Pages

Friday 26 August 2016

ڪالا باغ ڊيم ۽ سهپ جو ختم ٿيندڙ مادو

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪالا باغ ڊيم کي ٺاهڻ لاءِ  ڪوششون جاري آهن پر هن وقت تائين پنجاب ڊيم کي ٺاهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان تمام گهڻا خدشا ظاهر ڪيا آهن ۽ انهن ٽنهي صوبن جي راضي نه ٿيڻ سبب هن  وقت تائين ان منصوبي تي ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي پر ان باوجود پنجاب ننهن چوٽي جو زور لڳائي رهيو آهي ته جئين ان منصوبي کي مڪمل ڪرايو وڃي پر هو پنهنجي مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل ناهي ڪري سگهيو. خيرپخونخواهه، بلوچستان ۽ سنڌ ڪالا  باغ ڊيم جي واضع مخالفت ڪئي آهي پر انهن جي مطالبي جو احترام نه پيو ڪيو وڃي ۽ پنجاب پنهنجي مرضي جو فيصلو مڃرائڻ لاءِ پنهنجي هوڏ تان لهڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ اهي خبرون به آيون ته واپڊا جي هڪ عملدار اهو بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن کي مارڻ سان ڪالا باغ ڊيم ٺهي ٿو ته پوءِ ڀلي انهن کي ماري ڇڏيو، اهڙي بيان مان هاڻ  لڳي رهيو  آهي ته ڪالا باغ ڊيم جي حامين جي برداشت وارو مادو ختم ٿي رهيو آهي ۽ اهي ان سنڌ دشمن منصوبي کي فوري طور مڪمل ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن لاءِ اهي انتهائي قدم به کڻي سگهن ٿا. هاڻ سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته ڪالا باغ ڊيم جي حامين کي ڪهڙو خدشو ورايو آهي جو اهي هاڻ ڪالا باغ ڊيم منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اهي ان معاملي کي عدالتن ۾ به چيلينج ڪري رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي،  هڪ طرف ملڪ اندر  لوڊشيڊنگ جو بحران پيدا ڪيو ويو آهي ته ٻي طرف وري سنڌين کي سنڌ جي ورهاڱي جي ڌمڪي ڏني پئي وڃي، جنهن سبب سنڌ جي صورتحال انتهائي خراب نظر اچي رهي آهي. جڏهن به سنڌ اندر مهاجر صوبي يا وري ٻئي ڪنهن سنڌ دشمن منصوبي  جي شروعات ڪرڻ هوندي آهي ته ان وقت به ڪالا باغ ڊيم جو اشو اٿاريو ويندو آهي ته جئين سنڌين جو ان تان ڌيان هٽي وڃي. هونءَ ته سنڌ ۾ ڪيترائي دشمن منصوبا هلي رهيا آهن، جن تي عدالت پاران ڪم روڪڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي پر ان تي عمل ٿيو يا نه ان بابت شايد ڪنهن کي به خبر نه هوندي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي سپريم ڪورٽ جنهن منصوبي  تي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪم روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، ان شخص ايترا ته اشتهار جاري ڪيا جو ان  بااثر شخص خلاف هڪ  به ادارو خبر هلائڻ تيار ئي نه آهي ۽ نه ئي هن وقت تائين  حڪومتي عملدار ان بابت نوٽيس ورتو  آهي.
 بهر حال انهن سنڌ دشمن منصوبن تي ڪم هلي به رهيو آهي، شايد هڪ ٻن سالن اندر انهن منصوبن تي ڪم مڪمل شروع به ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ان بااٿر شخص انهن سنڌ دشمن منصوبن هڪڙي منصوبي جو نالو شهيدن جي نالي سان به رکيو آهي، جنهن تي شايد ئي ڪو سنڌ جو ساڃاهه وند احتجاج ڪري ۽ ان منصوبي کان اسان حڪمران ان منصوبي کي سنڌ جي  ترقي چئي رهيا آهن،  هاڻ ته اهو به خدشو ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن  ڪالا باغ ڊيم  جو نالو  تبديل ڪري ڪنهن  ٻئي سياسي شهيد جي نالي تي رکيو ويو ته ان جي به اسان جا حڪمران حمايت نه ڪري ويهن. جنهن لاءِ هن وقت ئي سڀني کي جدوجهد ڪرڻي پوندي ته سنڌ جي پاڻي تي  پنجاب اندر ڪو به ڊيم اڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڇاڪاڻ ته اڳ ئي پنجاب اندر ڪيترائي ڊيم ٺهيل آهن، ان جو سمورو فائدو به پنجاب کي پهچي رهيو آهي باقي سڄي سنڌ سڪي رهي آهيان، سنڌ جي دريائن ۽ واهن ۾ واري اڏامي رهي آهي، سنڌو درياءَ ۾ به پاڻي نه نظر اچي رهيو آهي، جنهن ڏينهن کان ڊيم ٺاهيا ويا آهن، ان ڏينهن کان سنڌو جي موجون ختم ٿي ويون آهن ۽ ڪيترائي مهاڻا تنگدستي واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي  ويا آهن. جڏهن به  پاڻي انهن ڊيمن ۾ وڌيڪ جمع ٿي ويندو آهي ته اهو پاڻي فوري طور سنڌو درياءِ ۾ ڇڏيو ويندو آهي، جنهن سبب سنڌ ٻڏي ويندو آهي ۽  ڪيترن ئي شهرن ۾ پاڻي بيهجي ويندو  آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿي ويندا آهن پر ان تي وفاقي توڙي صوبائي سرڪار کي رحم نه ايندو آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته وفاقي سرڪار وٽ ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ پئسا آهن پر  سنڌو جا ڪپر مضبوط ڪرڻ لاءِ  ان وٽ ٽڪو به نه آهي ۽ وفاقي سرڪار وٽ ايترا پئسا آهن جو سنڌ جي واهن، شاخن ڪينالن جا ڪپر مضبوط ڪري، پوءِ ان ڪنگال وفاق ايترا پئسا ڪٿان ٿا اچن جو ڪالا باغ ڊيم جهڙي خطرناڪ منصوبي تي ڪم  شروع ڪرائڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. هڪ طرف سنڌين کي مختلف مسئلن ۾ منجهايو پيو وڃي ته ٻي طرف وري ڪالا باغ ڊيم جهڙي سنڌ دشمن منصوبي تي راضي ٿيڻ تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، اڳ ۾ پنجاب طرفان ان منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ صبر جو مظاهرو ڪيو پئي ويو پر هاڻ ڳالهه اچي ماڻهن کي مارڻ تائين پهتي آهي، جنهن ريت ماڻهن کي ماري ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي بيانبازي ڪئي وئي، اها شايد پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳ نه ڪئي وئي هئي. جنهن مان لڳي رهيو آهي ته عالمي سطح ضرور  ڪجهه ٿي رهيو آهي جو پنجاب جلد کان جلد پاڻي تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.  هونءَ به سنڌ  ۾ ڪيترن منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي جنهن تي قومپرست ڌرين طرفان احتجاج  به  ڪيو ويو پر وفاق اهڙو مڇريو آهي جو هاڻ سنڌ جي ماڻهن کي احتجاج ڪرڻ کان به  روڪيو ويو آهي،
جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاج به ڪري ٿو ته انهن  کي جيلن ۾ وڌو وڃي ٿو، اهو به ٻڌڻ ۾ آهي ته  انهن منصوبن خلاف احتجاج  ڪندڙن جي خبرن تي هلائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ انهن جي خبرن کي به نشر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ايتري قدر جو ڪو سياسي اڳواڻ جيڪڏهن انهن منصوبن خلاف ڳالهائي ته ان جو بيان به نه هلايو ويندو. اهڙي مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته هاڻ وفاقي سرڪار سنڌ جي عوام کان احتجاج جو به حق کسي ڇڏيو آهي ۽ انهن کي احتجاج جو به حق نه  پيو ڏنو وڃي. اهڙي صورتحال بعد هاڻ اهو  خدشو وڌي ويو آهي ته  متان ڪٿي پنجاب  ڪنهن عدالت  يا پنهنجي مرضي سان ڪالا باغ ڊيم تي ڪم شروع نه ڪري وجهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت سموري طاقت به پنجاب وٽ آهي، جئين وڻيس تئين ڪري سگهي ٿو،  جيڪڏهن ٻين سنڌ دشمن احتجاجن تي احتجاج تي پابندي لڳي سگهي ٿي پوءِ ڪالا باغ ڊيم جهڙي خطرناڪ منصوبي  تي احتجاج ڪندڙن تي آساني سان پابندي مڙهي سگهن ٿا. ڪجهه عرصو اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌ جي سياستدانن کان اقتدار ۾ اچڻ بعد پڇيو و يندو هو ته ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ گهرجي يا نه؟ ته ان تي اهي جواب ڏيندا هئا ته جيستائين صوبا متفق نه ٿا ٿين تيستائين ان منصوبي کي شروع نه ڪيو وڃي، اهڙن بيانن مان لڳندو هو ته اهي پنجاب جي دشمن مصوبي جا حامي آهن يا وري پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ اهڙا بيان ڏئي رهيا آهن، بهر حال اهي سياستدان جڏهن اقتدار مان گهر ڀيڙا ٿيندا هئا ته اهي بيان  ڏيندا هئا ته ڪالا باغ ڊيم سنڌ دشمن منصوبو آهي، جنهن کي ڪنهن صورت ۾ نه ٺهڻ گهرجي. شايد اهڙن سياستدان بابت  اهو چوڻ ته اهي سنڌي قوم جا سڄڻ آهن ته اها پنهنجي  ڌرتي مان سان به غداري هوندي، ڇاڪاڻ ته اهڙن  سياستدانن سبب سنڌ  اڄ تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي. جيتوڻيڪ هاڻ پيپلزپارٽي به ڪالا باغ ڊيم بابت چٽو موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊيم کي ڪنهن به صورت ۾ نه ٺهڻ گهرجي ۽ اهو بيان به جاري ڪيو ويو ته اهڙي منصوبي سان ويڇا وڌي ويندا. ڪجهه عرصو اڳ پاڪستان انجنيئرنگ ڪانگريس ۾ ڪالاباغ ڊيم تي لکيل ڪتاب تي پينل بحث جي موقعي چيئرمين انجنيئرنگ ڪونسل باڊي غلام محمد ۽ ايگزيڪيوٽو ڪونسل آف ميمبرز جا ٻيا ميمبر به موجود هئا، چيئرمين واپڊا چيو ته مان پنهنجي ڪتاب ۾ اڄ تائين جنهن مڪتبه فقر پاران ڪالاباغ ڊيم تي اعتراض ۽ خدشا اٿاريا ۽ انهن جو ڀرپور انداز ۾ جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ، ڪتاب ۾ تجويز ڏني وئي ته گڏيل مفادن جي ڪونسل ۾ صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي معاملي تي تمام اختلاف دور ڪري سگهجن ٿا، جيتوڻيڪ سنڌ جي مختلف سياستدانن طرفان اهي بيان جاري ڪيا ويا ته ڪالا باغ ڊيم جو ڪوبه اشو نه آهي. ڪالا باغ ڊيم کي ملڪ جون 3 صوبائي اسيمبليون رد ڪري چڪيون هيون.. وزيراعظم ميان نواز شريف جو واضح موقف هو ته اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪنداسين جنهن سان ملڪ جي يونٽس ۾ نفرتون وڌن .  
ڪجهه ڏينهن اڳ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ٻوڏن کان بچاءَ بابت پيش ڪيل فلڊ پروٽيڪشن پلان ۾ شامل ڪيل ڪالاباغ ڊيم رٿا کي سنڌ ۽ ڪي پي جي وڏن وزيرن جي سخت احتجاج کانپوءِ خارج ڪيو ويو هو. وڏي وزير قائم علي شاهه چيو هو ته ڪالا باغ ڊيم جا ڪالهه به سخت مخالف هئا ۽ اڄ به هو پنهنجي موقف تي قائم آهن. . وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 29هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه سميت چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ وفاقي وزير شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ فيڊل فلڊ پروٽيڪشن ڪميشن پيش ڪيل پلان ۾ ڪالاباغ ۽ اڪتي ڊيمن واري رٿا کي شامل ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ سخت احتجاج ڪيو. اڳوڻي وڏي وزير اهو به چيو هو ته سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪو به حساب نه پيو ڏنو وڃي، 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ ڪالاباغ ڊيم رٿا شامل نه آهي، فلڊ ڪميشن پلان ۾ ان رٿا کي ڪيئن شامل نه ڪيو ويو. اجلاس دوران ٻوڌ کان بچاءَ لاءِ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي هئي. بهر حال هاڻ جنهن ريت حالتون خراب ڪيون پيون وڃن ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ به وڌائي وئي جنهن سبب ڪاروبار سان گڏ سنڌ جو هر هڪ شهري پريشان پيو نظر اچي، ان باوجود وفاق طرفان ويڌن جو سلسلو بند ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. جيڪڏهن هن وقت سنڌ جي ٻين منصوبن تي ڪم نه روڪيو ويو ته سنڌ جون اڃا وڌيڪ حالتون خراب ٿي وينديون، ڇاڪاڻ ته انهن منصوبن سان سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي ڀريو پيو وڃي پر ان باوجود حڪومت ناهن کي ختم ڪرڻ لا نوٽيس نه ورتو آهي. سنڌ سرڪار به ماڻهو ماري ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ واري بيان تي خاموشي اختيار ڪريو ويٺو آهي ۽ سنڌ جي عوام جي فرياد به نه پئي ٻڌي وڃي.


No comments:

Post a Comment