Pages

Wednesday 31 August 2016

تحريڪ انصاف جي درخواست رد ٿيڻ بعد حڪمت عملي

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪجهه عرصي کان تحريڪ انصاف ۽ ڊاڪٽر طاهر قادري جو پانامالڪيس معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، عمران خان وزيراعظم نوازشريف جي احتساب جو مطالبو ڪري رهيو آهي ته ڊاڪٽر طاهر القادري لاهور ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن جي انصاف لاءِ عوام سان رابطي ۾ آهي. تحريڪ انصاف جوا حتساب ڪنٽينر ۽  ڊاڪٽر طاهر القادري جو قصاص مارچ  به وزيراعظم نوازشريف  تي هن وقت تائين ڪو خاص دٻاءُ نه وجهي سگهيو آهي ۽ حڪومت پاناماليڪس معاملي تي پي ٽي آءِ ۽ ٻين جماعتن  جي مطالبن کي هن وقت تائين نه مڃيو آهي. هونءَ ته تحريڪ انصاف پاناماليڪس معاملي تي ڪيترائي احتجاج رڪارڊ ڪرائي چڪي آهي پر ان مان کيس ڪو به لاڀ حاصل نه ٿي سگهيو  آهي،  جنهن بعد هاڻ پي ٽي آءِ عدالتن جو در وڄائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مان في الحال کيس ڪو تسلي جواب نه ملي سگهيو، جڏهن پي ٽي آءِ وزيراعظم نوازشريف جي نااهلي بابت درخواست سپريم ڪورٽ  داخل ڪرائي هئي ته وقت لڳي رهيو ته اهو فيصلو اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني وانگر ئي ايندو، جئين ماضي ۾ پيپلزپارٽي جي تعلق يوسف رضا گيلاني خلاف آيو هو، جنهن کي به وزيراعظم جي عهدي تان لهڻو پيو هو پر هن ڀيري ٿوري چينجنگ آئي آهي، ۽ نااهلي جي درخواست کي اعتراض لڳائي واپس ڪيو ويو، تحريڪ انصاف اهڙي فيصلي کانپوءِ ٿورو مايوسي جو شڪار نظر اچي رهي آهي. عمران خان خان جي عدالتن سان رابطي مان لڳي رهيو آهي ته هاڻ عمران احتجاجي ڌرڻن کان هڪ ٻه قدم اڳتي وڌيو آهي ۽ وزيراعظم خلاف قانوني قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر سندس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاري سگهي آهي، جڏهن وزيراعظم نوازشريف جي نااهلي واري درخواست کي اعتراض لڳائي واپس ڪيو ته ان کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت مخالف جماعتن سان رابطا وڌائي ڇڏيا آهن ته ٻي طرف وري سيپٽمبر تي ٿيندڙ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ جا دعوت ناما به موڪلڻ شروع ڪري ڇڏياآهن. جڏهن ته سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي وزيراعظم نوازشريف جي نااهلي بابت درخواست تي اعتراض لڳايا ته پي ٽي آءِ ۽ ٻين حڪومت مخالف پارٽين مختلف بيان به جاري ڪيا، سڀ کان وڌيڪ پيپلزپارٽي درخواست جي واپسي تي اعتراض اٿاريا. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار درخواست ۾ اهو اعتراض لڳائي واپس ڪئي ته درخواست ڏيندڙ واسطيدار فورم سان رابطو ڪرڻ بدران سپريم ڪورٽ جو درکڙڪايو. رجسٽرار جي اعتراض ۾ اهو به چيو ويو ته نااهلي جي معاملي تي سڌو سپريم ڪورٽ ۾ نه ٿو اچي سگهجي.
پي ٽي آءِ جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس اولاد غيرقانوني طريقي سان رقم پرڏيهه منتقل ڪئي. درخواست ۾ وزيراعظم جي پٽن حسن نواز، حسين نواز، ڌيءُ مريم نواز، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سميت گهرو سيڪريٽري، احتساب بيورو ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو کي به ڌر بڻايو ويو هو. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به وزيراعظم نوازشريف خلاف سخت بيان ڏنا، جئين هو ماضي ۾ ڏيندو رهيو آهي، جنهن جي جواب ۾ حڪومتي عملدارن به رد عمل ڏيکاريو آهي. تحريڪ انصاف جي پٽيشن جي  رد ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو واضع نظر اچي رهيو آهي ته ملڪ اندر احتجاجي ڌرڻن جي سياست شروع ٿيڻ وڃي رهي آهي، هن ڀيري فرق صرف ايترو هوندو جو اڳ تحريڪ انصاف اڪيلي سر احتجاج ڪندي هئي پر هاڻ پيپلزپارٽي سميت ٻيون کوڙ ساريون جماعتون به ساڻن گڏ هونديون، جنهن مان  لڳي پيو ته هن ڀيري جيڪڏهن حڪومت خلاف احتجاج ٿيو ته ان جا تمام گهڻا خراب اثر نواز سرڪار تي پئجي سگهن ٿا ۽ حالتون حڪومت جي  هٿان نڪري به سگهن ٿيون. جيڪڏهن پيپلزپارٽي، جماعت اسلامي ۽ ٻيون جماعتون سيپٽمبر تي ٿيندڙ تحريڪ انصاف جي احتجاج ۾ شريڪ ٿين ٿيون ته حڪومت لاءِ اهو هڪ وڏو چيلينج هوندو، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف نواز ليگ اڳواڻ، پيپلزپارٽي سان رابطي ۾ آهن ته ٻي طرف وري  ڪجهه پيپلزپارٽي جا اڳواڻ اپوزيشن  جي حمايت به ڪري رهيا آهن ۽ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به  نوازشريف خلاف بيان ڏئي رهيو آهي. اهي بيان  شايد ان وقت کان شروع ٿيا جنهن ڏينهن کان سنڌ ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي جون  ڪارروايون وڌي ويون هيون ۽ پيپلزپارٽي طرفان اهي بيان ڏنا ويا هئا ته نيب ۽ ايف آءِ اي سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن ۾ ڪارروايون ڇو نه ٿي ڪري، پر اهڙن بيانن باوجود نواز سرڪار خاموش رهي هئي ۽ اهي بيان جاري ڪيا ويا هئا ته نيب ۽ ايف آءِ آءِ ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروايون بنا جاري رکندي، اهڙين ڪاررواين دوران پيپلزپارٽي جي ڊاڪٽر عاصم کي به گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن بابت بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته  ڊاڪٽر عاصم آصف علي زرداري جو ڊاڪٽر  آهي، هو هڪ سياسي قيدي آهي، جڏهن پيپلزپارٽي طرفان نواز ليگ سان رابطا ڪيا پيا وڃن ته ان وقت کين ڪو تسلي جوڳو  جواب نه پيو ڏنو وڃي پرهاڻ جڏهن کان پپيلزپارٽي نواز سرڪار کان پاسو ڪندي نظر اچي رهي آهي ۽ لڳي رهيو آهي ته هاڻ پيپلزپارٽي تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏئي حڪومت خلاف هڪ وڏي تحريڪ  هلائڻ واري آهي، جيڪا ايندڙ چونڊن تائين جاري رهي سگهي ٿي، جئين پي ٽي آءِ ۽ سان گڏ حڪومت کي به وقت ملي وڃي. جيتوڻيڪ هن وقت ملڪ اندر ٻيا به کوڙ سارا مسئلا آهن، هڪ طرف ٻارڙن کي اغوا جون افواهون گردش ڪري رهيوآهن ته ٻي طرف ماڻهن جي گمشدگين خلاف احتجاج به ٿي رهيا آهن، ايتري قدر جو بلوچستان ۾ ڌماڪا به ٿيا آهن پر عمران خان توڙي ٻين سياسي جماعتن جي گهڙي جي سئي اچي پاناماليڪس معاملي تي اٽڪجي وئي آهي، جيڪا پاناماليڪس کان اڳتي وڌي ئي نه ٿي، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ به نه آهي ته ملڪ اندر ڪرپشن هر دور کان ٿيندي رهي آهي، جيڪا هن وقت به جاري آهي،
 جيڪڏهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ ٻين سياسي پارٽين جي جماعتن کي ڪرپشن خلاف جاچ ڪرائڻي آهي ته پوءِ اها جاچ 1947ع کان شروع  ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو وڃي ته اهو اڃا وڌيڪ بهتر ٿيندو ۽ ان سان گڏ انهن ماڻهن جو احتساب ڪرڻ  جو مطالبو ڪيو وڃي جيڪي جمهوري حڪومتن آڏو رنڊڪون وجهندا  رهيا آهن. بهرحال  پي ٽي آءِ  جيڪو هاڻ عدالتن جو در وڄائڻ وارو فيصلو ڪيو آهي اهو احتجاجي ڌرڻن کان وڌيڪ بهتر عمل آهي، جنهن  مان لڳي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف پنهنجا قدم ڄمائي رهي آهي ۽ جنهن مان کيس فائدو به ملي سگهي ٿو. سڌ سماءُ واري وزير پرويز رشيد  به پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي درخواست ۾ ڪا به نئين ڳالهه ناهي، پي آءِ ٽي پراڻي پٽيشن جي ڪاپ عدالت کڻي وئي. وفاقي وزير اهو به چيو ته درخواست ۾ 25 سال پراڻا الزام لڳايا ويا، وزير اعظم پاران پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير ۾ ڪا به ڳالهه لڪل ناهي. ٻي طرف وري تحريڪ انصاف ماضي جيان هن ڀيري به  چيو ته وزيراعظم ڪرپشن لڪائڻ لاءِ سمورا ادارا تباهه ڪري رهيو آهي، ايتري قدر جو تحريڪ انصاف سربراهه اليڪشن ڪميشن تي به الزام لڳايو ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن نون ليگ ڪميشن بڻجي چڪي آهي، 7 سيپٽمبر تي وزيراعظم خلاف ريفرنس بابت چيف اليڪشن ڪمشنر جو امتحان هوندو. اعليٰ عدليه کي نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ جا اختيار حاصل آهن. عمران خان اهو به چيو ته پاناماليڪس تي دنيا جاچ ڪري چڪي، پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اڃا تائين شروع ئي ناهي ٿي سگهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، 7سيپٽمبر تي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جو امتحان آهي، هاڻ ڏسڻو  اهو آهي ته ڇا واقعي تحريڪ انصاف وزيراعظم جو احتساب ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي يا اڃا به  ايندڙ چونڊن تائين ان معاملي کي ڍڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته جنهن ريت احتجاجن بعد ڳالهيون شروع ٿين ٿيون ۽ ٻيهر ختم ٿي وڃن ٿيون، تن مان لڳي رهيو آهي ته اهو معاملو اڃا  وڌيڪ عرصو هلي سگهي ٿو.جهانگيرن ترين به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته  عوام جي طاقت سان حڪمرانن تي دٻاءُ وجهندا، پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪرڻ کانسواءِ هنن وٽ ٻيو ڪو  به جواز نه آهي، ٽي او آرز تي متفق جماعتن کي احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي،
جهانگير ترين  اهو به چيو ته ڪو به ٺاهه ناهي ڪيو، اپوزيشن سان گڏ هلي رهيا آهن. قومي جهنڊو کڻي ڪراچي ۾ جلسو به ڪندا. تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ جماعت اسلامي جي امير به پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هنن جو جهيڙو ڪرپشن سان آهي ۽ هو مايوس ناهن، ٿيا، ٻيهر سپريم ڪورٽ ويندا. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق تحريڪ انصاف جي پاڪستان مارچ  ۾ شرڪت ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن عدالت کان ڪجهه نه ٿيو ته پوءِ هو عوام جي عدالت ۾ ويند. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي به پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جماعت اسلامي جو  ڪرپشن خلاف هميشه چٽو موقف رهيو آهي، پاناماليڪس تي جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جو هڪ ئي موقف آهي، شاهه محمود اهو به چيو ته پاناماليڪس جي جاچ لاءِ هنن جا گڏيل ٽي او آرز آهن، پيپلزپارٽي به کين اڄ مثبت جواب ڏنو آهي، سراج الحق سان ڪراچي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جماعت اسلامي ۽ پيپلزپارٽي  تحريڪ انصاف جي احتجاجي ڌرڻن جي حمايت ڪري رهي آهي جنهن مان لڳي رهيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاجي ڌرڻن جو ميلو مچي رهيو آهي ۽ ان ۾ پيپلزپارٽي جي به شرڪت  پي ٽي آءِ جي هڪ اهم اڳڀرائي آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ پيپلزپارٽي ڪڏهن به نواز سرڪار خلاف احتجاج ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو آهي پر هاڻ  سرعام پاناماليڪس معاملي تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا پيپلزپارٽي پي ٽي آءِ وانگر عدالت جو در وڄائندي يا وري صرف بيانن تائين محدود رهندي يا وري هڪ ٻه اڳواڻ موڪلي تحريڪ انصاف جي احتجاجن جي حمايت بيان ڏيندي،ڇاڪاڻ ته گذريل ڪجهه عرصي کان پپيلزپارٽي صرف بيانبازي کان ئي ڪم وٺي رهي آهي، باقي رهي ڳالهه ٽي او آرز جي ته ان تي به تحريڪ انصاف ۽ ٻيون جماعتون هن وقت تائين متفق نه ٿي سگهيون آهين، جيتوڻيڪ اهو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته  تحريڪ انصاف هاڻ ڪيترن  ئي حڪومت مخالفن کي سيپٽمبر جي احتجاج جون دعوتون ڏئي چڪي آهي پر هاڻ اهي جماعتون پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ باظابطه طور شرڪت ڪنديون يا نه، اهو هاڻ وقت ئي ٻڌائندو؟ باقي رهي ڳالهه پاناڪاليڪس جي ته ان تي احتجاج جو سلسلو شايد ايندڙ چونڊن  تائين جاري رهي سگهي ٿو.


No comments:

Post a Comment