Pages

Saturday 27 August 2016

آمريڪا، روس ويجهڙائپ ۽ ترڪي جو مستقبل

صاحب خان ڀٽي
ترڪي ۾ ناڪام بغاوت کانپوءِ آمريڪا ۽ ترڪي وچ ۾ ويڇا وڌي رهيا آهن ته ٻي طرف وري آمريڪا روس سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي. جئين جئين ڏينهن گذري رهيا آهن تئين تئين ترڪي ۾به حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن، ائين لڳي رهيو آهي ته ترڪي به گهرو ويڙهه طرف وڌي رهيو آهي، جنهن جو ذميوار شايد ترڪي پاڻ ئي آهي. هونءَ ته ترڪي ۾ روز ڪٿي نه ڪٿي ڌماڪن سبب عام شهري توڙي سيڪيورٽي فورسز اهلڪار مارجي رهيا آهن، پر ترڪي طرفان هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي. هڪ طرف ڪرد ويڙهاڪ حملا ڪري ترڪ سيڪيورٽي فورسز  تي حملا ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري داعش جي حملن بابت خبرون به رپورٽ ٿي رهيون آهن، ڪڏهن ڪنهن تقريب ۾ ڌماڪا ٿين ٿا ته ڪڏهن وري سيڪيورٽي چيڪ پوسٽن تي  حملا ڪيا وڃن ٿا، ان سڄي صورتحال کي ڏسڻ باوجود ترڪي جو  صدر طيب اردگان وڏي فخر سان چئي رهيو آهي ته هنن  ناڪام بغاوت کي ڪچلي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ ملڪ اندر ترقي ٿيندي پر ترڪي ۾ ترقي نه پر تباهي ضرور ٿي رهي آهي. اڳ شام، يمن ۽ عراق جون حالتون خراب هونديون هيون ۽ انهن ملڪن ۾ عام شهري  اجل جو شڪار ٿي رهيا هئا پر هاڻ  ترڪي ۾ ماڻهو مارجي رهيا آهن، جنهن جا کوڙ سارا سبب آهن، جنهن  کان ترڪي به مڪمل طور واقف آهي پر ان باوجود ترڪي پنهنجي غلطي سڌارڻ لاءِ قدم نه کڻي رهيو آهي، هونءَ ته ترڪي آمريڪا جو اتحادي رهيو آهي ۽ هاڻ به اها ئي دعويٰ ڪئي پئي وڃي پر ٻنهي ملڪن جي روين مان بهتري نظر نه اچي رهي آهي ۽ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ترڪي داعش کي ڪچلڻ لاءِ آمريڪا سان مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي.
 گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ترڪي، شام ۾ ڪارروايون به ڪري رهيو آهي، جنهن سبب سندس ڇڪتاڻ روس سان به ٿي چڪي آهي  پر  اڄڪلهه ناڪام بغاوت کانپوءِ  ترڪي روس سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ  لاءِ اهم قدم به کنيا آهن ۽ ترڪ صدر طيب اردگان روس کان جهاز  تباهه ڪرڻ واري معاملي تي معافي ورتي ۽ ٿورا به مڃيا هئا ۽ طيب اردگان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته روس کين  بغاوت کان آگاهه ڪيو هو ۽ سندن حمايت ۽ مدد تي هو روس جو تمام گهڻو ٿورائتو آهي، جنهن بعد روس به ترڪي سان سمورا اختلاف ختم ڪري ڇڏيا هئا، جنهن تي آمريڪا کي هاڻ ڳڻتي ورايو آهي ۽ آمريڪا جا مختلف اڳواڻ اهي بيان ڏئي رهيا ته آمريڪي پرڏيهي پاليسي ناڪام ٿي آهي، جنهن کي هاڻ بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هونءَ ته آمريڪا ۽ ترڪي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، ان ڇڪتاڻ جو سڀ کان وڏو  سبب فتح گولن آهي، جنهن بابت آمريڪا به  فڪر مند نظر اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ترڪي آمريڪا کي اها ڌمڪي به ڏني آهي ته جيڪڏهن فتح گولن کي سندن حوالي نه ڪيو ويو ته پوءِ ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا خراب ٿي سگهن ٿا. جنهن بعد  آمريڪا جواب ڏنو هو ته فتح گولن جي حوالگي بابت فيصلو انصاف واري وزارت ڪندي تنهن بعد ترڪي کي فتح گولن حوالي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ ماضي ۾ ترڪي ۽ آمريڪا اها دعويٰ به ڪندا رهيا آهن ته ٻنهي ملڪن ۾ ڏوهارين جي مٽا سٽا معاهدو ٿيل آهي پر هاڻ جڏهن ترڪي آمريڪا کي فتح الله گولن جي حوالگي جي درخواست ڏني آهي ته ان تي آمريڪا ٽال مٽول ڪري رهيو آهي.
 جيڪڏهن ڏٺو وڃي جنهن ڏينهن کان ترڪي جا آمريڪا سان  فتح گولن  تان اختلاف ٿيا آهن تنهن ڏينهن کان  ترڪي جون حالتون خراب ٿي ويون آهن  ۽ ترڪي جون حالتون شام ۽ يمن جهڙيون ٿينديون پيون وڃن. ان سڄي صورتحال کي ڏسي اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ترڪي هاڻ گهرو ويڙهه طرف وڃي رهيو آهي. بهرحال هاڻ طيب اردگان گادي واري شهر انقره سميت ٻين علائقن ۾ امن امان جي صورتحال قائم ڪرڻ ڪامياب ٿي ويندو يا نه، اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائندو پر جنهن ڏينهن کان ترڪي روس سان ويجهڙائپ ڪئي آهي ته ان ڏينهن کان آمريڪا جون به ننڊون حرام ٿي ويون آهن، ڇاڪاڻ ته آمريڪا به يوڪرين ۽ شام ۾ روس جي ڪاررواين کان تنگ آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا روس سان ڪاوڙ جو اظهار به ڪري چڪو آهي  پر ترڪي سان بهتر ٿيندڙ لاڳاپن کي ڏسندي آمريڪا به ميدان ۾ لهي پيو آهي ، جڏهن کانپوءِ ٽرمپ ۽ ٻين اڳواڻن پاران آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي تي سوال اٿيا آهن تنهن ڏينهن کان آمريڪا پرڏيهي پاليسي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ  هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوششون  شروع ڪري ڇڏيون آهن ، روس، فرانس، سعودي عرب، بنگلاديش، ڀارت ۽ ٻين ملڪن جي دورن جو به سلسلو جاري آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري  جنيوا ۾ روسي هم منصب سرگئي لارئو ف  سان ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران شام ۾ جنگ بندي تي اتفاق ڪيو ويو  آهي، هڪ طرف آمريڪا ۽ ترڪي وچ ۾ ناڪام بغاوت کانپوءِ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ته ٻي طرف آمريڪا ترڪي کان پاسو ڪندي ٻين ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ لاءِ ڪوششن م رڌل آهي. ان حوالي سان آمريڪا طرفان اهي بيان به جاري ڪيا ويا آهن ته پنهنجي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا.
جيتوڻيڪ آمريڪا واضع طور اهو چئي چڪو آهي ته ترڪي جي ناڪام بغاوت سندن ڪو به ڪردار نه هو ۽ نه ان پٺيان انهن جو ڪو هٿ هو پر ان باوجود ترڪي آمريڪا کان ناراضگي جو اظهار ڪندو رهيو آهي.جيتوڻيڪ شام، يمن ۽ عراق جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جو ٺيڪو کنيل اتحادي فوج جون ڪارروايون ته جاري آهن پر ان باوجود انهن ٺيڪيدارن کي هن وقت ڪا خاص اڳڀرائي حاصل نه ٿي سگهي آهي، گذريل ڏينهن به يمن جي شهر صنعا ۾ عرب اتحادي فوج طرفان بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ 12 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، جنهن بابت ٻڌايو ويو آهي ته ان حملي ۾ معصوم ٻارڙن سان گڏ عورتون به شامل هيون، هي ڪو پهريون اهڙي بمباري نه ٿي آهي، شام ۾ آمريڪا ۽ اتحادي فوج جي جنگي جهازن جي ببماري ۾ ڪيترائي گهر اجڙي چڪا آهن ۽ هزارين معصوم ٻارڙا يتيم بڻجي چڪا آهن ۽ ان بابت گڏيل قومن طرفان رپورٽ به جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جي آمريڪا صرف مذمت ڪئي آهي، جيتوڻيڪ سڄي صورتحال کي ڏسندي گڏيل قومن طرفان رپورٽون ته جاري ڪيون وڃن ٿيون پر ان صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪو به قدم نه پيو کنيو وڃي.جهڙي ريت ترڪي ۾ حالتون بگڙجنديون پيون وڃن تهڙي ريت آمريڪا به پنهنجي پرڏيهي پاليسي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل نظر اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا جنهن ڏينهن کان روس ۽ ترڪي ۾ ويجهڙائپ ڏٺي آهي ۽ اهو محسوس ڪري رهيو آهي ته هاڻ ترڪي ۽ روس ۾ اختلاف ختم ٿي رهيا آهن، تنهن ڏينهن کان آمريڪا به روس جو پاسو ورايو آهي، ڪجهه عرصو اڳ جي ڳالهه آهي تهآمريڪا ۽ روس ۾ سفارتي چڪتاڻ وڌي وئي هئي ۽ آمريڪا ٻن روسي سفارتڪارن کي ملڪ نيڪالي ڏني هئي ۽ ان جي رد عمل ۾ روس به ٻن آمريڪي سفارتڪارن کي نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي ۽ آمريڪا طرفان بيان ڏنو ويو هو ته ماسڪو ۾ آمريڪي سفارتڪارن کي حراسان ڪرڻ جو الزام ٻن روسي سفارتڪارن کي نيڪالي ڏني وئي آهي ۽ چيو ويو هو 6 جون تي ماسڪو ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ويجهو آمريڪي سفارتڪار کي حراسان ڪيو ويو هو، جنهن جي سڃاڻپ ڪرائڻ باوجدو روسي اهلڪارن مٿس حملو ڪيو هو. تنهن بعد روس آمريڪي الزام رد ڪندي چيو هو ته آمريڪي سفارتڪار جي سيڪيورٽي لاءِ اهڙو قدم کنيو، سڃاڻپ بعد ڪو به تشدد نه ڪيو
جيوتڻيڪ آمريڪا الزامن کي رد ڪري ڇڏيو هو پر ان باوجود روسي عملدار چيو هو ته آمريڪي سفارتڪار سي آءِ اي لاءِ ڪم ڪندو هو. انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل طرفان به بيان جاري ڪيو ويو هو ته پناهگيرن جي ملڪ بدري جي حوالي سان يورپي يونين ۽ ترقي وچ ۾ ڄاڻايل معاهدي جي الخاقي ۽ قانوني طور تي غلط قرار ڏنو ويو آهي. يونيسيف چيو هو ته شام جي جنگ ۾ 80 سيڪڙو بار ذهني ۽ جسماني طور متاثر ٿيا، روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو هو ته روس وٽ ترڪي جي فوج جا شام ۾ موجودگي جا ثبوت موجود آهن. پرڏيهي وزير جان ڪيري روس ۽ ايران تي زور ڏنو آهي ته هو شامي حڪومت تي دٻاءُ وجهن ته هو ملڪ ۾ جنگ بندي تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي.جيتوڻيڪ هن وقت ترڪي ۽ روس ۾ لاڳاپا بهتر هئا ۽ ترڪي به ٻين ملڪن سان  تعلق بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي اتي آمريڪا به هڪ قدم پوئتي نه رهيو آهي ۽   آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري جو هاڻوڪو دورو به ان جي هڪ ڪڙي آهي، آمريڪا به انهن ملڪن واسطا وڌيڪ بڻائي رهيو آهي جن ملڪن سان ترڪي وڌائي پيو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اها ڪهڙا مقصد آهن جو آمريڪا  کي روس جهڙي ملڪ سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت پئي آهي، ڇا فتح گولن کي ترڪي جي  حوالي نه ڪرڻ ان دورن جو حصو آهي يا وري ترڪي کي آمريڪا اهو ڏيکارڻ چاهي ٿو ته سندس مرضي کانسواءِ  هن خطي ۾ ڪو پتو به هيڏي هوڏي نه ٿو ٿي سگهي.
sahibalisindhi@gmail.com           


No comments:

Post a Comment