Pages

Sunday 21 August 2016

غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل ۽ جرڳا سسٽم



صاحب خان ڀٽي
جيتوڻيڪ اڄ سنڌ ڳنڀير ۽ خطرناڪ صورت حال مان گذري رهي آهي پر انهن مسئلن مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪو به هڪ وک وڌائڻ لاءِ به تيار نظر نه اچي رهيو آهي. ڪٿي مذهبي انتهاپسندي سبب ماڻهو مارجي رهيا آهن ته ڪٿي وري سردار ۽ وڏيرا پنهنجيون ڪوڙيون فتوائون ڏئي ماڻهن کي موت جي گهاٽ چاڙهي رهيا آهن، ته ڪٿي وري جرڳائي جهالت سبب معصوم نياڻين کي قتل ڪيو پيو وڃي.اها صورت حال صرف هڪ ڏينهن ۾ پيدا نه ٿي آهي، ان جا به ڪيترائي سبب آهن، هڪ ته ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم ته ٻيو وري قبائلي جهيڙا  آهن، جنهن ۾ اڄ به سنڌي قوم ۾ ڦاٿل آهي. اهڙي صورتحال جا ذميوار به اسان سڀ ئي آهيون. جيڪڏهن اسان هڪڙو گروهه يا طبقي کي اهميت نه ڏيون ها ۽ انهن جي غلط فيصلن کي تسليم نه ڪيون ها ته اڄ سنڌ ۾ اهڙيون حالتون نه هجن ها ۽ نه ڪا عورت غيرت جي نالي تي قتل ٿي ها ۽ نه ئي ڪو جرڳن ذريعي ماريو وڃي ها. جيڪڏهن اسان قاتل کي قاتل سمجهون ها ۽ قانون جي هٿان ان کي سزا ڏياري وڃي ها ته پوءِ اهڙيون حالتون شايد ڪڏهن به جنم نه وٺي سگهن ها، پر افسوس جو اسان پنهنجي مان مرتبي ۽ شان شوڪت جي ڪري ۽ ابن ڏاڏن کان هلندڙ ڪڌي رسمن کي هٿي ڏياري رهيا آهيون. وڏيرن سردارن جي جهالت واري رويي کي به قبول ڪندا پيا اچون. هونءَ ته  سنڌ جون مصيبتون گهڻ طرفيون آهن، جنهن جا مسئلا به بيشمار آهن، جنهن جي ڳڻپ شايد ڪو به نه ڪري سگهي. وڏيرن جو ظلم ۽ سردارن جون ڪڌيون رسمون به اڄ به قائم ۽ دائم آهن، جيڪڏهن تبديلي آئي  آهي ته صرف انهن جي چهرن جي اڳ اڻ پڙهيل جاهيل وڏيرا ۽ سردار هوندا هئا ۽ اڄ پڙهيل لکيل جاهيل ۽ سردار آهن، جيڪي اڄ به پراڻيون دون جون ريتون رسمون قائم رکيو پيا اچن. ڪجهه عرصو اڳ شڪارپور لڳ ڊکڻ ٿاڻي جي حد ۾ جرڳي جي فيصلي تحت11 سالن ۽ 9 سالن جي ٻن نينگرين کي ٻن وڏيءَ عمر جي پوڙهن سان ڪارو ڪاريءَ جي الزام ۾ چٽيءَ طور پرڻايو ويو هو، اخبارن ۾ ان ٻنهي نينگرن جون خبرون نشر ٿيون هيون جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ نوجوان جي حياتي بچائڻ لاءِ جرڳي فيصلي ۾ ڇوڪري جي خاندان مان ٻن کي عيوضي ۾ ٻن وڏيءَ عمر جي مردن جي نڪاح ۾ ڏنو ويو هو. پر ان جرڳي بابت جڏهن ميڊيا تي خبرون نشر ٿيون ته ان وقت به ڪنهن ڪاموري يا  عملدار  ڪو خاص نوٽيس وٺڻ جي زحمت نه ڪئي هئي.  هي ڪو پهريون جرڳو نه هو ٻيا به ڪيترائي جرڳا سنڌ اندر  ٿيا آهن ۽ لڳو پيو ته اڃا به ٿيندا. ڇاڪاڻ ته هن معاشري ۾ اهڙن غلط جرڳن کي روڪڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي. جنهن سبب اڄ به جرڳائي نظام ذريعي انسان دشمن فيصلا ڪيا پيا وڃن. پري نٿا وڃون تازو ئي کپرو ۾ هڪ بااثر وڏي جرڳي ذريعي ٻن پورهيت ڀائرن کي وات ۾ جوتو وجهي تذليل جو نشانو بڻايو پر ڀاڳ انهن جا ڀلا هئا ته انهن بااثرن ويڊيو ٺاهي هئي ۽ اهو ئي ان وڏيري کي سزا جو ڪارڻ بڻيو نه ته شايد ان وڏيري کي به هڪ ڏينهن جي جيل نصيب نه ٿئي ها. هي فيصلو به انهن منجهان ئي هڪ آهي.
 هونءَ ته سنڌ ڪيترن ئي مسئلن جي ورچڙهيل آهي پر اتي مذهبي انتهاپسندي، قبائلي جهيڙا  ۽ غيرت جي نالي تي عورتن ۽ مردن کي قتل ڪرڻ جا واقعا به معمول بڻيل آهي، جنهن سبب سنڌ انسانيت جوڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي ٿو. اهو ڪو ڏينهن نه بچو هوندو جنهن ڏينهن سنڌ اندر قبائلي جهڙن سبب ڪو ماڻهو نه ماريو ويو هجي، سکر، شڪارپور، دادو، بدين، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن مان اهي روز خبرون رپورٽ ٿينديون آهن ته قبائلي جهيڙن سبب ماڻهو مارجي رهيا آهن پر حڪومت انهن جي روڪٿام لاءِ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ اهڙن واقعن ۾ ڪا به گهٽتائي نه اچي سگهي آهي. ڪجهه عرصو اڳ سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ جاڳرتا مهم به شروع ڪئي وئي پر ان جو به ڪو فائدو نه پهچي سگهيو آهي، جنهن جا به ڪيترائي سبب آهي، هڪ ته تعليم جي گهٽتائي آهي ۽ ٻيو وري وڏيرا شاهي ۽ سرداري نظام آهي، جيڪي پنهنجي ڪڌي رسمن کي زنده رکڻ لاءِ انسانيت جو ڪنڌ جهڪائيندڙ فتوائون جاري ڪندا آهن، جيتوڻيڪ اڄ انسان چنڊ تي پهچي چڪو آهي پر اڄ به صوفين جي هن ڌرتي تي وڏيرا شاهي ۽ سرداري نظام جو اثر رسوخ آهي، جنهن سبب انهن جي فتوائن کي لبيڪ ڪرڻ لاءِ هر هڪ راضي ٿيو وڃي، جنهن کي جيڪڏهن روڪڻ چاهي ته به روڪي ناهي سگهندو، جيڪي ڪڌي رسمن خلاف ڪو آواز به اٿاري ته ان کي قتل ڪيوويندو آهي. جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه سنڌ ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ واقعا وڏي پئماني تي پيش اچي رهيا آهن پر ڪو به ماڻهو انهن جي روڪٿام لاءِ عملي طور قدم نه کڻي رهيو آهي، صرف وڏا وڏا سيمينار ڪوٺائي اهڙن واقعن جي مذمت ڪندا آهن ۽ اهڙا واقعا معاشري جي تباهي قرار ڏنا ويندا آهن، غيرت جي نالي تي قتل وارا واقعا ان ڪري به تمام گهڻو ٿي رهيا آهن جو انهن جوابدارن کي ڪا خاص سزا نه ملي سگهندي آهي، جيڪڏهن ڪو ڀاءُ ڀيڻ کي قتل ڪندو آهي ته ان کي قانون سزا ڏيڻ ۾ ان وقت بيوس بڻجي ويندو آهي ته ڪو به ان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي ۽ اهي جوابدار انصاف جي ڪٽهڙي ۾ اچڻ کان بچي ويندا آهن. جيڪڏهن ڪو جوابدار قانون جي چنبي ۾ اچي به ويندو آهي ته ان کي اسان جا وڏيرا ۽ سردار بچائڻ لاءِ ميدان ۾ لهي ايندا آهن، ڪجهه غيرت جي نالي تي قتل ته جرڳن جي ور چڙهي ويندا آهن ۽ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي تي ڏنڊ وجهي کير کنڊ ٿي وينديون آهن يا هڪ ٻئي قبيلي جا پنج ڇهه ماڻهو ماري فخر محسوس ڪندا آهن، ته ڪڏهن وري سردار ۽ وڏيرا ڏنڊ يا چٽيءَ ۾ معصوم نياڻين کي وڏي عمر وارن سان پرڻائڻ جي فتويٰ جاري ڪندا آهن، جتي اسان جو سڄو سماج خاموش رهندو آهي
 اهڙي ڪڌي عمل خلاف ڪو به آواز نه اٿاريندو آهي. اهو فيصلو وڏيرا يا سرداري اڪيلي ۾ ويهي نه ڪندو آهي پر ڪيترائي ماڻهو ان جرڳي ۾ موجود هوندا آهن، جن جي وات مان هڪ لفظ به نڪرندو آهي. جتي  هڪ سوال پيدا ٿيندو آهي ته ڇا اسان اڄ 21 هين صدي ۾ آهيون يا وري اڄ به عربن جي ان دور ۾ آهيون جنهن دور ۾ نياڻين کي جيئري پوريون ويندو هو. جاهل اڳ به هئا ۽ هاڻ به آهن ۽ ڪڌيون رسمون جيڪي ماضي ۾ هيون اهي اڄ به آهن انهن کي قائم دائم رکڻ وارو ڪو ٻيو نه اسان جو سماج  ئي آهي، جيڪڏهن اڄ جي هن دور ۾ جرڳن تي پابندي لڳائي وڃي ها ته شايد ئي سنڌ اندر  جرڳن ذريعي ماڻهن کي مارڻ جي فتويٰ جاري ڪرڻ جي جرئت نه ٿي ها پر افسوس جو سماج جي بي حسي سبب روز ڪٿي نه ڪٿي حوا ڄائي کي قتل ڪيو پيو وڃي. هڪ ٻه سال اڳ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي  موقعي تي رات جو هڪ حوا ڄائي کي ڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيو  ويو هو . ڪارو ڪاري جهڙي گندي رسم صرف سنڌ ۾ نه پر پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختوان ۾ به آهي، صرف فرق ايترو آهي ته سنڌ اندر جيڪي جرڳا  يا ڪارو ڪاري واقعا پيش ٿين ٿا اهي رپورٽ ٿين ٿا ۽ اهي اخبارن جي زينت بڻجن ٿا ۽ عوام آڏو اچي وڃن ته باقي رهي ڳالهه خيبرپختونخواهه جي، ته اتي عورتن کي جئيرو زمين ۾ پوريو وڃي يا ساڙيو وڃي،  ڪنهن کي به ڪا خبر ئي نه پوندي  آهي، ڪجهه عرصو اڳ به ڪي پي ۾ بس اندر عورت کي زنده ساڙيو ويو هو ، جنهن بابت به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ان کي غيرت  جي نالي تي قتل ڪيو ويو. هڪ ٻه مهينا اڳ غيرت جي نالي تي قتل جو  واقعو ملتان ۾ به پيش آيو هو، جتي ناليواري ماڊل قنديل بلوچ کي سندس ڀاءُ غيرت جي نالي تي قتل ڪيو هو. جنهن جو ڪيس به داخل ڪيو ويو هو، جڏهن پنجاب پوليس قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جا قلم به شامل ڪري ورتا ڪيا هئا. جنهن تحت مدعي جوابدارن سان ڊيل نه ٿو ڪري سگھي. رينجنل پوليس آفيسر ملتان سلطان اعظم موجب قنديل بلوچ جي قتل ڪيس ۾ فوجداري ضابطن جا قلم 311 سي کي شامل ڪيو ويو. جيڪو غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ بابت آهي. جيتوڻيڪ ان کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي پر شايد ئي ان کي سزا ملي سگهندي يا نه اهو ته وقت ئي ٻڌائندو.. هونءَ ته ڪارو ڪاري اسان جي سماج ۾ ڪڌي رسم ۽ خراب رواج آهي، پر اهڙي ڪڌي رسم سبب هن وقت تائين ڪيترائي نوجوان پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا آهن. جنهن جي خاتمي لاءِ هر هڪ ساڃاهه وند کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي پر افسوس جو اهڙي ڪڌي رسم جي خاتمي بابت نالي ماتر جدوجهد ڪئي پئي وڃي. جنهن سبب روز سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ غيرت جي نالي تي بي گناهه  عورتون توڙي مرد قتل ٿي رهيا آهن. جنهن تي سماج جي خاموشي به هڪ سواليه نشان بڻيل آهي.
 جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري به غيرت جي نالي ڪندڙ واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي ۽ نواز حڪومت کي غيرت جي نالي تي قتل خلاف قانون سازي واري بل جي منظوري بابت چيو هو پر انهن واقعن ۾ گهٽتائي بدران واڌ اچي رهي آهي. تازو ئي هنڱورجا ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان ڪامران لاڙڪ ۽ ان جي زال سباس طاهره کي زبردستي زهر پياريو ويو ۽ هڪ ڪلاڪ تائين ٻئي تڙپندا رهيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي نوجوان  ڪامران لاڙڪ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.جنهن کي هزارين هزارين آلين اکين سان هنڱورجا جي تاريخي بخاري قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هي ڪو پهريون واقعو نه آهي  پر اڳ به ڪيترائي اهڙا کوڙ سارا واقعا پيش اچي چڪا آهن، ڪجهه عرصو اڳ دادو ضلعي جي شهر رحماني نگر ۾ به عورت ۽ مرد کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ بعد انهن جا لاش ريل جي پٽڙي تي اڇلايا ويا هئا. شڪارپور ۽ گهوٽڪي ۾ به غيرت جي نالي تي قتل جون خبرون اينديون رهيون آهن، جيتوڻيڪ جرڳا ڪرائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي پر افسوس جو اڄ به هتان جا سردار ۽ وڏيرا قانون کان طاقتور نظر اچي رهيا آهن جيڪي جرڳا ڪرائي قانون کي پيرن هيٺان لتاڙي رهيا آهن، ڪجهه عرصو اڳ  ميڊيا تي خبرو نشر ٿيون هيون ته هڪ ڪاموري جي سرپئنچي هيٺ جرڳو ٿيون ۽ ڌرين تي ڏنڊ به وڌو ويو هو اهي خبرون هر  هڪ چينل تي به نشر ٿيون هيون  پر حڪومت ان ڪاموري خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي هئي. هاڻ  به جيڪڏهن ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم ۽ جرڳا سسٽم کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيو ويو ته مستقبل ۾ به عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل جو سلسلو جاري رهندو، جيڪڏهن اهڙن واقعن کي روڪڻو آهي ته انهن  جوابدارن کي اهڙي سخت سزا ڏني وڃي  ته جئين ڪو ٻيو اهڙو  غير ت جي نالي تي قتل ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي ۽ جرڳا ڪندڙن کي سزا  ڏني وڃي ته جئين اهي به جرڳو ڪرڻ جي همٿ نه ڪري سگهن، جيڪڏهن جرڳن ذريعي سڀ فيصلا ڪرڻا آهن ته پوءِ عدالتون ڇا لاءِ ٺاهيون ويون آهن، جنهن لاءِ عدالت سڳورين کي جرڳا ڪندڙن خلاف سخت ڪرائي جو حڪم ڏيڻ گهرجي ته جيئن سنڌ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم، جرڳا سسٽم ۽ مذهبي انتهاپسندي کان جند آجي ڪري سگهي.

No comments:

Post a Comment