Pages

Monday 29 August 2016

احتساب سان گڏ انصاف ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
هونءُ ته هن ملڪ ۾ احتساب جو وڏو دهل وڄايو پيو وڃي پر ڪنهن به هن وقت تائين انصاف ڏيارڻ لاءِ آواز اٿارڻ جي زحمت به نه ڪئي آهي، جنهن سبب انسانيت دشمن عنصر اڄ به آزاد گهمي رهيا آهن، جن ڪراچي ۾ معصوم ماڻهن کي جيئرو ساڙي ماريو  ۽  ڀتو نه ڏيڻ تان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، افسوس جو هن شهر  تي قبضي جي جنگ ۾ مارجي ويل بيگناهه ماڻهن جي وارثن سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي ان جو به وڏو ڪارڻ  هن ملڪ جون طاقتور ڌريون ئي آهن، جن انسانيت دشمنن خلاف هن وقت تائين قدم نه کنيو آهي، جيڪڏهن اهڙن انسانيت دشمن عنصرن کي بنا ڪنهن فرق جي چٿيو وڃي ها ته اڄ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين ها ۽ نه ئي ڪنهن دهشتگرد کي ڀتو اوڳاڙڻ جي همت ٿئي ۽ نه ئي ڪنهن کي ملڪ کي ناسور  چوڻ جي جرئت ٿئي ها  پر افسوس جو حڪمرانن جي ڳٺ جوڙ سبب انهن عنصرن کي هنج ۾ ويهاري پاليو ويو، جيڪي اڄ  ملڪ جي سالميت لاءِ خطرو بڻجي ويا  پر انهن خلاف  اثرائتي ڪارروائي بدران انهن کي موقعو ڏيڻ جي ڳالهه ٿي  رهي آهي، هڪ طرف هزارين ماڻهو جيڪي ڪراچي شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ماريا ويا ته ٻي طرف وري غريب مزدورن کي جنهن ريت جيئرو ساڙيو ماريو ويو، انهن جي وارثن سان هن وقت انصاف نه ٿي سگهيو آهي، جيڪي اڄ به ان اوسئيڙي ۾ آهن ته شايد ڪو ايندو جيڪي هن ملڪ ۾ اهڙن دهشتگردن کي پاليندڙن خلاف ڪارروائي ڪندو، جيڪي هتان جي حڪمرانن جي هنج ۾ ويهي ڪري غريب ماڻهن کي ماريو، پر اهو ڏينهن ايندو به يا نه ؟ ان بابت شايد سوچڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه چئي به نه ٿو سگهجي، ڪراچي ۾ دهشتگردن محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو پر افسوس جو ان واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي ڳچين ۾ درست نموني هٿ نه وڌا ويا، ڪراچي جي چڪرا ڳوٺ تي جن دهشتگردن حملو ڪيو ان جون وڊيوز به سوشل ميڊيا تي گردش ڪنديون رهيون پر انهن خلاف به ڪنهن ڪارروائي نه ڪئي ۽ جيڪي قانون جا محفافظ انهن غريب ڳوٺاڻن کي بچائڻ لاءِ اچي رهيا هئا انهن کي دهشتگردن هميشه لاءِ ننڊ سمهاري ڇڏيو، افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته چڪرا ڳوٺ جي  رهواسين کي بچائڻ لاءِ جانين جو نظرانو ڏيندڙن جي قاتلن کي به هن وقت تائين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه  آندو ويو آهي. هڪ طرف حڪمران چئي رهيا آهن ته انهن وٽ  خراب ۽  سٺن دهشتگردن جو تصور نه آهي ته پوءِ  آخر هن وقت تائين انهن خراب ۽ سٺن دهشتگردن خلا ف  ڪارروائي  ڇو نه ٿي سگهي آهي. هي  ڪراچي شهر پنجاب کان وڏو  نه آهي پر الائي ڇو جو هتي دهشتگرد  ايترائي ماڻهو ماري چڪا آهن شايد ئي ڪنهن ٻين  شهرن ۾ ماريا ويا هجن، جڏهن به ڪراچي جون حالتون خراب ٿيون ته ان وقت هتي رينجرز به موجود هئي  ۽ پوليس به هر هنڌ بيٺي هئي پر 12 مئي سانحي کان ويندي بلديا سانحي تائين کوڙ سارا سانحا پيش آيا پر  انهن جوابدارن خلاف ٽڪي جي به ڪارروائي نه ٿي سگهي.
احتساب جو دهل وڄائيندڙ اهي رڙيون ته ڪري رهيا آهن ته وزيراعظم جو احتساب ٿيڻ گهرجي پر انهن خلاف آواز نه ٿا اٿارين جن ڪراچي کي رت سان وهنجاريو، جن ڪراچي جون حالتون خراب ڪيون.پيپلزپارٽي هجي يا وري نواز ليگ، ٻنهي پارٽين طرفان انهن دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو هن وقت تائين ڪو به بيان نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي وري اهو واضع نموني چيو ويو آهي ته ڀتي خورن، بلديا سانحي ۽ 12 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. جنهن سبب لڳي ٿو انهن ڌرين کي به انهن دهشتگردن کان ڪو ڊپ آهي جنهن سبب اهي انهن خلاف بيان ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن يا وري پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ انهن خلاف ڪارروائي جو حڪم نه پيا ڏين، بهرحال اڄ به ڪراچي کان ڪشمور تائين هر هڪ سنڌ واسي ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ ڏسڻ جو منتظر آهي، جيڪڏهن هنن معمولي دهشتگردن کي اڄ تائين نه چٿيو ويو ته پوءِ آخر انهن دهشتگردن کي ڪئين چٿيو ويندو، جن بابت چيو پيو وڃي ته اهي را جا ايجنٽ آهن. جيڪڏهن هي ڀتي خور، پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث ۽ عام شهرين کي ٽارگيٽ ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿا ٿي سگهن ته پوءِ  را جا ايجنٽ ته ڇا افغانستان جا دهشتگرد آساني سان پنهنجيون ڪارروايون ڪري سگهن ٿا. هونءَ ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ڪراچي مان به طالبان طرفان ڀتو اوڳاڙڻ جو انڪشاف ڪيو ويو هو پر مختلف سياسي جماعتن طرفان  ڪراچي ۾ ڀتو اوڳاڙڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون هيون، جن مان هڪ سياسي  جماعت جو نالو ٽاپ تي ٻڌايو ويو هو پر اها  سياسي پارٽي وفاق توڙي صوبائي حڪومت جي لاڏلي پارٽي هئي جنهن سبب ان خلاف ڪنهن به ڪارروائي ڪرڻ جي جرئت نه ڪئي هئي. اڳوڻي  صوبائي گهرو وزير  ان وقت پريس ڪانفرنس به ڪئي هئي جنهن وقت روز غريب ماڻهو مارجي رهيا هئا ۽  ان وقت   سڪيورٽي اهلڪارن کي به بخش نه ڪيو ويندو هو. ان وقت ذوالفقار مرزا  چيو هو ته ايم ڪيو ايم ملڪ کي ٽوڙڻ چاهي ٿي ۽ هن ڪيترن  ئي دهشتگردن کي حراست ۾ ورتو جن کي ڇڏيو ويو، پر ان وقت به وفاقي سرڪار توڙي صوبائي سرڪار خاموش رهي هئي هن ته  پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران اهو به چيو هو ته جڏهن به هو متحده خلاف بيان ڏنو ته ڪراچي  ۾ معصوم شهرين کي ماريو  ويو، پر افسوس ان جي اهڙن بيانن تي وقت جي حڪمرانن  جي ڪن تي جونءَ به نه چري هئي، تنهن کان پوءِ هن گهرو وزارت سان گڏ پيپلزپارٽي کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ چيو هو ته  ڪجهه سنڌجا سياستدان به متحده سان سازشن ۾ مليل آهن، بهر حال  جيڪي به  مرزا جي دور ۾ گرفتاريون ٿيون  ۽ انهن کي بعد ۾ ڇڏيو ويو، انهن خلاف  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي ها پر افسوس انهن به ڪو قدم کڻڻ جي زحمت نه ڪئي.
 هونءَ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان نام نهاد  ماڻهن ڪراچي کي مختلف وقتن تي رت سان وهنجارڻ ۾ ڪا قصر ناهي ڇڏي، ڪڏهن هن شهر ۾ وڪيلن کي ساڙيو ويو آهي ته ڪڏهن وري صحافين تي حملا ڪيا ويا. اهو ڏينهن ڪو  بچو نه هوندو جنهن ڏينهن شهر ۾ خوف پکيڙڻ لاءِ ٽارگيٽ ڪلنگ نه ڪئي وئي هجي، ڪجهه چئي رهيا آهن ته هن شهر تي قبضي جي جنگ هلي رهي آهي ته ڪجهه چئي رهيا آهن ته مهاجر صوبو ٺاهڻ لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن، پر سمجهه نه ٿي اچي ته حڪومت اهڙن شرپسندن عنصرن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، جيڪي سرعام ڪراچي ۾ ورهاڱي جي چاڪنگ ڪري رهيا آهن انهن کي هتان  جون طاقتور ڌريون پنهنجي هنج ۾ ويهاري ويٺيون آهن ۽ انهن عنصرن کي وفاقي سرڪار جو به آشيرواد آهي. جنهن سبب اهي بنا ڪنهن  خوف جي پنهنجي ناپاڪ اردارن کي ڪامياب ڪرڻ ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن. ڪجهه ماڻهو طالبانائيزيشن جي نالي تي ڪراچي ۾ رت وهائي رهيا آهن ته ڪجهه وري سنڌ جي هن راجڌاني تي قبضو ڪرڻ لاءِ غريب  ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪري رهيا آهن ۽ اهو سلسلو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان جاري ساري آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ به ڪراچي بدامني ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس انور ظهير جماليءَ آءِ جي سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته آءِ جي صاحب پبلڪ هنڌن جي سڪيورٽي بهتر بڻايو، ڪوئيٽا ۾ سڪيورٽي بهتر هجي ها ته ايترو نقصان نه ٿئي ها،جيڪا ڳالهه بلڪل درست آهي، جيڪڏهن سڪيورٽي بهتر هجي ته بلديا جهڙو سانحو پيش نه اچي ها. هونءَ ته بلديا سانحي ڪيس ۾ اهم پيش رفت ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ سرڪار طرفان بلديا سانحي ڪيس ۾ متحده اڳواڻ حماد صديقي، سيڪٽر انچارچ عبدالرحمان، زبير عرف چريا ۽ اديب  اقبال کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن بابت  پوليس ميڊيا کي ٻڌايو هو ته جوابدارن جانالافيڪٽري مالڪن جي بيان جي روشني ۾ داخل ڪيا ويا، پوليس ميڊيا کي اهو به ٻڌايو هو ته فيڪٽري مالڪ بيان ۾ چيو ته فيڪٽري کي باهه نه لڳي پر لڳائي وئي جنهن ۾ 256 ماڻهو سڙي فوت ٿيا. جيتوڻيڪ  12 مئي سانحي ڪيس ۾ متحده اڳواڻ وسيم اختر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڪراچي جو ميئر به چونڊيو ويو آهي، جنهن کي پيرول تي آزادي لاءِ قانوني مونجهارا سامهون اچي ويا ويا آهن. پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا سنڌ سرڪار متحده اڳواڻ ۽ ڪراچي جي چونڊيل ميئر کي پيرول تي آزاد ڪندي يا وري اهو سڄو ڪاروهنوار جيل اندر هلائيندو. هڪ طرف متحده اڳوان وسيم اختر چئي رهيو آهي ته کيس گرفتار ڪرڻ سان ڪو به فرق نه پوندو،
 جيڪڏهن  12 سانحي ۾ گرفتار ڪرڻو آهي ته  اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي گرفتار ڪيو. ڪجهه ڏينهن اڳ  پوليس وسيم اختر بابت رپورٽ جاري ڪئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته وسيم اختر اعتراف ڪيو  آهي ته هو 12 مئي جي سانحي ۾ ملوث آهي جنهن بابت هڪ تجزيه نگار چيو هو ته جيڪڏهن رينجرز وسيم اختر کي حراست ۾ وٺي ها ته اهڙو بيان ڪڏهن به نه اچي ها، ان جو مطلب ڇا هو، شايد اهو تجزيه نگار بهتر ٻڌائي سگهي ٿو، بهر هال هاڻ  سڪيورٽي ادارن لاءِ به هڪ چيلينج  آهي ته اهي ڪهڙي ريت بلديا سانحي ۽ 12 مئي سانحي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻين ۽ انهن مارجي ويل بيگناهه ماڻهن جي وارثن کي انصاف ڪئين ٿا ڏيارين. رهي ڳالهه سياسي جماعتن جي ته انهن کي احتساب جو دهل وڄائڻ سان گڏ انصاف جو باجو به وڄائڻ گهرجي ته جئين انهن ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي جيڪي دهشتگردن کي حڪم جاري ڪري ڪراچي شهر کي رت سان وهنجاريندا رهيا آهن ۽ انهن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪيو وڃي ۽ نه ئي انهن کي ڪو موقعو ڏنو، ڇاڪاڻ ته هڪ انسان جو قتل سموري انسانيت جو قتل آهي،  جيڪي پارٽيون پاناما ليڪس تي احتجاج ڪري رهيو آهن شايد اهي ڪراچي ۾ مارجي ويل وڪيلن ۽ بلديا فيڪٽري جيئرو ساڙي ماريل مزدورن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪن ها ته تمام گهڻو بهتر هجي پر شايد انهن کي غريب ۽ بي گناهه ماڻهن سان ڪو به تعلق نه آهي جنهن سبب انهن کي بلديا سانحو  ۽  ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ  ۾ مارجي ويل بي گناهه ماڻهو نظر نه ٿا اچن، يا وري انهن کي غريب ۽ بي گناهه مارجي ويلن ماڻهن جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ سان  ڪو مال پاڻي نه ملندو جيڪي پنهنجو وقت ضايع نه ٿا ڪرڻ چاهين. جيڪڏهن هن وقت به انهن سمورين سياسي پارٽين ڪراچي ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙن کي عبرت ناڪ سبق نه سيکاريو ته جيڪي اڄ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪاررواين سبب ڪمزور ٿي چڪا آهن ۽ اهي ٻيهر مضبوط ٿي ويندا ۽ وري اچي ڪراچي شهر ۾ رت جي راند کيڏندا، جيڪڏهن اهو ٿيو  ته پوءِ  اڳ ماڻهو روڊن تي مرندا هئا ۽ پوءِ اهي دهشتگرد گهرن ۾ داخل ٿي ماڻهن کي ماريندا ۽ واپارين کي ڀتو به ٻيڻو وٺندا. جنهن لاءِ سڀني  سياسي جماعتن کي دهشتگرد سياسي جماعتن کي وائکو ڪرڻ  سان گڏ انهن خلاف ڀرپور ڪارروائي جو مطالبو به ڪرڻ گهرجي ته جئين هن ملڪ ۾ امن قائم ٿي سگهي.


No comments:

Post a Comment