Pages

Wednesday 17 August 2016

پش اپس وارو چيلنج ۽ سنڌي رانديگرن جو مستقبل

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري عرصي کان سنڌ جي نوجوان رانديگرن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي پر سنڌ سرڪار طرفان انهن کي قومي ٽيمن ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن ۽ نه ئي انهن کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي. پر هاڻ سنڌ سرڪار کي  ننڌڻڪن سنڌي نوجوان رانديگرن جي يادگيري اچي وئي آهي ۽ راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر سنڌي نوجوان رانديگرن  سان ٿيندڙ زيادتين خلاف آواز اٿارڻ جو  به اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌي رانديگرن جي حقن لاءِ کيس وڙهڻو پيو ته هو وڙهندو، سردار محمد بخش مهر جي اهڙي بيان بعد سنڌي نوجوان رانديگرن ۾ هڪ اتساهه جاڳيو آهي ۽ هڪ اميد به ٿي آهي ته شايد هاڻ کين ڪو موقعو ملندو، جيڪو کين هن وقت تائين نه ملي سگهيو آهي. جڏهن صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر سنڌي رانديگرن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف آواز اٿارڻ جو اعلان ڪيو ته ان وقت نام نهاد ميڊيا سندس خلاف پروپيگنڊا به شروع ڪئي ته جئين کيس سنڌي نوجوانن جي حقن واري جوجهد تان هٽائين سگهجي ۽ ڪافي حد تائين اهي سازشي عنصر ڪامياب ٿيندي نظر به اچي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته جنهن وقت سردار محمد بخش اهو بيان ڏنو ته ان وقت هن پنجاب جي وزيرن کي به للڪاريو هو ۽ چيلينج ڪيو ته ڪو آهي پنجاب جو وزير جيڪو 50 پش اپس هڻي سگهي، جنهن تي پنجاب جا وزير ڪاوڙجي پيا هئا ۽ سردار محمد بخش مهر جي بيان کي غير سنجيده قرار ڏنو هو، پر حقيقت ۾ سردار محمد بخش جيڪڏهن سنڌي نوجوانن جي حقن لاءِ آواز هر سطح تي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ جا سمورا نوجوان ساڻس گڏ هوندا، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا نوجوان رانديگر وفاق جي تعصب جو تمام گهڻو شڪار بڻيا آهن ۽ هاڻ هو ان ظلم کي وڌيڪ برداشت نه ٿا ڪري سگهن، جنهن لاءِ راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر کي گهرجي ته جيڪو هن اعلان ڪيو آهي ان تي قائم ۽ ثابت قدم رهي ۽ جيڪي به سنڌي نوجوانن سان ناانصافيون ٿي رهيون آهن انهن جو ازالو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ۽ سمورن سنڌي رانديگرن جو حق وفاق کان کسي وٺي، ڇاڪاڻ ته تعصب پرست  وزير سنڌي نوجوان رانديگرن کي اڳتي نه ڏسي سگهن ۽ جنهن سبب مختلف سازشون ڪندا رهندا آهن. ڪرڪيٽ ٽيم هجي، يا هاڪي ٽيم ي وري ٻي ڪا راند، سنڌي نوجوانن کي  تمام گهڻو پري رکيو ويو آهي، ايترو ته وفاق طرفان سنڌي نوجوان رانديگرن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي جو هاڻ سنڌي نوجوان مايوس ٿي ويا آهن ۽ راندين جي سرگرمين کان پري ٿيندي پيا وڃن پر وفاق کي هن وقت تائين رحم نه اچي سگهيو آهي. اها مايوسي ان ڪري پيدا ٿي رهي آهي ته هن پيار وطن ۾ الائي ڪهڙي لابي آهي جيڪا سنڌين کان نفرت ٿي ڪري ۽ اها لابي نه ٿي چاهي ته سنڌي اڳتي اچن ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن. ان لابي کي ٻين سڀني صوبن جا رانديگر ته پسند آهن پر سنڌي انهن جي اکين ۾ ڪنڊي جيان چڀندا آهن جنهن سبب انهن کي تعصب جو نشانو بڻائي راندين جي سرگرمين کان پري رکيو ويندو آهي، جنهن جو چٽو مثال پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪنهن به هڪ سنڌي جي نه هجڻ مان به ملي ٿو، صرف ڪرڪيٽ نه پر ٻيون به ڪيتريون ئي قومي رانديون آهن انهن ۾ سنڌين کي شامل نه پيو ڪيو وڃي،
 جيڪڏهن  وفاق کان ڪو سوال ڪرڻ جي جرئت به ڪري ٿو ته اهو چيو وڃي ٿو ته سنڌين ۾ ٽيلينٽ نه آهي پر مان هن وقت به اهو وڏي فخر سان چئي سگهان ٿا جنهن ريت سنڌ اندر ضلعي سطح تي ٽورنامينٽ ۽ ننڍڙا ننڍڙا ڪرڪيٽ مقابلا ٿي رهيا آهن انهن ۾ سنڌي رانديگر تمام سٺو پرفارم ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي ڪارڪردگي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کان به تمام بهتر آهي پر افسوس جو تعصب پرستي سبب انهن سنڌي رانديگرن کي قومي ٽيمن ۾ شامل نه ٿو ڪيو وڃي. جيڪو سلسلو 1947ع کان وٺي هن وقت تائين هلندو پيو اچي جنهن کي نه ته اسان جا چونڊيل نمائندا روڪي سگهيا آهن نه ئي وري وفاق کي ڪو رحم آيو آهي. جنهن ريت سنڌي رانديگرن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي شايد ان جو مثال تاريخ ۾ ڪٿي به نه ملندو. الائي ته سنڌي نوجوانن جو ڪهڙو  ڏوهه آهي جو اسٽيبلشمنٽ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي ماڻهن کي ته راندين ۾ شامل ڪري ٿي پر سنڌ رانديگرن کي ٿڏي ڇڏي ٿي. هونءَ ته  وفاقي حڪومت کي سنڌ جي وسيلن سان تمام گهڻي محبت آهي ۽ انهن وسيلن تي سيڙپڪاري لاءِ ٻاهرن ملڪن کي دعوتون به ڏنيون پيون وڃن ته اچو سنڌ ۾ سيڙپڪاري ڪري پر سنڌ جي ماڻهن کي حق ڏيڻ کان لنوائي رهي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت کي صرف سنڌ جا وسيلا کپن ۽ ان جي سنڌ جي عوام سان ڪو به واسطو نه آهي، نوڪرين جو مسئلو هجي يا پاڻي وارو مامرو وفاق ڪڏهن به سنڌجي جائز مطالبن کي نه مڃيو آهي، بهرحال اهو ته مسئلو هلندو رهندو پر هڪ سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته آخر ڪو ته سبب هوندو جو وفاقي حڪومت نه ته تيل ۽ گيس جي ڪمپنين ۾ وڏن عهدن تي سنڌين کي رکي ٿي ۽ نه ئي وري قومي ٽيمن ۾ سنڌي رانديگرن کي شامل ڪري ٿي،  جيڪي هن وقت رانديگر قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل آهن انهن مان هڪ به سنڌي نه آهي  ۽ جيترو اهي پڙهيل لکيل آهن انهن جي انگلش مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪنهن رانديگر کي راند ۾ شڪست يا ڪاميابي بعد سوال انگلش ۾ ڪيو ويندو آهي ته اهي جواب صرف اردو ۾ ڏيندا آهن، جيڪڏهن اهڙا رانديگر قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلي سگهن ٿا پوءِ سنڌ جا پڙهيل لکيل نوجوان ڇو نه ٿا هلي سگهن، انهن کي هڪ موقعو ته ڏنو وڃي، رهي ڳالهه ته ڪارڪردگي جي انهن کان ٽيسٽ ورتي وڃي، هزارين سنڌي نوجوان ننڍن ننڍن گرائونڊن تي ڪرڪيٽ مقابلن ۾ حصو وٺي رهيا آهن ۽ هزارين سنڌي نوجوان رانديگر ڪرڪيٽ، فٽبال، هاڪي سميت ٻين راندين ۾ ماهر  آهن پر افسوس جو انهن کي سنڌي هجڻ سبب موقعو ئي نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن جو هاڻ اعتراف سردار محمد بخش مهر به ڪري چڪو آهي، شابس اٿس سردار محمد بخش مهر کي جنهن سنڌي رانديگرن سان ٿيندڙ تعصب پرستي کي وائکو ڪيو آهي نه ته جيڪي به سنڌ جا پراڻا سياستدان آهن اهي ته اهو ئي راڳ ڳائي رهيا هئا ته سنڌ سان ڪا به ناانصافي نه ٿي رهي  آهي، جڏهن سردار محمد بخش مهر 50 پش اپس وارو پنجاب جي وزيرن کي چيلينج ڪيو ته سنڌ مان به مدارين جو ٽولو  ميدان تي لهي آيو، جن 60 يا 70 پش اپس جي دعويٰ ڪئي پر انهن مدارين کي 1947ع کان ٿيندڙ سنڌي رانديگرن سان ٿيندڙ زيادتي نظر نه آئي، نظر آيو ته صرف سردار محمد بخش مهر جو 50 پش اپس وارو چيلنج، مون کي پش اپس چيلينج ڳالهائيندڙن تي ڪو به اعتراض نه آهي پر  سردار محمد بخش مهر واحد نوجوان وزير آهي جنهن سنڌي رانديگرن جي سان ٿيندڙ  ظلم بابت آواز اٿاريو آهي جيڪو تاريخ ۾  شايد ڪنهن به نه اٿاريو هجي، جنهن لاءِ اسان سڀني نوجوانن کي سردار محمد بخش مهر جي سپورٽ ڪرڻ گهرجي ته جئين هو پنهنجي اعلان تي قائم رهي ۽ سنڌي نوجوانن کي حق ڏياري نه ته سنڌ دشمن عنصر جيڪي سنڌي نوجوانن کي هر شعبي کان پري رکيو ويٺا آهن ته اهي پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿيندا رهندا ۽ پنهنجي من پسند مخصوص ماڻهن  کي فائدو ڏياريندا رهندا ۽ سنڌ جي نوجوان رانديگرن جو مستقبل ائين ئي تباهه ٿيندو رهندو.
جيتوڻيڪ پنجاب حڪومت جي ترجمان 50 پش اپس واري چيلنج کي قبول ڪري ورتو آهي  پر لڳي نه ٿو ته اهو 50 پش اپس هڻي سگهندو، ڇاڪان ته عمر جي به ڪا حد هوندي آهي. پنجاب حڪومت جي ترجمان زعيم قادري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب حڪومت جو ڪو به مقابلو نه آهي، اها ڳالهه هن بلڪل 100 سيڪڙو درست به ڪئي آهي ته جيڪو صوبو ٻين جا حق کائي ان سان مقابلو ڪئين ڪري سگهجي ٿو، جن جا ماڻهو سيڪيورٽي ادارن ۾ اڪثريت سان هجن، ان سان ڪير وڙهي سگهي ۽ جنهن صوبي جو وفاق تي قبضو هجي، ته پوءِ ان کان حق ڪئين وٺي سگهن ٿا، جنهن سبب اها ڳالهه زعيم قادري جو درست آهي ته سنڌ  هن مهل پنجاب جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي،  رهي ڳالهه سردار محمد بخش مهر جي پش اپس واري چيلنج جي ته زعيم قادري کان ٻيا به ڪيترائي  ماڻهو اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته هو 100، 100 پش اپس هڻي سگهن ٿا، بهر حال هن وقت سردار محمد بخش مهر کي پش اپش واري چيلينج بعد ميدان ۾ لٿل تنقيد ڪندڙن ڏانهن ڌيان نه ڏيڻ گهرجي، سندس سڄو فوڪس سنڌ جي نوجوان رانديگرن ڏانهن هجڻ گهرجي، جيڪڏهن وفاق سنڌي رانديگرن کي قومي ٽيمن شامل نه ٿو ڪري  ته پوءِ  کيس سنڌ جي نوجوان رانديگرن لاءِ سنڌ ۾  الڳ ٽيمون ٺاهي انهن کي ٻين ملڪن سان کيڏائڻ گهرجي ته جئين وفاق ۾ ويٺل سنڌ دشمن عنصرن کي خبر پئي ته اڃا به سنڌين ۾ ٽيلينٽ موجود آهي ۽ سنڌي رانديگر پنهنجي ڌرتي جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا، هڪ ڳالهه ته واضع آهي جڏهن به ڪوسنڌي وزير جڏهن سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو آهي ته ان کي پنهنجي وزارت تان هٿ ڌوئڻا پوندا آهن ان کي ڪنهن نه ڪنهن ريت وزارت تان هٽايو ويندو آهي پر  هاڻ سنڌي رانديگرن سان ناانصافين جي حد ٿي وئي آهي، 1947ع کان هن وقت تائين قومي ٽيمن ۾ هڪ به سنڌي رانديگر جو نه هجڻ  ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو، جنهن جو جواب شايد وفاقي حڪومت ڪڏهن به نه ڏيندي. هاڻ نوجوان وزير سردار محمد بخش مهر کي عملي قدم کڻڻو پوندو ۽ سنڌي ميڊيا کي  پنهنجي طاقت بڻائڻو پوندو ته جئين جيڪي عنصر سندس رستي آڏو اچن ته ان کي ميڊيا ذريعي وائکو ڪيو وڃي ته جئين سڄي دنيا کي خبر پئي ته اهي ڪهڙا سنڌ دشمن عنصر آهن جيڪي سنڌي رانديگرن کي  راندين کان پري رکيو پيا اچن، جيڪڏهن  راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مهر  سنڌ جي  ڪنهن به هڪ سنڌي کي قومي ٽيم ۾  شامل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اها سندس وڏي ڪاميابي هوندي ڇاڪاڻ ته 1947ع  کان هن وقت تائين ڪو به  اهڙو قدم نه کڻي سگهيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سردار محمد بخش مهر جي بيان بعد سڄي سنڌ جا رانديگر  به نام نهاد ميڊيا تي نظر اچڻ لڳا آهن، ڀلي کڻي اهي احتجاج ڪندي نظر اچي رهيا آهن پر  اها سڄي ملڪ کي خبر پئجي رهي آهي ته اڃا به سنڌي رانديگرن ۾ کيڏڻ جو جذبو آهي. جيڪڏهن صوبائي وزير محمد بخش مهر ڪراچي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ آل سنڌ ٽورنامينٽ منعقد ڪرائي سڄي سنڌي ميڊيا کي ان کي ڪوريج ڪرڻ جي هدايت ڪري ته اهو سنڌ جي رانديگرن لاءِ وڏو اعزاز هوندو، جيڪو کين تاريخ ۾ڪڏهن به نه ملي سگهيو آهي، جنهن لاءِ سردار محمد بخش مهر کي اهو قدم هاڻ کڻڻ به گهرجي ته جئين سڄي سنڌ جي رانديگرن کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ گرائونڊن ۾ کيڏڻ جو موقعو ملي ته جئين انهن مان به احساسي محرومي ختم ٿي سگهي.

No comments:

Post a Comment