Pages

Sunday, 11 September 2016

منڇر ڍنڍ جو تحفظ ڪير ڪندو؟




صاحب خان ڀٽي
منڇر ڍنڍ جنهن کي ايشيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ سڏيو ويندو آهي پر افسوس جو اڄ هن ڍنڍ جو پاڻي حڪومتي بيحسي سبب صحت لاءِ هاڃيڪار بڻجي ويو آهي ۽ هزارين مهاڻن جا خاندان جن جو گذر سفر هن ڍنڍ  جي ڪري ٿيندو هو اهي به  اڄ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. منڇر ڍنڍ ۾ جڏهن پاڻي صاف هيو ته ان وقت مهاڻا تمام گهڻو خوشحال هوندا هئا ۽ هن ڍنڍ جو پاڻي ماڻهو استعمال ڪندا هئا ۽ زراعت جي ڪم به ايندو هو، جڏهن به پاڻي جي کوٽ ٿيندي هئي ته اهو پاڻي تمام گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيندو  هو، ايتري قدر جو هن ڍنڍ ۾ دنيا جا پکي به اڏامي اچي لهندا هئا، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا ميلا متل هوندا هئا ۽ انهن جو شڪار به ڪيو ويندو هو، پر افسوس جو  حڪومتي نااهلي ۽ بي ڌياني سبب منڇر ڍنڍ تباهه ٿي وئي آهي ۽ هن ڍنڍ جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، جنهن سبب مهاڻا جيڪي منڇر ويجهو رهندا هئا، انهن مان ڪجهه لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا ته ڪجهه اڄ به ان اوسئيڙي ۾ترسيل آهن ته شايد هڪ ڏينهن حڪومت نوٽيس وٺي منڇر کي تحفظ لاءِ قدم کڻندي، پر افسوس جو مڇر ڍنڍ جي تحفظ نه ته صوبائي حڪومت قدم کڻي رهي آهي نه ئي وفاقي حڪومت ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار آهي. هونءَ ته سپريم ڪورٽ ۾ منڇر گدلاڻ ڪيس هلي رهيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ نوٽيس به ورتو، جنهن کي تمام گهڻو ساراهايو پيو وڃي، پر انهن ذميوارن کي به ضرور انصاف ۾ ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي جن جي نااهلي سبب ايشيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ جي پاڻي کي گدلو بڻائڻ ۾ملوث آهن. هونءَ ته منڇر ڍنڍ جي تحفظ لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاجج ٿيندا رهيا آهن پر ان باوجود صوبائي حڪومت جي ڪامورن جي ڪن تي جونءَ به نه چري آهي، جنهن سبب هن وقت تائين منڇر جي زهريلو ٿي ويل پاڻي کي پيئڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته منڇر ڍنڍ جو پاڻي ايترو ته گدلو ٿي ويو آهي جو منڇر ڍنڍ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو چمڙي سميت ٻين مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، معصوم ٻارڙا پيٽ جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ۽ اهڙيون خبرون روزاني ڪنهن نه ڪنهن اخبار لڳنديون رهنديون آهن،
سنڌ جي ساڃاهه وندن جو به اهو مطالبو رهيو آهي ته ايشيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر کي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن، پر افسوس جو عوام کان ووٽ وٺڻ بعد ڪامورن سنڌ واسين کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن سبب عوام سان گڏ هاڻ آبي جيوت کي به نقصان پهچي رهيو آهي، هونءَ ته سنڌ سرڪار وٽ ميوزيڪل پروگرام ڪرائڻ لاءِ وڏا وڏا فنڊ موجود هجن ٿا پر افسوس جي سنڌ جي هن وڏي ڍنڍ جي تحفظ لاءِ وٽن روپيو به نه آهي، جڏهن کان منڇر ڍنڍ جو پاڻي گدلو ٿيو آهي تنهن ڏينهن کان مڇيون مرڻ جون به خبرون اچي رهيو آهن، ايتري قدر جو مهاڻا اهي دانهون به ڪري رهيا آهن ته ڍنڍ جو پاڻي زهريلو ٿيڻ سبب زمين به ڪلر جي ور چڙهي رهي آهي ۽ جر جو به پاڻي کارو ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن هن وقت به سنڌ سرڪار جون اکيون نه کليون ته هي وڏي ڍنڍ جيڪو سنڌ جو سرمايو آهي، اها تباهه ٿي ويندي، جيڪڏهن هن وقت به منڇر جي تحفظ لاءِ اپاءُ نه ورتا ويا ته پوءِ مستقبل ۾ سنڌ کي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ پئجي ويندو، هونءَ به سنڌ اندر ته ڪو وڏو ڊيم ٺاهيو ئي نه ويو آهي، جنهن سبب اها ڳالهه واضع آهي ته سنڌ پاڻي جي لاءِ  پريشان ٿي ويندو، هونءَ ته سنڌ جون سياسي، سماجي ڌريون آبي جيوت کي بچائڻ لاءِ احتجاج ڪنديون رهنديون آهن پر افسوس جي ڳالهه آهي ته هن وقت تائين منڇر ڍنڍ کي بچائڻ لاءِ ڪا به وڏي تحريڪ شروع نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي وري حڪومت ڪي خاص فنڊ جاري ڪيا آهن، جنهن سان منڇر جي آبي جيوت کي بچائي سگهجي.
 هونءَ ته منڇر ڍنڍ جي پاڻي خراب ٿيڻ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن  پر سڀ کان وڏو ڪارڻ فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي  آهي، اهو فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي ڪٿان پيو اچي ۽ ڪهڙي صوبي مان آيو، ان بابت سڀني کي خبر آهي، زهريلي پاڻي سبب منڇر ڍنڍ ۾ مڇيون ۽ ٻي آبي جيوت کي به تمام گهڻو نقصان پهتوآهي، جنهن جي ذميوا اسان پاڻ به آهيون، جيڪڏهن ان وقت ئي احتجاج ڪيو وڃي ها ته منڇر ڍنڍ جو پاڻي زهريلو نه ٿئي ها، وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته هڪ طرف وفاقي حڪومت ڊيم ٺاهڻ جي هوڏ تي قائم آهي ته ٻي طرف وري سنڌ جي ڍنڍن کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي ته جئين سنڌ ۾ پاڻي جمع ئي نه ٿي سگهي، جيڪڏهن سنڌ سرڪار برساتن جي پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ ٿر، عمرڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڊيم ٺاهي ها ته اڄ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ئي نه ٿئي ها ۽ نه ئي وفاق کي سنڌ جو پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهڻ جو جواز ملي ها، هڪ طرف سمنڊ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي ته ٻي طرف وري ڪامورن جي بي ڌياني سبب آبي ذخيره تباهه ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن هن وقت به ننڍا ننڍا ڊيم نه ٺاهيا ويا ته جيڪو چڪو پاڻي وفاق سنڌ ڏانهن موڪلي رهيو آهي ان تي به ڊيم ٺاهيو ويندو، جنهن سان سنڌ کي ڪجهه به فائدو نه ملندو،جنهن لاءِ صوبائي سرڪار کي گهرجي ته ننڍا ننڍا ٺاهڻ سان گڏ منڇر ڍنڍ کي  صاف ڪرائي پاڻي کي پيئڻ جي لائق بڻايو وڃي ۽ جيڪو زهريلو پاڻي منڇرداخل ڪيو پيو وڃي ان کي روڪرايو وڃي ته جئين منڇر جي آبي جيوت بچي سگهي ۽ اهي مهاڻا به خوشحال ٿين جيڪي اڄ به منڇر ويجهو ترسيل آهن.
هونءَ ته سپريم ڪورٽ ۾ منڇر ڍنڍ گدلاڻ ڪيس هلي رهيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ  ٻن وفاقي سيڪريٽرين کي گرفتارڻ ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جنهن ريت سپريم ڪورٽ منڇر ڍنڍ جي زهريلو ٿيندڙ پاڻي جو نوٽيس ورتو آهي شايد سنڌ سرڪار يا وفاقي سرڪار ناهي ورتو ۽ هاڻ سنڌ واسين جون اميدون به سپريم ڪورٽ ۾ لڳل آهن ۽ اها اميد ڪئي پئي وڃي ته سپريم ڪورٽ منڇر ڍنڍ جي گدلاڻ جي ذميوارن کي سزا ڏئي مهاڻن جي مرجهايل چهرن تي ٻيهر مرڪون وکيريندي. ميڊيا تي خبرون آهن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پلاننگ واري سيڪريٽري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ اهي به خبرون آهن ته منڇر ڍنڍ آلودگي ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ آف پاڪستانن ٻنهي ڄڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا ۽ اهو حڪم به جاري ڪيو آهي ته 18 آڪٽوبر تي تي ٻنهي سيڪريٽرين کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ڇاڪاڻ ته عدالت حڪم ڏنو هو ته وفاقي منصوبابندي جو سيڪريٽري سنڌ سرڪار کي منڇر کي آلودگي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فنڊ جاري ڪري پر 17 آڪٽوبر 2015 جي فيصلي تي عملدرآمد نه ٿيو  آهي. جيتوڻيڪ منڇر ڍنڍ آلودگي ڪيس هلي رهيو آهي پر افسوس جو سنڌ سرڪار هن وقت تائين منڇر ڍنڍ جي آلودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي، جيڪو پڻ هڪ وڏو سواليا نه نشان آهي، جيڪڏهن هن وقت به سنڌ سرڪار قدم نه کنيو ته پوءِ آخر ڪڏهن کڻندي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته سنڌ سرڪار منڇر ڍنڍ کي آلودگي کان بچائڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺي ته جئين منڇر ڍنڍ جو پاڻي پيئڻ جي لائق بڻجي سگهي.

No comments:

Post a Comment