Pages

Friday 19 August 2016

ايندڙ چونڊن لاءِ سياسي پارٽين جي صف بندي

صاحب خان ڀٽي
جيتوڻيڪ چونڊن ۾ اڃا گهڻو وقت باقي آهي پر ان باوجود سموريون سياسي پارٽيون مختلف طريقن سان مهم جاري رکيو پيون اچن، ڪجهه  سياسي پارٽيون پاناما ليڪس معاملي تي سياست چمڪائي رهيون آهن ته ڪجهه پارٽيون وري پنهنجن  ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ ناانصافين جو راڳ ڳائي عوام سان رابطي ۾ اچي رهيون آهن ته ڪي وري سياسي پارٽيون احتجاجي ڌرڻا هڻڻ ۾ مصروف آهن، جنهن سان هڪ دفعو ٻيهر ملڪ اندر سياسي سرگرمين ۾ واڌ اچي وئي آهي. هڪ طرف پاناما ليڪس معاملي تي سياست چمڪائي پئي وڃي ته ٻي طرف وري پارٽين ۾ مختلف اڳواڻن جي شموليت جو به سلسلو جاري آهي. جنهن مان لڳي پيو ته هن ڀيري ايندڙ عام چونڊن ۾ وڏو مقابلوٿيندو. هونءَ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان  تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان احتجاجي مظاهرا توڙي ڌرڻا هڻي رهيو آهي پر ان بابت هن وقت تائين ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به وزيراعظم خلاف بيان ڏئي رهيو آهي، جنهن مان لڳي پيو ته هن ڀيري چونڊن ۾ پيپلزپارٽي بلاول ڀٽي زرداري کي ميدان لاهيندي، پ پ اڳواڻ به اهو خواب ڏٺو آهي ته فنڪشنل ليگ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويندي، سندس اهو خواب ته هن وقت تائين پورو نه ٿي سگهيو آهي پر تازو ئي فنڪشنل ليگ اڳواڻ امتياز شيخ لنڊن ۾ اڳوڻي  صدر آصف علي زرداري،  پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي جنهن دوران  هن پيپلزپارٽي جي شموليت جو اعلان ڪيو آهي، امتياز شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هو ڏيهه وري فنڪشنل ليگ کي  ڇڏڻ جا  ڪارڻ ٻڌائندو. هڪ طرف  فنڪشنل ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ جا ڪارڪن پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي رهيا ته ٻي طرف وري سنڌ ۾ مسلم ليگ ن جي مڪمل تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي. جڏهن سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽي نواز ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هو ته ان وقت به ڪيتريون ئي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ۽ ان وقت لاڙڪاڻي شهر ۾ نواز ليگ جا جهنڊا به نظر اچڻ لڳا هئا، جنهن تي نوازشريف تمام گهڻو خوش نظر آيو هو پر  ممتاز ڀٽي کي مسلم ليگ طرفان نظرانداز ڪيو ويو، اهڙي طرف گذريل عرصي کان اهو ٻڌڻ ۾پئي آيو ته فنڪشنل ليگ اڳواڻ امتياز شيخ کي به پاسي تي ڪيو ويو، جنهن مان لڳي رهيو هو ته فنڪشنل ليگ ۽ امتياز شيخ  ۾ ڪي اختلاف ضرور  آهن  ۽  سڀني جو اهو شڪ ان وقت سچ ثابت ٿيو، جڏهن لنڊن ۾ امتياز شيخ پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ٻي طرف اهو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪجهه اهم شخصيتون پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪرڻ واريون آهن، ان جو انڪشاف پ پ اڳواڻ منظور وساڻ به ڪيو آهي، منطور وساڻ چيو آهي ته اهم شخصيتون پيپلزپارٽي ۾  شامل ٿي وينديون، جنهن بابت هو في الحال ڪنهن کي به نه ٻڌائندو، منظور وساڻ پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته سندس خواب پورو ٿيڻ وارو آهي. هڪ ڳالهه ته واضع ٿي چڪي آهي ته سموريون پارٽيون ايندڙ اليڪشن  جي مهم لاءِ  تياري ۾ مصروف آهن، جنهن سبب سموريون پارٽيون صف بندي ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويون آهن.  15 آگسٽ 2016ع سنڌ نيشنل فرنٽ جي اڳوڻي سينٽر ڪميٽي جو  اجلاس لاڙڪاڻي ۾ سردار ممتاز ڀٽو جي صدارت هيٺ ٿيو هو، ،جنهن ۾ سينٽرل ڪميٽي جي ميمبرن، ضلعي صدر،ڊويزنل ڪو آرڊينيٽر، شاخن جي سربراهن ۽ 90 ميمبرن شرڪت ڪئي هئي. .اجلاس ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن کان ڌار ٿيڻ جو اعلان  ڪيو ويو هو. اجلاس ۾ فوري طور تي سنڌ نيشنل فرنٽ کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.
جيتوڻيڪ  سردار ممتاز ڀٽو ۽ امتياز شيخ اهڙيون شخصيتون آهن جيڪي پنهنجي تڪ تان  بنا ڪنهن پارٽي جي سپورٽ جي ڪامياب ٿي سگهن ٿيون پر ان باوجود فنڪشنل ليگ ۽ نواز ليگ انهن  اڳواڻن کي نظر انداز ڪيو، امتياز شيخ کي به حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جي وفات کان پوءِ پاسي تي ڪيو ويو هو ۽ جڏهن سردار ممتاز ڀٽي نواز ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ته ان وقت به مختلف چينلن تي اهي خبرون هلنديون هيون ته کيس گورنر يا ڪو ٻيو وڏو  عهدو ڏنو ويندو، جنهن تي هڪ سياسي تنظيم ناراض به ٿي ويندي هئي،جيتوڻيڪ صدر ممنون حسين سردار ممتاز ڀٽي جي ڀيٽ ۾ ايڏي وڏي شخصيت نه هو پر ان باوجود صدر ممنون حسين کي بڻايو ويو ۽ سردار ممتاز ڀٽي کي ڪو خاص عهدو نه ڏنو ويو، سردار ممتاز ڀٽو اهو ماڻهو هو جنهن نواز ليگ جو جهنڊو لاڙڪاڻي ۾ ڦڙڪايو، هاڻ لڳي پيو ته نواز ليگ جي لاڙڪاڻي سان گڏ سڄي سنڌ مان تڏا ويڙهه ٿي ويندي، جڏهن سردار ممتاز ڀٽي نواز ليگ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ته ان وقت به نوازشريف طرفان  به  ڪو رابطو نه ڪيو ويو، بهر حال جيڪي به نظر انداز ٿيل اڳواڻ اهن اهي پارٽيون تبديل ڪري رهيا آهن ته جئين  ايندڙ اليڪشن ۾ هو پنهنجي پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهن. هاڻ جڏهن ته پيپلزپارٽي ۾ اهم اڳواڻن جي شموليت ٿي رهي آهي، جيڪي پنهنجي تڪن تان ڪڏهن به نه هارايو آهي،ا نهن جي اچڻ سان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ تمام گهڻو مضبوط ٿي ويندي، جيڪي ماڻهو چئي رهيا هئا ته پيپلزپارٽي جي مقبوليت ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ پ پ کي ڪا خاص ڪاميابي نه ملندي، انهن جون اڳڪٿيون غلط ثابت ٿينديون، ڇاڪاڻ ته جيڪو پيپلزپارٽي ۾ خال پيدا ٿيو هو اهو امتياز شيخ جي شموليت بعد ڀرجي ويو آهي، هون ته نوازشريف سنڌ جي اهم اڳواڻن کي نظر انداز ڪري چڪي آهي پر سڀ کان وڏو ڌڪ نواز ليگ کي سردار ممتاز ڀٽو جي الڳ ٿيڻ سان پهتو آهي. جنهن کي نواز ليگ هن وقت تائين محسوس نه ڪري سگهي آهي. نواز ليگ کي ٻيو وڏو ڌڪ مملڪلتي وزارت تان استعيفيٰ ڏيندڙ نواز ليگ اڳواڻ عبدالحڪيم بلوچ جي ڇڏڻ کان پهتو آهي، جنهن تازو ئي پ پ ۾ شامل ٿيڻو جو فيصلو ڪيو اهي. پهرين مرحلي ۾ ۾ حڪيم بلوچ جي پٽ بابر حڪيم بلوچ ۽ سليم بلوچ ساٿين سميت پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هو. حڪيم بلوچ جي جي پٽ بابر حڪيم بلوچ ۽ ملير جي سياسي شخصيت سليم بلوچ ساٿين سميت پ پ ميڊيا سيل تي پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هو. جنهن دوران  انهن چيو هو ته جمهوريت آزاداڻو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو آهي، جنهن جو هو استعمال ڪندي پ پ ۾ شامل ٿيا. جون 2016 ۾ اهي افواهون به هلي رهيون هيون ته پيپلزپارٽي جا اهم اڳواڻ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه کي هٽائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا هئا ۽ هنن بلاول کي خورشيد شاهه  جي جاءِ تي فريال ٽالپر کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ جي سفارش ڪئي هئي .


 ميڊيا ته ان وقت اهي به خبرون هلي رهيون ته آصف زرداري به خورشيد شاهه مان ڪيترن ئي معاملن تي مطمئن نه هو ۽ ٻنهي ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ملاقات به نه ٿي هئي.بهر حال اهي افواهون سچيون هيون يا نه ان بابت هن وقت تائين خبر نه پئجي سگهي آهي،  جڏهن اڳوڻو مملڪتي وزير حڪيم بلوچ نواز ليگ کي ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ته ان وقت به نوازشريف توڙي ٻين اڳوڻن کي پرچائڻ جي ڪا خاص ڪوشش نه ڪئي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪيم بلوچ ان وقت نوازليگ جي ساٿ ڏنو جنهن وقت ڪراچي ۾ نوازليگ ۾ شامل ٿيڻ کان ماڻهو لنوائيندا هئا، ڇاڪاڻ ته ان و قت ڪراچي ۾ سياسي پارٽي جي اڳواڻن کي گهڻو نشانو بڻايو ويندو هو ۽ هن شهر تي پنهنجي طاقت آزمائيندڙ هڪ پارٽي ڪنهن به ٻئي پارٽي کي پسند نه ڪندي هئي، ان وقت حڪيم بلوچ ملير ۾ نواز ليگ جي پارٽي جي مهم هلائيندو هو پر ان باوجود کيس نظر انداز ڪيو ويو، هاڻ جڏهن حڪيم بلوچ ۽ امتياز شيخ پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي ته پوءِ پيپلزپارٽي جي پوزيشن مضبوط ٿيندي. باقي رهي ڳالهه نواز  ليگ جي ته ان جي سنڌ مان هاڻ ٿڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي ۽ ان جو  وڏو سبب اهو آهي ته نواز ليگ  سنڌ جي قيادت کي نظر اندا ز ڪيو اهي، جنهن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر نواز  ليگ سنڌ ۾ صف بندي ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تحريڪ انصاف به ڪو خاص ٻوٽو هن وقت تائين ٻاري نه سگهي آهي، سنڌ ۾ جڏهن به تحريڪ انصاف سربراهه آيو آهي ته ان به ڪراچي ۾ هڪڙو موقف اختيار ڪيو آهي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ٻيو موقف اختيار ڪيو آهي، جنهن سبب تحريڪ انصاف کي ڪا خاص موٽ نه ملي سگهي آهي. هونءَ ته تحريڪ انصاف ڪراچي  ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جلسا ڪري چڪو آهي پر انهن جلسن جو کيس شايد ڪو فائدو نه پهچي سگهندو، ڇاڪاڻ ته  پيپلزپارٽي ڪارڪنن کي خوش ڪرڻ لاءِ  چهرن جي تبديلي ڪري رهي آهي ۽ هر هڪ وزير وزارت جو مزو وٺي رهيوآهي. جيڪڏهن نواز ليگ سنڌ جي اڳواڻن کي نظر انداز نه ڪري رها ته شايد نواز ليگ کي اڄ  هي ڏينهن ڏسڻو نه پئي ها ۽ پيپلزپارٽي حڪيم بلوچ  ۽ ٻين  اڳواڻن جي  شموليت سان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿئي هئا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جنهن ريت پيپلزپارٽي سنڌ ۾ پنهنجا پير ڄمائي رهي  آهي، جيڪڏهن اهم اڳواڻن ۾ جي پيپلزپاٽي ۾ شموليت جو سلسلو جاري رهيو ته ايندڙ اليڪشن ۾کين ڪاميابي ملندي پر هن وقت تائين پيپلزپارٽي پنجاب  ۽ ٻين صوبن ۾ ڪي سياسي سرگرميون شروع نه ڪري سگهي آهي، جنهن ريت تحريڪ انصاف سنڌ، ڪي پي  ۽ پنجاب ۾ سرگرميون جاري رکندي پئي اچي.

No comments:

Post a Comment