Pages

Wednesday 24 August 2016

سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش ۽ نام نهاد اردو ميڊيا

صاحب خان ڀٽي
گذيل ڪيتري عرصي کان  سنڌ خلاف سازش ٿي رهيون آهن، جنهن ۾وفاقي سرڪار جا ڪجهه ڪامورا به ملوث رهيا آهن، ڪڏهن سنڌ جي حصي جو پاڻي کسيو ويو ته ڪڏهن وري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ سنڌ جي وزيرن تي دٻاءُ وڌو ويو پر ان باوجود سنڌي قوم ثابت قدم رهي آهي، اهڙي طرح اردو ميڊيا به سنڌ جي اهم مسئلن کي نظرانداز ڪندي رهي آهي، جيڪڏهن ڪنهن سنڌ جي حقن خاطر احتجاج به ڪيو ته ان کي به هن نام نهاد اردو ميڊيا غلط رخ سان ڏيکاريو آهي ۽ اهو تاثر ظاهر ڪيو آهي ته اهي جيڪي ماڻهو سنڌ جي حقن خاطر روڊن تي نڪتا آهن اهي دهشتگرد آهن، اهو ڪو ڏينهن نه بچيو هوندو، جنهن ڏينهن سنڌ خلاف اردو ميڊيا نه ڳالهايو هجي، ڪڏهن سنڌ جي ورهاڱي جا پروگرام نشر ڪيا ويا ته ڪڏهن وري سنڌ خلاف واويلا ڪندڙن جون تقريرون ڏيکاريون ويون، جنهن ته صوبائي توڙي وفاقي سرڪار به خاموش رهي، ڪڏهن نام نهاد اردو ميڊيا سنڌ جي روهاڱي جي لاءِ روڊ شو ڪرايا ته ڪڏهن وري مختلف مداري اينڪر ويهاري آئين جو حوالو ڏئي سنڌ کي ورهائڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ چاڪنگ کي  اهڙي نموني ڏيکاريو جئين سنڌ دشمن پنهنجي ناپاڪ  مقصدن ۾ ڪامياب ٿي ويا هجن. افسوس ان ڳالهه جو  ٿيندو آهي ته جڏهن به سنڌ جي دشمنن سنڌ خلاف واويلا ڪئي آهي ته ان کي هن نام نهاد اردو ميڊيا تمام گهڻو ان اشو کي ڏيکاريو آهي ۽ ان جي طرفداري به ڪئي آهي پر ان اردو ميڊيا سنڌ  ۾ ٿيل ظلم تي اک ٻوٽي ڇڏي آهي ۽ اها ئي نام نهاد ميڊيا سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ تي خاموشي اختيار ڪيو ويٺي آهي ، ايتري قدر جو هن اردو ميڊيا  کي ايترو به رحم نه آيو آهي ته اهي سنڌين جي آواز کي ايوانن تائين پهچائن. جيتوڻيڪ اردو ميڊيا جون هيڊ آفيسون ڪراچي ۾ موجود آهن پر ان باوجود  اردو ميڊيا کي الائي ته سنڌ سان ڪهڙي نفرت آهي جو سنڌ ۾ رهي سنڌين خلاف سازشون ڪري رهي آهي، شايد ان ۾ اسان جي وزيرن، مشيرن ۽ صلاحڪارن جي به ڪوتاهي آهي جو اهي انهن کي مٿي تي چاڙهيو ويٺا آهن، جيڪڏهن وفاقي سرڪار نفرتون پکيڙيندڙ اردو چينلن خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري ته  پوءِ  سنڌ حڪومت وٽ به ايترو اختيار موجود آهي جو اهي انهن  اردو چينلن جو وات بند ڪري سگهن ٿا پر الائي ڪهڙي مصلحتن سبب سنڌ حڪومت خاموشي اختياري ڪريو ويٺي آهي. جيڪڏهن هن وقت به سنڌ حڪومت سنڌ جي ورهاڱي  جي ڳالهه ڪندڙ اردو چينلن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ته پوءِ شايد سنڌ ۾ وڌيڪ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيو ۽ وڌيڪ نفرتون  به پيدا ٿي سگهن ٿيون ۽ ان سموري صورتحال جي ذميوار سنڌ حڪومت سان گڏ وفاقي سرڪار به هوندي، ڇاڪاڻ ته اردو ميڊيا وفاقي حڪومت جي  ٽيڪ تي ئي هلي رهي آهي.
هڪ طرف اردو ميڊيا  سنڌ ۽ ڪراچي جو لفظ استعمال ڪري رهي آهي ته ٻي طر وري سنڌ صوبي جا وزير، مشير ۽ صلاحڪار به  ان اردو ميڊيا جي هيٺائين ڪندي نظر اچي رهيا آهن، جيتوڻيڪ ڪجهه ڏينهن اڳ  هڪ وزير اهو بيان ڏنو هو ته سنڌ هڪ آهي، ڪراچي ۽ سنڌ جو  لفظ استعمال نه ڪيو وڃي پر ان باوجود  اردو ميڊيا ان هدايت  تي عمل نه ڪيو آهي، جنهن سبب اڄ به اردو ميڊيا چينلن تي اهي ئي ٽڪر ۽ بمپر هلي رهيا آهن ته ڪراچي اور سنڌ ۾ .... جيڪڏهن  اردو ميڊيا اهڙو رويو  نه ٿي بند ڪري به پوءِ سنڌين کي اردو ميڊيا جو بائيڪاٽ ڪرڻو پوندو نه ته اردو ميڊيا سنڌ خلاف سازشون ڪندڙن جو ساٿ ڏيندي رهي.  ٻه ٽي ڏينهن اڳ جڏهن متحده سربراهه  خطاب ڪندي پاڪستان مرده باد جا نعرا هنيا ۽ پاڪستان  جي سيڪيورٽي ادارن خلاف ڳالهايو ان وقت به اردو ميڊيا سنڌ جي وحدانيت  خلاف ڳالهائي رهي آهي، جڏهن متحده سربراهه جي حڪم  تي  ڪجهه ميڊيا هائوسز تي حملو ڪيو ويو ته ان وقت وڏيون رڙيون ڪيون ويون ۽ ڪرڻ به گهرجن ها ، ڇاڪاڻ ته  اهو حملو  آزاد صحافت تي هو ۽ مان به ميڊيا هائوس تي حملي جي مذمت ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته اهڙي عمل سان شر پسند عوام جي آواز کي دٻائي نه ٿا سگهن، باقي رهي ڳالهه اردو چينلن پاران نفرتون پکيڙڻ جون ته ان ۾ڪو به شڪ نه آهي ته اردو ميڊيا سنڌ خلاف نفرت وارو رويو برقرار رکيو ويٺي آهي.  جڏهن  ڪراچي ۾ ميڊيا هائوس تي حملو ٿيو ته سڄي سنڌ ۾ ان جي مذمت ڪئي وئي ۽ مختلف شهرن ۾ احتجاج به ڪيا ويا پر چوندا آهن ته  پڇ ڪڏهن سڌو ناهي ٿيندو ، اهڙي صورتحال اردو ميڊيا جي آهي به آهي، جن ماڻهن حملو ڪيو انهن جي حق ۾ خبرون هلائي رهيا آهن ۽ اردو ميديا اهو سمورو نزلو سنڌ تي ئي ڪرايو ۽  اهي پروگرام ڏيکاريا ويا جنهن ۾ سنڌ  جي ورهاڱي جو ذڪر ڪيو ويو، جڏهن متحده سربراهه پاڪستان مرده جا نعرا هڻيا جنهن جون ويڊيوز تي موجود هيون ان وقت هر هڪ شخص اهو ئي سمجهي رهيو هو ته متحده تي پابندي لڳي ويندي پر ائين نه ٿيو،بهر حال جڏهن ميڊيا هائوس تي حملو ڪيو ويو ته هڪدم ڪراچي جون اهم مارڪيٽون بند ٿي و يون هيون ۽  روڊن تي  ٽريفڪ به غائب ٿي وئي هئي، روڊ ويران نظر اچي رهيا هئا ۽ اردو چيلن ۽ سنڌي چينلن تي صرف اهي خبرون هيون آزاد صحافت تي حملو ڪيو ويو آهي. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڪراچي ۾ پراڻيون حالتون واپس اچي ويون آهن پر بعد ۾ حالتون معمول موجب اچي ويون ۽ ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو. جتيوڻيڪ وزيراعظم نوازشريف به بيان جاري ڪيو هو ته هو پاڪستان خلاف ڳالهائيندڙن کي بخش نه ڪندا ۽ هو هڪ هڪ لفظ جو حساب وٺندا، وزيراعظم نوازشريف پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو هو ته هو پنهنجي وطن جي حرمت جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻين ٿا، پر سوڄڻ جي ڳالهه آهي ته حساب ورتو ويو يا نه اها ته هاڻ وزيراعظم کي ئي خبر ئي هوندي،  پر اهو ڏينهن نه وسريو آهي، جڏهن متحده سربراهه سنڌ جي ورهاڱي جا بيان ڏيندا هو ۽ سنڌين کي ڪراچي مان نڪري وڃڻ جي ڌمڪي ڏيندو هو ته ان وقت وفاقي سرڪار توڙي صوبائي سرڪار خاموش هوندي ۽ اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به خاموش رهندا هئا.
هاڻ جڏهن متحده سربراهه  پاڪستان خلاف ڳالهايو آهي ته ان وقت وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي آهي ۽ قانون حرڪت ۾ اچي ويو آهي، ڪراچي پريس ڪلب صورتحال بعد  صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيي به ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته هي والاريل ڪشمير ناهي جتي مردا باد جا نعرا لڳايا وڃن. مولابخش  اهو به چيو هو ته هو ڪنهن کي به پاڪستان مخالف نعرا هڻڻ جي اجازت نه ڏيندا. اڄ افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ان وقت حرڪت ۾ اچن ها جڏهن متحده سربراهه سنڌ  خلاف  ڳالهائي رهيو هو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ وفاقي سرڪار ايترو به نه سوچيو ته هي اها ئي سنڌ آهي جنهن پاڪستان کي ٺاهڻ جي سڀ کان پهرين قراداد پاس ڪئي هئي، پر افسوس جو  ان وقت  وفاقي سرڪار توڙي صوبائي سرڪار طرفان اردو ميڊيا کي ايتري ته ڇوٽ ڏني وئي جو  سنڌ خلاف ڳالهائيندڙ کي چار چار ڪلاڪ تائين لائيو ڪوريج ڏني وئي ۽ اهو شخص سنڌ خلاف  چار چار ڪلاڪ ڳالهائيندو رهيو  پر  ان شخص خلاف تر جيتري به ڪارروائي نه ڪئي و ئي هئي  پر جڏهن ان شخص  قانون لاڳو  ڪندڙ ادارن ۽  پاڪستان خلاف ڳالهايو ته لاهور هاءِ ڪورٽ متحده سربراهه جي تقريرن تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي جنهن تي اڄ به عمل ٿي رهيو آهي، پر افسوس ان ڳالهه جو ٿيو ته  ان وقت وفاقي سرڪار ڪارروائي نه ڪئي جنهن وقت سنڌ خلاف سازشون ٿي رهيون هيون ۽ اڄ به جاري آهن. هن وقت به  اردو چينل تي ڪجهه مداري تجزيه نگار اهو چئي رهيا آهن ته  سنڌ کي ٽوڙي  ٻيو صوبو ٺاهيو وڃي پر انهن جا وات بند ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت تيار ئي نه آهي  ۽ نه ئي هن وقت تائين  ڪو اسيمبلي مان ڪو بل پاس ڪرايو ويو آهي ته جنهن تحت اردو چينل کي پابند بڻايو وڃي ته اهي سنڌ خلاف پروگرام نشر نه ڪن ته جئين ڪنهن به مداري اينڪر کي ايتري جيتري جرئت نه ٿئي ته اهو سنڌ جي ورهاڱي بابت  ڳالهائي. هاڻ به وقت آهي، جيڪڏهن هن وقت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪو به قدم نه کنيو ته اهي  نام نهاد اردو چينل سنڌ خلاف واويلا بند نه ڪندا، سوچڻ ڳالهه  آهي ته متحده سربراهه پاڪستان خلاف نعرا هڻايا ۽ ميڊيا هائوس تي حملو ڪيو ويو پر  انهن ميڊيا هائوسز  سمورو غصو سنڌ تي لاٿو ۽ اهڙا پروگرام نشر ڪيا جنهن ۾ سنڌ جي ورهاڱي بابت ڳالهايو ڪجهه مداري اينڪرن ته اهو به چيو ته جيڪڏهن مهاجرن کي صوبو ڏنو وڃي ته سموري صورتحال ضابطي هيٺ اچي ويندي. حملو هڪڙا ڪن ۽ نفرت وري سنڌ  سان ڪئي وئي. جيتوڻيڪ  متحده اڳواڻ فاروق ستار لنڊن سان لاتعلقي جو اظهار ڪري چڪو آهي پر سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته ڇا  ٻيهر ايم ڪيو ايم سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه نه ڪندي ؟  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته متحده  ڀلي کڻي لنڊن سان تعلقي جو اظهار ڪري پر ان جو مشن ساڳيو  ئي رهندو، هاڻ ته پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال به بيان ڏنو آهي ته سنڌ حڪومت مهاجرن کي اڪيلو نه سمجهي، مطلب ته هاڻ مصطفيٰ ڪمال به مهاجر جو لفظ استعمال ڪري رهيو آهي جنهن مان لڳي ٿو ته اهو به مهاجر سياست ڪري سنڌ ساڳيون ئي حالتون پيدا ڪرڻ چاهي ٿو  ۽ سندس مختلف بيانن مان اهو ظاهر به ٿي رهيو آهي،  جيڪڏهن هن وقت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ خلاف واويلا ڪندڙ اردو چينلن  کي پٽو نه وڌو  ته  نفرتون پکڙجي وينديون ۽ سنڌ جا دشمن ۽ پاڪستان جا دشمن به اهو ئي چاهين ٿا، جيڪڏهن  اڄ  اها نام نهاد ميڊيا سنڌ خلاف  واويلا ڪري رهي آهي ته مستقبل ۾پاڪستان خلاف به واويلا ڪرڻ ۾ دير نه لڳائيندي جيئين متحده سربراهه  اڳ سنڌ جي ورهاڱي خلاف بيان ڏيندو هو ۽ هاڻ پاڪستان خلاف ڏئي رهيو آهي. ان لاءِ  وفاقي سرڪار توڙي صوبائي سرڪار کي ٿورو سوچڻ گهرجي ۽ اردو ميڊيا کي سنڌ خلاف ڳالهائيندڙن جي وات کي ٻنجو ڏيڻ گهرجي ته جيئين مستقبل ۾ پاڪستان خلاف ڳالهائڻ جي جرئت نه ڪن.



No comments:

Post a Comment