Pages

Thursday 25 August 2016

مڪاني ادارن جي جوڙجڪ ۽ لاتعلقي جو اعلان

صاحب خان ڀٽي
سنڌ اندر مڪاني  ادارن جي جوڙجڪ  ۾ اڃا ٿورو وقت باقي هيو ته اچانڪ  گادي واري شهر ۾ اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون جو هر طرف غدار غدار جا لفظ  ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا، هر طرف پاڪستان خلاف ڳالهائيندڙ متحده سربراهه جو ذڪر ٿي رهيو هو، هر ٽي وي چينل تي متحده سربراهه  طرفان  لڳايل پاڪستان مخالف نعرن تي بحث ڪيو پئي ويو، ڪجهه اردو ڳالهائيندڙ متحده سربراهه جي بيان خلاف آواز به اٿاري رهيا هئا ته ڪجهه وري نائن زيرو ٻاهران پاڪستان زنده باد جا نعرا به لڳائي رهيا هئا، هر هڪ اهو ئي سوچي رهيو هو ته هاڻ ڇا ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن پاڪستان مخالف نعرا لڳايا ويا تنهن مان ائين لڳي رهيو هو ته جئين پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم سان وڏو ظلم ٿيو هجي جڏهن متحده سربراهه پاڪستان مخالف نعرا لڳايا ته ان وقت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حرڪت ۾ اچي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار سميت ٻين اڳواڻن کي به گرفتار ڪيو هو، جن کي  پچا ڳاڇا بعد ڇڏيو ويو هو، ايتري قدر جو ايم پي اي هاسٽل ۽  نائن زيرو کي به سيل ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي ايم ڪيو ايم جي يونٽن ۽ سيڪٽرن کي پوليس ۽ رينجرز پاران سيل به ڪيو ويو هو. جڏهن متحده اڳواڻ فاروق ستار کي آزاد ڪيو ويو ته هن اعلان ڪندي چيو  متحده جو لنڊن ايم ڪيو ايم سان ڪو به تعلق نه  آهي ڇاڪاڻ ته لنڊن ايم ڪيو ايم رجسٽرڊ نه آهي، جنهن سبب هو پاڻ ئي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه آهي  ۽ فيصلا به هو پاڻ ئي ڪندو، جڏهن فاروق ستار لنڊن سان  لاتعلقي جو اظهار ڪيو ته ان وقت ڊاڪٽر عامر لياقت ايم ڪيو ايم ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ميڊيا چينل تي ڳالهائيندي چيو ته هو غدار نه آهي، هن پاڪستان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، جنهن سب کيس غدار نه چيو وڃي، ٻي طرف پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري ڪيترن ئي متحده جي ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ۽ انهن بابت اهو ٻڌايو ويو ته اهي پاڪستان مخالف سرگرمين ۾ملوث  آهن. ميڊيا تي اهي خبرون به نشر ٿيون ته ميڊيا هائوسز تي حملو ڪندڙن مان ٻن عورتن کي حراست ۾ ورتو ويو  آهي، اهي ڪارروايون جاري  هيون ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊن جو به اعلان ڪيو ويو،
هڪ طرف ايم ڪيو ايم جو نامزد ميئر جيل ۾ هو ته ٻي طرف وري متحده اڳواڻ فاروق ستار ايم ڪيو ايم لنڊن کان تعلقي جو اظهار ڪيو ۽ رينجرز پاران به پهريون دفعو هڪ پيپر جاري ڪيو ويو جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو ته ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن جن جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان  آهي، اهو پهريون ڀيرو رينجرز طرفان ڄاڻايو ويو هو ته ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان ٻه ڌار ڌار آهن. بهر حال اهو لنڊن ۽ پاڪستان جو ڊرامو ڪيتري دير تائين هلندو اهو ته وقت ئي ٻڌائندو، ڇاڪاڻ ته متحده سربراهه سنڌ خلاف به تمام گهڻو ڳالهائي چڪو آهي، جنهن بعد معافي به ورتي آهي ۽ هاڻ ٿورو اڳتي وڌي ويو ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ پاڪستان مخالف نعرا به هنيا ۽ اهو تصور ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان اندر به والاريل ڪشمير جيان ظلم ٿي رهيو آهي پر اهو متحده سربراهه جو تصور غلط هو، ڇاڪاڻ ته  والاريل ڪشمير جون حالتون ۽ سنڌ جون حالتون مختلف آهن، تنهن باوجود متحده سربراهه والاريل ڪشمير جيان نعرا هڻايا،  جنهن عمل عالمي سطح تي پاڪستان جي وقار کي تمام گهڻو نقصان پهچايو،  ايتري قدر جو هر هڪ محب وطن پاڪستاني جي روح کي به مجروح ڪيو ۽ صحافي برادري طرفان  ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج به ڪيو ويو. لاتعلقي جي اعلان بعد جڏهن مڪاني ادارن جي جوڙجڪ لاءِ چونڊون ڪرايون ويون ته  12 مئي سانحي  جي الزام هيٺ گرفتار متحده جو نامزد ميئر  کي به ووٽ وجهڻ لاءِ جيل مان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ هن ووٽ ڏنو، جتيوڻيڪ وسيم اختر هڪ قيدي جي حيثيت سان جيل کان ٻاهر نڪتو هو پر  چونڊن بعد هو هڪ ميئر چونڊجي ويو ۽ جيل هڪ ميئر جي حيثيت  سان واپس  هليو ويو، ان کان اڳ هن اها پريس ڪانفرنس  ڪئي جنهن  ۾ کيس فون ذريعي اهي هدايتون ڪيون ويون ته ڪنهن معاملي تي کيس ڳالهائڻو آهي ۽ ڪمنهن اشو ته کيس ناهي ڳالهائڻو.  جڏهن وسيم اختر پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو ته ان وقت سندس چهري تي خوشي نظر نه پئي اچي ۽ جهڙي ريت کيس فون ذريعي ڳالهائڻ بابت هدايتون جاري ڪيون پيون وڃن تنهن مان لڳي  رهيو هو ته ايم ڪيو ايم  کي هاڻ ٻيو ڪيو هلائي رهيو آهي ۽ ان جو حڪم ئي هلي رهيو آهي ۽ اهي سمورا ايم ڪيو ايم جا ميمبر  به انهن جي اشارن تي هلي رهيا آهن، جيڪي کين حڪم ملي ٿو اهي ان کي لبيڪ چئي رهيا آهن. شايد اهو بيان اڄ به ڪنهن کان نه وسرا هوندا، جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پريس ڪانفرنس ڪندو هو ۽ چوندو هو ته متحده سربراهه سنڌ کي ٽوڙڻ چاهي ٿو ۽ پاڪستان کي به ٽوڙڻ چاهي ٿو پر ان وقت سندس بيان تي ڪنهن به يقين نه ڪيو هو ۽ مرزا جي بيان کي ڪوڙو سمجهيو هو پر هاڻ جڏهن متحده سربراهه جنهن ريت پاڪستان مخالف ڳالهيون ڪيون آهن ته ان وقت اهي سموريون ڳالهيون ثابت ٿيون جيڪي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪجهه عرصو اڳ ڪيون هيون. بهر هال هاڻ جڏهن سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي  چونڊ ۾  وسيم اختر ميئر ۽ ارشد وهرا وائيس چيئرمين چونڊجي ويا آهن تڏهن  به نه پيو لڳي ته ميئر وسيم اختر ڪراچي جا مسئلا حل ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته متحده صرف پنهنجن ئي علائقن ۾ ڪم ڪرائيندي آهي ۽  ٻين علائقن ۾ ڪم ڪرائڻ لاءِ وٽن وقت ئي نه هوندو آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته متحده اميدوارن  وسيم اختر ۽ ارشد وهره کي 294 مان 198 ووٽ مليا، جڏهن ته وسيم اختر طرفان سمورين سياسي ڌرين، پوليس ۽ رينجرز  سان گڏجي ڪم ڪرڻ جوا علان  ڪيو ويو آهي.
 متحده  جي چونڊيل ميئر وسيم اختر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي جي مينڊيٽ کي مڃيو ويو آهي، سڀني کي گڏ وٺيهلندو. هن اهو به چيو ته هو ايم ڪيو ايم نه پر ڪراچي جو ميئر  آهي، مشڪل حالتن باوجود شهرين ساٿ ڏنو، هن اهو به چيو ته گهڻيون تلخيون آهن پر انهن جو ذڪر هو نه ندو. جيڪو ماضي ۾ ٿيو، ان کي وساري هو اڳتي وڌندا. وسيم اختر ميئر چونڊجڻ  بعد وڏي وزير سيد مراد علي  شاهه سان مخاطب ٿيندي چيو ته مڪاني عيوضين کي اختيار ڏنا وڃن ته جئين هو عوام جي خدمت ڪري سگهن. جڏهن وسيم اختر پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو ته هن  ان وقت اهو سوال ڪيو ته  9 سالن کان پوءِ 12 مئي جو ڪيس ڇو ياد آيو آهي، ۽ هڪ  چيلنج ڪيو ته جيڪڏهن مرد جا پٽ آهيو ته پرويز مشرف خلاف ڪيس هلايو  وڃي.هاڻ اهو چيلينج اسان جي سيڪيورٽي اداران کي ڏنو ويو يا وري اهو چيلينج اسان جي حڪمرانن کي ڏنو ويو ان بابت هن وقت  خبر نه پئجي سگهي آهي. هن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ جذباتي بيان ۾ اهو  چيو ته 12 مئي  سانحي ۾ کيس گرفتار ڪرڻ سان ڪجهه به نه ورندو ، جيڪڏهن مرد جا پٽ آيو آهي ته آرٽيڪل 6 تحت اڳوڻي آمر پرويز مشرف تي  ڪيس  هلايو وڃي پر  شايد هاڻ اهو ڪڏهن نه ٿئي ڇاڪاڻ ته وسيم اختر جڏهن پريس ڪانفرنس ڪري رهيو ته ان کي فون تي هدايت ڪئي وئي ۽ فاروق ستار چيو ته کيس اسڪپرٽ ڏنو ويو هو  ۽  کيس ان تي ئي ڳالهائڻ هو ۽ وسيم اختر کي هدايت به ڪئي وئي جنهن کي ميڊيا تمام گهڻو ڏيکاريو. هن اهو به چيو ته هو سياسي قيدي آهي. چونڊ نتيجن بعد ايم ڪيو ايم ۽ ڪراچي اتحاد جا ميمبر آمهون سامهون ٿي ويا هئا ،جنهن سان ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي. پ پ جي عورت ڪارڪنن پاران نعريبازي بعد ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ خواجا اظهار الحسن پولنگ اسٽيشن مان هليا ويا . ايم ڪيو ايم جي وسيم اختر ۽ پ پ جي ڪرم الله وقاصي ۾ مقابلو  ٿيو.  ڊپٽي ميئر لاءِ ايم ڪيو ايم جي ارشد وهره ۽ ن ليگ جي امان الله آفريدي ۾ مقابلو ٿي ٿيو  . جهڙي ريت  ايم ڪيو ايم  حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ پنهنجا ماڻهو ڪامياب ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ته ٻي طرف پيپلزپارٽي ٻين سمورن سنڌ جي شهرن کي ٻهارڻ ۾ ڪاميابي ٿي پر هاڻ اهو  سوال به پيدا ٿو ٿئي ته  ڇا مڪاني ادارن جي جوڙجڪ بعد سنڌ جي مسئلن کي حل ڪيو ويندو يا  وري ماضي جيان صرف پنهنجي من پسند علائقن  ۾ ڪم ڪرايا ويندا.تنهن ڪري هن دفعي ائين نه ٿيڻ گهرجي ۽ چونڊيل نمائندن کي سمورن علائقن ۾ بنا ڪنهن فرق جي ترقياتي ڪم ڪرائڻ گهرجن ته جئين ڪو به علائقو رهجي نه وڃي رهي ڳالهه غداري واري ته ان جو فيصلو سيڪيورٽي ادارا ئي ڪري سگهن ٿا ته ڪير غدار آهي ۽ ڪير غدار نه  آهي.



No comments:

Post a Comment