڪشمير مسئلي بابت ڳالهين جي دعوت جي جواب پاڪستان چيو آهي ته ڀارت ڳالهين حامي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته انڊيا طرفان اهو زور به وڌيو ويو آهي ته ڳالهيون دهشتگردي بابت ٿيڻ گهرجن  پاڪستان  طرفان ڀارت کي ڏنل ڳالهين واري دعوت بعد اهي ڳالهيون به گردش ڪري رهيون آهن ته ڀارت ڄمون ڪشمير بابت ڳالهين واري آڇ جي جواب ۾ چيو آهي ته ڪشمير مسئلي سان گڏ دهشتگردي بابت ڳالهيون ڪيون وينديون. جيتوڻيڪ هن وقت تائين ڪشمير  تڪرار تان پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ آهي پر ان باوجود  گڏيل قومن توڙي ٻين پاڙيسرين ملڪن طرفان ٻنهي ملڪن ۾ بهتر لاڳاپن لاءِ ڪوشش نه ڪئي و ئي آهي، جنهن سبب ڀارت ۾ جڏهن به ڪا دهشتگردي جي ڪارروائي ٿيندي آهي ته  ان جو ڀارت پاڪستان تي لڳائيندو آهي،  ڀارت جي پنجاب ۾ پٺاڻ ڪوٽ حملي جو الزام به ڀارت پاڪستان تي لڳايو آهي، جنهن بابت آمريڪا به مختلف وقتن پاڪستان تي دٻاءُ وجهندو رهندو آهي ۽ آمريڪا طرفان اهو مطالبو ٿيندو رهيو آهي ته پاڪستان پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي، بهرحال پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ بابت پاڪستان طرفان ڀارت کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي هئي ۽  پاڪستان طرفان پٺاڻ ڪوٽ جي جاچ لاءِ  ٽيم به موڪلي وئي هئي ۽ اهو معاملو ان وقت پڄاڻي تي پهتو هو،
جڏهن ڀارتي وزير اهو بيان ڏنو هو ته پاڪستان  پاڻ ئي دهشتگردي جو شڪار آهي ۽ اهو ڪهڙي ريت ڀارت اندر دهشتگردي ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو، جنهن بعد وڃي ڀارت جي ڪاوڙ پاڪستان تي لٿي هئي، هاڻ جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير اندر ڀارتي جارحيت وڌي آهي، تڏهن هڪ دفعو ٻيهر وزيراعظم نوازشريف ڪشميرين جي آزادي واري حق کي دٻائڻ واري ڀارتي ڪوشش جي مذمت ڪندي گڏيل قومن کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هڪ طرف پاڪستان ڀارت تي الزام لڳائي رهيو آهي ته ٻي طرف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي بلوچستان جي معاملي کي اٿاري رهيو آهي، جنهن بابت وزيراعظم نوازشريف توڙي پاڪستاني سياستدان ۽ صحافي  اهي بيان ڏئي رهيا آهن ته بلوچستان جو معاملو  ٻيوآهي ۽ ڪشمير جو معاملو ٻيو آهي، ٻئي مسئلا ڌار ڌار آهن جنهن جي ڪري ڪشمير کي بلوچستان سان نه ڳنڍيو وڃي. ٻنهي معاملن زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. ايتري  قدر جو پاڪستاني عملدارن طرفان اهي بيان به ڏنا و يا آهن ته ڀارت بلوچستان اندر مداخلت ڪري رهيو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ بلوچستان مان ڀارتي جاسوس به سوگهو ڪيو ويو آهي، جنهن  بلوچستان ۾ ڀارت جي مداخلت بابت انڪشاف به ڪيا آهن جنهن جا ثبوت پاڪستان طرفان گڏيل قومن آڏو پيش به ڪيا ويا آهن پر هن وقت تائين ان بابت به ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. جڏهن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي بلوچستان بابت بيان ڏنا ته اڳوڻي آمر پرويز مشرف هڪ خانگي چينل تي انٽرويو ڏيندي چيو ته بلوچستان جا ڪجهه ماڻهو ڀارتي اشارن تي هلي رهيا آهن، جيڪي غدار آهن ۽ هن ڏيهه واپسي جو اشاري به ڏيندي چيو ته ڀارت بلوچستان اندر مداخلت ڪري رهيو آهي. بهر حال هاڻ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻ طرف وڃي رهيون آهن ۽ هر هڪ جي اها ئي خواهش آهي ته بنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ختم ته جئين ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بهتر ٿين ۽ روز روز سرحدي ڀڃڪڙي سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهو به سک جو ساهه کڻن، ڇاڪاڻ ڀارت جڏهن به پاڪستان اندر ڪو جشن يا خوشي ملهائيندي ڏسندي آهي ته سرحد تي فائرنگ ڪئي ويندي آهي جنهن سبب اهي خوشيون مايوسي ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. جنهن لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ ٺاپر سان ئي خطي ۾ امن قائم ٿيندو. جيتوڻيڪ وزيراعظم نوازشريف جو ڪشمير بابت چٽو موقف آهي پر جيڪي هاڻ ڀارت سان ڳالهيون ٿيڻ وڃي رهيون آهن ان ۾ ظاهر ڳالهه آهي ته ڀارت ڪشمير  واري معاملي تي ڳالهائڻ سان گڏ دهشتگردي بابت ڳالهائيندو، ڇاڪاڻ ته ڀارت هن وقت به دهشتگردي بابت ڳالهين جو ضد ڪري رهيو آهي، هاڻ سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته ڇا نريندر مودي جنهن کي عمران وزيراعظم جو پڪو يار چوندو آهي اهو وزيراعظم نوازشريف جو مطالبو مڃيندو  يا وري ڪشمير اندر ڀارت جارحيت کي جاري رکندو، هاڻ اهو ڳالهين بعد ئي خبر پوندي ته اهي ڳالهيون ڪيتريون  اثرائتون ثابت ٿينديون.
sahibalisindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment