Pages

Saturday, 10 September 2016

شام بابت معاهدو، ڇا عمل ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
جيتوڻيڪ شام جون حالتون هانءَ کي ڏاريندڙ آهن پر ان باوجود سعودي عرب، ترڪي ۽ شامي حڪومت پاڻ ئي دهشتگردي جي واقعن جي روڪٿام ڪرڻ لاءِ سنجيده نظر نه اچي رهيا آهن، جنهن سبب هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، آمريڪا سميت سمورن ملڪن کي به شام صورتحال تي تمام گهڻي ڳڻتي به آهي پر ان باوجود ڪو به ملڪ شام بحران کي عملي طور حل ڪرڻ لاءِ اڳتي قدم وڌائڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. هڪ طرف آمريڪا طرفان شام ۾ النصره فرنٽ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف وري روس طرفان باغين کي چٿڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، اهڙي سڄي صورتحال سبب شام جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن، هر طرف ڌماڪن سبب ڊهي پٽ ٿي ويل عمارتن جو ڏيک نظر اچي رهيو آهي، هر طرف تباهي جا منظر آهن، عالمي ميڊيا تي به شام ۾ بي گناهه ماڻهن جي مارجي ويلن جي وارثن جون دانهون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن پر ان باوجود گڏيل قومن طرفان ڪا به اهڙي ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، جنهن سان انهن متاثرن جي ڪا واهر ٿي سگهي، هڪ طرف شام ۾ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون نه ٿيڻ جون دانهون ڪيون پيون وڃن ته ٻي طرف وري يتيم ٿي ويل ٻارڙن جي مدد لاءِ اپيل ڪئي پئي وڃي، پر انهن جون آواز ڪنهن تائين به نه پهچي رهيو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو آمريڪا، روس ۽ ترڪي جي مداخلت ڪري رهيو آهي، جنهن سبب اڄ به شام ۾ حالتون جئين جو تئين آهن، آمريڪا به گذريل ڪيتري ئي عرصي کان چئي رهيو آهي آمريڪا ۽ روس جي مداخلت سبب شام ۾ هن وقت به حالتون تمام گهڻو خراب آهن، جنهن سبب ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري پريس بريفنگ دوران ٻڌايو هو ته روس ۽ آمريڪا  وچ ۾ شام بابت معاهدي تي اتفاق نه ٿي سگهيو ۽ اڃا کين وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو، ا
هڙي اعلان بعد جڏهن جنيوا ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ روسي هم منصب سرگئي لاروف وچ ۾ ملاقات ٿي ته ان دوران  آمريڪا ۽ روس وچ ۾ شام ۾جنگ بندي جي نئين معاهدي ڪيو ويو، جنهن ۾ آمريڪا ۽ روس شام ۾ النصره فرنٽ خلاف گڏجي ڪارروائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. جنهن جي تصديق آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري پاڻ ڪئي. آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آمريڪا ۽ روس وچ ۾ شام معاهدو ٿيو آهي12 سيپٽمبر کان شام ۾ سموريون ڌريون جنگ بندي ڪنديون، آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري چيو ته آمريڪا شام ۾ النصره فرنٽ خلاف ڪارروائي ڪندو، شام ۾ جنگ بندي هڪ هفتي تائين برقرار رهي ته آمريڪا روس سان گڏجي ڪم ڪندو، جان ڪيري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو هو ته معاهدي تحت  شام اپوزيشن جي ٺڪاڻن کي نشانو نه بڻائندو، اهو منصوبو ڪامياب رهيو ته روس ۽ آمريڪا سياسي حل طرف وڌندو، سندس چوڻ هو ته شام جو مسئلو  ڳنڀير آهي، پر ان کي حل ڪرڻ لاءِ صرف جنگ يا امن جو اپشن موجود آهي، هاڻ به ڪجهه بي اعتمادي آهي، ڪجهه ماڻهو معاهدي کي ڪمزور ڏسڻ چاهين ٿا، آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري چيو ته شام ۾ النصره فرنٽ خلاف ڪارروائي آمريڪا جي مفاد ۾ آهي، ٻي طرف وري روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته هنن جنگ بندي جي معاهدي کان شامي حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته شامي حڪومت معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ  تيار آهي، جي يو آءِ  ذريعي دهشتگردن ۽ اعتدال پسندن ۾ فرق معلوم ڪري سگهبو، سرگئي لاروف اهو به چيو ته جوائينٽ انٽيلي جنس يونٽ مان دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ مدد ملي آهي، معاهدي تحت امدادي ڪاررواين ۾ مدد ملندي، روسي پرڏيهي وزير چيو ته معاهدي کي منظرعام تي نه آندو ويندو، ته جئين امن ڪوششن کي نقصان نه پهچي سگهجي. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته کين اميد آهي ته معاهدي تي عمل سان شام ۾ ڳالهين جو رستو کلندو. اهڙي معاهدي جي اعلان بعد ترڪي کي به ٿوري ڳڻتي ورايو  هو، پر خبر ناهي اهي ڪهري ڳڻتي هئي، بهرحال هاڻ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا آمريڪا ۽ روس وچ ۾ ٿيل نئون معاهدو ترڪي ۽  روس ۾ ويڇا پيدا ڪندو يا وري اهو معاهدو شام جي بحران کي حل ڪرڻ ۾ ڪو فائديمند به ثابت ٿيندو، هان اهو ته  ايندڙ وقت ئي ٻڌائندو، ڇاڪاڻ ته جيڪو نئون معاهدو روس ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيو آهي، ان جا  تفصيل ميڊيا تي جاري ناهن ڪيا ويا آهن، جنهن بابت ٻڌايو ويو  آهي ته  ان معاهدي کي منظر عام تي نه آندو ويندو، ڇاڪاڻ ته ان سان معاهدي کي نقصان ٿي سگهي ٿو، ۽ آمريڪا طرفان اهو بيان ڏنو ويو ته ڪجهه عنصر روسي ۽ آمريڪا معاهدي کان خوش ناهن، جنهن سبب هو  هن وقت کي منظرعام تي نٿا آڻي سگهن. هونءَ ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر بارڪ اوباما چيو هو ته جان ڪيري شام جي جنگ جي متاثر علائقن ۾ ڪارروائين ۾ رڌل آهي ۽ داعش خلاف ڪارروايون به جاري آهن. جڏهن آمريڪي پرڏيهي اوچتو بنگلاديش روس ۽ ڀارت جي دوري تي نڪتو هو ته ان وقت به ڪيترائي سوال اٿاريا ويا هئا پر اهي سوال ان وقت ختم ٿي ويا هئا، جنهن وقت نئين معاهدي جو اعلان ڪيو ويو هو. آمريڪا طرفان چيو ويو آهي ته معاهدي تحت سموريون ڌريون شام ۾ جنگ بندي تي عمل ڪنديون ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ قدم کڻنديون.
جيتوڻيڪ آمريڪا، روس ۽ ترڪي طرفان مختلف وقتن تي شام ۾ جنگ بندي تي اتفاق ٿيندو رهيو آهي پر هن ڀيري آمريڪا ۽  روس وچ ۾ لکت ۾ معاهدو ٿيو آهي، جنهن سبب جنگ بندي تي عمل ڪرائڻ  انتهائي ضروري ٿي ويو آهي،  جيڪڏهن هاڻ به شام بابت ٿيل نئين معاهدي تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو ته پوءِ  شام جون حالتون اڳ کان  به تمام گهڻو خراب ٿي وينديون ۽ ان جو ذميوار به سمورا اتحادي ملڪ هوندا، جن شام ۾ امن جو ٺيڪو کنيو آهي. اڳ به جڏهن شام جي شهر حلب ۽ ٻين علائقن ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو هو ته ان وقت به امدادي ڪاررواين ۾ مصروف ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو هو، هڪ طرف شام ۾ ترڪي، روس ۽ آمريڪا پنهنجي پنهنجي ڪاررواين ۾ مصروف آهن ته ٻي طرف وري داعش به عام شهرين کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي رهي آهي، جنهن سبب ٻنهي پاسي کان عام ماڻهو ئي مارجي رهيو آهي، جيڪڏهن روس بمباري ڪري ته به عام شهري ئي اجل جو شڪار ٿين ٿا،  آمريڪا ۽ يا ترڪي بم اڇلائي ته به عام ماڻهو کي ئي نقصان ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ گڏيل قوم طرفان به مختلف وقتن تي رپورٽون جاري ڪيو ويو ته اتحادي فوج جي بمباري سبب عام  شهري مارجي رهيا آهن پر ان باوجود انهن ملڪن تي تر جو به فرق نه پئجي سگهيو آهي ۽ اهي ملڪ پنهنجي ڪاررواين ۾ مصروف نظر نه اچي رهيا آهن، جيڪي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي رهيا آهن، گڏيل قومن طرفان ته شامي حڪومت خلاف به رپورٽ جاري ڪئي  وئي هئي جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو هو ته شامي حڪومت زهريلي گيس جو استعمال ڪيو آهي، جنهن ڪيترائي ماڻه اجل جو شڪار ٿيا هئا پر ان باوجود شامي حڪومت تي ڪو به دٻاءُنه پئجي سگهيو آهي. گڏيل قومن جي اهڙين رپورٽن باوجود اتحادي ملڪ اڄ به عام شهرين تي بمباري ڪري رهيا آهن ۽ اها دعويٰ ڪئي ويندي آهي ته اهي داعش جي دهشتگردن کي ماري رهيا آهن، جيڪي بيان حقيقت کان ابتڙ آهي.
شام جي شهر حلب ۾ جيتوڻيڪ هن وقت آبادي 2132100 آهي پر ان باوجود ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ماڻهو اتحادي فوج جي ڪاررواين سبب شهر ڇڏڻ لاءِ مجبور آهن پر انهن  کي ڇڏڻ لاءِ رستو نه پيو فراهم ڪيوپيو  وڃي. دمشق، دير لزور، حمص، ادلب، القيطره، طرطوس ۽ ٻين شهرن ۾ هن وقت به روز مرهه جي زندگي معمول تي نه اچي سگهي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته النوره، شهبا، دمشق ۽ ٻين شهرن ۾ ماڻهن جي ڪا به امداد ناهي ڪئي وئي. جيتوڻيڪ هن وقت گڏيل قومن طرفان به  شام بحران تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي پر ان باوجود شام بحران حل ٿيندو نه پيو اچي ۽ ان جنگ ۾ هن وقت تائين ڪيترن ئي مقدس جڳهن کي نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن سان هزارين مسلمانن جي دل آزاري ٿي وئي  آهي.، هونءَ ته شام بحران کي حل ڪرڻ لاءِ ترڪي، روس ۽ آمريڪا هاڻ هڪ ٿي ويا آهن پر  ان باوجود نٿو لڳي ته  هن معاهدي تي ڪو عمل ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته  ترڪي، روس، سعودي عرب ۽ ٻيا ملڪ شام بحران کي حل ڪرڻ  چاهين  ئي نه ٿا، جيڪڏهن اهي ملڪ واقعي شام بحران کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده هجن ها ته پوءِ انهن ملڪن کي شامي حڪومت سان به هٿ ملائڻ گهرجي، جنهن سان اتحادي ملڪن کي اهو فائدو ٿئي ها ته اهي گڏجي داعش خلاف ڪارروائي ڪري سگهن ها، پر اڄڪلهه اهي خبرون اچي رهيون آهن ته شام ۾ روس، آمريڪا ۽ ترڪي عام شهرين تي به بمباري ڪري رهيا آهن جنهن سان شامي ماڻهن ۾ روس، آمريڪا ۽ ترڪي خلاف نفرتون وڌي رهيون آهن، جنهن سبب باغين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اتحادي ملڪن خلاف نفرتون پکڙجي رهيون آهن ۽ ان جو ذميوار به اهي ئي سمورا ملڪ آهن، جيڪي معصوم شهرين کي نشانو بڻيا آهن. هڪ طرف آمريڪا اهو اعلان ڪيو آهي ته هو  روس سان سان گڏجي ڪارروائي ڪندا، جيڪڏهن معاهدو برقرار رهيو ته . هاڻ جڏهن  آمريڪا ۽ روس وچ ۾ معاهدو ٿيو آهي ته ان وقت سعودي عرب ۽  ترڪي جي اها ذميواري ٿئي ٿي ته اهي به ان معاهدي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪرادار ادا ڪن ته جئين شام ۾ امن قائم ٿئي ۽ معصوم ٻارڙا يتيم ٿيڻ کان بچي سگهن.  

No comments:

Post a Comment