Pages

Tuesday 16 August 2016

الزامن واري سياست ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي
اڄڪلهه اسان جي ملڪ اندر پاناماليڪس معاملي تي ريليون ۽ ڌرڻا هڻڻ جو سلسلو جاري آهي پر هن وقت تائين پاناماليڪس معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ تر جيترو به قدم نه کنيو و يو آهي، صرف ڌرڻن، احتجاجن ۽ بيانبازي جي سياست ڪئي پئي وڃي. ڪڏهن اهو معاملو ٽي آر اوز تي اچي رڪجي وڃي ٿو ته ڪڏهن وري حڪمران جماعت يا وري اپوزيشن جماعت جي ڪنهن اڳواڻ جي بيان سبب اڌ ۾ رهجي وڃي ٿو پر هڪ ڳالهه ته واضع ٿي چڪي آهي ته  ملڪ اندر سياستدانن کي  سياست چمڪائڻ جي لاءِ ڪنهن نه ڪنهن اشو کي کڻڻ جي ضروت پوي ٿي، جنهن سبب پانامالڪيس معاملو جئين جو تئين برقرار آهي، رهي ڳالهه ملڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ بدامني کي گهٽائڻ جي لاءِ ته ان لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سرگرم نظر اچي رهيا آهن. هڪ طرف پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان اهي بيان ڏئي رهيو آهي ته هو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري ٿو پر وزيراعظم نوازشريف کي به پنهنجو احتساب ڪرڻو پوندو. ايتري قدر جو عمران خان  اسلام آباد ۾ احتساب ريلي کي خطاب ڪندي اهو به چيو هو ته وزيراعظم نوازشريف نيب ۾ ٻن ماڻهن کي فائلون مٽائڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جن جا هن نالا به کنيا هئا، جنهن بعد نواز ليگ جي مملڪتي وزير محمد زبير  پي ٽي آءِ سربراهه کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو هو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي آخر رڪارڊ کي ڪهڙي ريت تبديل ڪري سگهجي ٿو، جيڪو اڳ ئي عوام آڏو وائکو ٿي ويو هجي، بهرحال پاناماليڪس معاملي تي شروع ۾ پي ٽي آءِ پنهنجي سياست چمڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي  ۽ هاڻ ڪجهه ٻيون جماعتون به پاناماليڪس معاملي تي پنهنجا نمبر وڌائڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهيون آهن. اڳ ۾ پيپلزپارٽي وزيراعظم نوازشريف جو ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو هو ۽ اهي بيان جاري ڪيا ويا هئا ته هو ڪنهن ريت جمهوريت جي ريل گاڏي کي پٽڙي تان لهڻ نه ڏيندا پر هاڻ حالتون ڪجهه مختلف نظر اچي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته هاڻ پيپلپارٽي پنهنجو رويو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ نوازليگ اڳواڻ مختلف ٽي وي چينلن تي ويهي اهي بيان به ڏئي رهيا آهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي جيڪڏهن همت آهي ته ملڪ اچي ڏيکاري ته ٻي طرف وري پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري طرفان به اهي بيان جاري ڪيا ويا آهن ته حڪمران وساري ڇڏن ته هو پاناماليڪس معاملي کي هضم ڪري ڇڏيندا. وفاقي گهرو وزير  چوڌري نثار به مختلف وقتن تي خاص طور تي پيپلزپارٽي تي تمام گهڻو ڏمريل نظر آيو آهي، خبر ناهي ته سندس پيپلزپارٽي سان الائي ڪهڙو وير آهي جو چڙ ڏياريندڙ بيان ڏئي پيپلزپارٽي کي ناراض ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن مان لڳندو آهي ته جئين ماضي ۾ پيپلزپارٽي جو ڪو وزير بيان ڏيندو هو ته ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي کان ناراض ٿي يوندي هئي ۽ ان کي آصف علي زرداري پرچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو هو ۽ هاڻ صرف فرق ايترو آهي ته وفاقي وزير چوڌري نثار پيپلزپارٽي خلاف بيان ڏئي ٿو ۽ جڏهن اهي ناراض ٿيندا آهن ته انهن کي پرچائڻ لاءِ وزيراعظم نوازشريف پاڻ ويندو آهي، بهر حال اهو سلسلو آخر ڪيستائين هلندو ان ببت هن وقت چوڻ ٿورو وقت کان اڳ هوندو، ڇاڪاڻ ته پاناماليڪس معاملي تي جهڙي ريت احتجاجن ۽ ڌرڻن جو سلسلو شروع ٿيو آهي، تنهن مان لڳي ٿو ته اهو معاملو ايندڙ اليڪشن جاري ايندو ۽ ان جو فيصلو به ان وقت  ٿيندو ته جئين هن ڀيري ڪنهن ٻي پارٽي کي چونڊن ۾ به وارو ڏنو وڃي، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ به نه آهي ته مختلف پارٽين جا اڳواڻ پنهنجي خطابن ۽ بيانن ۾ اهو چئي چڪا آهن ته کين حڪومت جو موقعو ملڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هو ڪڏهن به حڪومت ۾ نه آيا آهن، جنهن مان لڳندو آهي ته پاناماليڪس معاملي تي احتجاج ڪندڙ جماعتون صرف پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهيون آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جمهوري پارٽيون جڏهن مقابلي ۾ بيهنديون آهن ۽ هڪ ٻئي خلاف ڇتي بيانبازي ڪنديون آهن ته ان جو نقصان به صرف غريب ماڻهن کي ٿيندو آهي.
 هونءَ ته  گذريل ڳچ عرصي کان پيپلزپارٽي ۽ نوازليگ  وچ ۾ اختلاف نظر اچي رهيا آهن پر اهي اختلاف ان وقت سامهون آيا هئا، جڏهن وزيراعظم لنڊن ۾ چيڪ ڪرائڻ لاءِ  ويو هو ته ان وقت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ساڻس ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو پر اهڙين خبرن يج نواز ليگ اڳواڻن طرفان ترديد ڪئي وئي هئي پر  جنهن ڏينهن کان  رينجرز جي معاملي تي چوڌري نثار جا بيان جاري ٿي رهيا آهن ته ان ڏينهن کان هن وقت تائين ٻنهي پارٽين پيدا ٿيل ڇڪتاڻ هن وقت تائين ختم ناهي ٿي سگهي. جنهن مان هڪ دفعو ٻيهر اهو محسوس ڪيو پيو وڃي ته پاناماليڪس معاملو حل نه ٿيندو سگهندو. ڇاڪاڻ ته اپوزيشن به پاناماليڪس معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. ڪجهه عرصو اڳ چوڌري نثار جيڪو بيان ڏنو هو ته  نيب  سنڌ ۾ ڪارروايون جاري رکندي ۽ رينجرز کي سنڌ حڪومت کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي، جتي چاهي رينجرز ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. تنهن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ٻنهي پارٽين ۾ ويڇا وڌي ويا هئا، جيڪي هن وقت تائين گهٽجي نه سگهي آهن. ايتري قدر جو قومي اسيمبلي ۾ چوڌري نثار جي  ڳالهايل لفظن تي اپوزيشن طرفان واڪ آئوٽ ڪيو ويو هو ۽ ناراضگي به ظاهر ڪئي وئي هئي، جنهن بعد وزيراعظم نوازشريف پاناما ليڪس معاملو ته ڪشمير جي مسئلي کان به وڌيڪ ڳمڀير نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب اهو حل ٿيندي نظر نه پيو اچي. پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ ۽ ٻيون مخالف جماعتون اڄڪلهه هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويون آهن. جئين جئين چونڊون ويجهو اينديون پيون وڃن، تئين تئين هر هڪ پارٽي  پنهنجيون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جو اندازو پپيلپزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري جي هاڻوڪي بيان مان لڳائي سگهون ٿا. جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري چيو آهي ته حڪمران وساري ڇڏن ته هو پاناماليڪس معاملي کي هضمن ڪري ڇڏيندا. بلاول ڀٽي زرداري يورپي ملڪن جي دوري دوران ناروي ۾ پ پ يورپ جي وفد سان ملاقات ڪندي چيو  پاناماليڪس معاملي تي سڄي دنيا ۾ هنگامو ٿيو پر پاڪستان جا حڪمران جواب ڏيڻ لاءِ تييار ئي ناهن.
نوازشريف ڪرپشن ۽ پاناماليڪس جي معاملي تي ڏيهه سان گڏ پرڏيهه ۾ به آواز اٿاريو ويندو. ٻي طرف وري  بلاول ڀٽو زرداري وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي قانوني نوٽيس موڪلڻ جو فيصل ڪيو آهي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري سينيئر وڪيلن کي چوڌري نثار خلا ف قانوني نوٽيس تيار ڪرڻ پڻ هدايت ڪئي آهي. مختلف چينلن تي اهي خبرون هلي رهيون آهن ته قانوني  نوٽِس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پاران پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خلاف لڳايل الزامن کي بنياد بڻايو ويندو. بهر حال حال هاڻ انهن ٻنهي پارٽين ۾ اختلاف ڪڏهن ختم ٿيندا، ان بابت شايد ڪنهن کي خبر نه هوندي. ڪجهه ماڻهو اهو به چئي رهيا آهن ته سموري صورتحال چونڊن کان اڳ پاڻ تي لڳل داڳن کي صاف ڪرڻ لاءِ بڻائي وئي آهي، ته جئين ايندڙ اليڪشن ۾ اهي سموريون سياسي جماعتون عوام وٽ ووٽ وٺي سگهن. اسلام آباد ۾ به تحريڪ انصاف سربراهه  عمران خان وزيراعظم نوازشريف تي الزام لڳايو آهي ته وزيراعظم نوازشريف جنرل راحيل شريف کي فيلڊ مارشل بڻائڻ جي آڇ ڪئي آهي پر ان کان اڳ ۾ اهي آرمي چيف  جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ بابت بحث به هليو هو، عمران خان ريلي کي خطاب ڪندي چيو هو ته  حڪمران  پئسو ٺاهڻ لاءِ اقتدار ۾ ايندا آهن ۽  حڪمران  مني لانڊرنگ ۾ به ملوث آهن، جيتوڻيڪ عمران خان ان ريلي ۾ ٻيا به کوڙ سارا انڪشاف به ڪيا هئا. تحريڪ انصاف سربراهه اهو چيو هو ته وزيراعظم نوازشريف جي اولاد جون آفشور ڪمپنيون آهن، اهي سڀ آف شور ڪمپنيون ملڪ جي لٽيل ناڻي سان ٺاهيون ويون، جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. هڪ طرف عمران خان وزيراعظم نوازشريف تي الزام لڳائي رهيو آهي ته ٻي طرف وري نواز ليگ اڳواڻ عمران خان کي به آئينو ڏيکاري رهيا آهن ۽ اهي بيان ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن ته عمران خان جون به آفشور ڪمپنيون آهن، عمران خان کي به پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ عمران خان احتساب ريلي  ۽ ڪي پي  جي پوليس کي ٻين  صوبن جي ڀيٽ وڌيڪ بهتر قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪي پي جي پوليس غير سياسي آهي پر ٻين صوبن جي پوليس غير سياسي نه آهي ۽ ٻين صوبن جي پوليس سياسي ماڻهن جي چرچ تي هلي ٿي. جيتوڻيڪ هاڻ پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف ۾  ويڇا نه رهيا آهن پر  وزيراعظم نوازشريف  پيپلزپارٽي سان ڪو به اختلاف نه ٿو رکڻ چاهي جنهن سبب هو مختلف وقت تي گهرو وزير جي بيانن بعد پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي پرچائيندو رهيو پر ان باوجود پيپلزپارٽي چوڌري نثار جي بيانن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رهي آهي. هڪ طرف وزيراعظم نوازشريف ماحول کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پيپلزپارٽي تي الزام لڳائي ڇڪتاڻ کي وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿيندي نظر اچي رهيو آهي،  چوڌري نثار پيپلزپارٽي تي الزام لڳائي خبرن جي زينت بڻجي رهيو آهي ته ٻي طرف وري  تحريڪ  انصاف سربراهه نواز ليگ تي الزام لڳائي احتساب جو راڳ ڳائي رهيو آهي، اهڙي الزامي سياست سبب ملڪ ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي.
sahibalisindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment