صاحب خان ڀٽي
جڏهن به پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ايندي آهي ته ان وقت سنڌ جي نوجوانن کي
روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا آهن،
ڪيترن ئي ماڻهن کي روزگار به فراهم ڪيو ويندو آهي، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي تي
پنهنجا نوازي جا به الزام لڳايا ويندا آهن، پر افسوس ان ڳالهه جو ٿيندو آهي ته
پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ ماڻهن کي روزگار ڏئي بعد واپس کسيو ويندو آهي، شهيد
راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت به ڪيترن ئي سنڌين کي پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو پر
جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت ختم ٿي هئي ته ان بعد انهن ماڻهن کي پوليس مان نيڪالي
ڏني وئي هئي ۽ چيو ويو هو ته انهن جي ڀرتي غير قانوني طور ٿي هئي، جن کي اڄ تائين
بحال ئي نه ڪيو ويو آهي، جيڪي به اڄ به احتجاج ڪري سياسي انتقام جو نشانو بڻجڻ جون
دانهون ڪندا آهن. هاڻ به ائين ئي ٿي رهيو آهي، فرق صرف ايترو آهي جو اڳ ۾ حڪومتون
تبديل ٿينديون هيون ته ماڻهن کان روزگار کسيو ويندو هو پر هاڻ پيپلزپارٽي جي دور ۾
ماڻهن کي ڀرتي ڪري انهن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏني پئي وڃي، هن وقت به ڪيترائي
استاد جن کي پير مظهر الحق جي دور ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو، انهن کي اڄ تائين نه ته
پگهارون ملي سگهيون آهن ۽ نه ئي حڪومت انهن جي احتجاج جو ڪو نوٽيس وٺي رهي آهي،
مختلف اخبارن ۾ به انهن ماڻهن جي احتجاج جون خبرون رپورٽ ٿيل آهن پر افسوس جو
پيپلزپارٽي توڙي وفاقي حڪومت کي انهن ماڻهن تي رحم نه پيو اچي، جيڪي اڄ به سراپا
احتجاج بڻيل آهن، ماضي ۾ جڏهن به پيپلزپارٽي حڪومت ۾ ايندي هئي ته ماڻهن کي اها
اميد ٿيندي هئي ته هاڻ سندن مسئلا حل ٿي ويندا ۽ انهن کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ملي
ويندو جئين شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي دور ۾ غريب ماڻهن کي ڏنو هو پر هاڻ ان جي
ابتڙ ئي ٿي رهيو آهي، هاڻ ماڻهن کان اجها
کسيا پيا وڃن ۽ روزگار ڏيڻ بدران بيروزگار
ڪيو پيو وڃي، ان جو مثال چنگچي رڪشائن تي پابندي مان لڳائي سگهجي ٿو.
جڏهن استادن کي ڀرتي ڪيو ويو هو ته سنڌ سرڪار
طرفان اها هام هنئين وئي هئي ته هنن عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري ڇڏيا آهن پر جڏهن
انهن ماڻهن کي پگهارون جاري نه ڪيون ويون ۽ اهو چيو ويو ته اهي غيرقانون طور ڀرتي
ٿيل آهن، جنهن لاءِ انهن کي نوڪريون نه ٿيون ڏئي سگهجن جنهن تي هر هڪ جي دل آزاري
ٿي هئي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ سرڪار جي ئي ذميواري هئي ته آخر غيرقانوني ڀرتيون ڪيون
ته ڪنهن ڪيون ۽ انهن جي پٺيان ڪهڙي ڪاموري جو هٿ هو، جيڪڏهن ان خلاف جاچ نه ٿي ته
ان جو ذميوار ڪير آهي، آخر ڪهڙا ڪارڻ آهن
جو ماڻهو ڀرتي ٿي رهيا آهن انهن کي اهو چئي نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي ٿو ته اهي
غيرقانوني ڀرتي ٿيل آهن، جيڪڏهن انهن ڪامورن کي سنڌ سرڪار سزا نه ٿي ڏئي سگهي ۽
انهن خلاف جاچ به نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ آخر ڪير ايندو، جيڪو انهن ڪرپٽ ڪامورن
خلاف جاچ ڪندو، ڇا انهن جي جاچ لا چائنا کي ٺيڪو ڏنو ويندو، جئين سنڌ سرڪار ڪراچي
مان گند ڪچرو ڍوئڻ لاءِ چائنا جي ڪمپني کي ٺيڪو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، هاڻ به ائين
ئي لڳي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين ڪو به عملدار جاچ ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه ٿي
رهيو آهي، بهرحال انهن ڪرپٽ ڪامورن خلاف جاچ ٿئي يا نه ٿئي پر ماڻهن کي روزگار ڏئي
کسيو نه وڃي ۽ نه ئي انهن کي پگهارن کان محروم ڪيو وڃي ته جئين ڪو به ماڻهو پريشان نه ٿئي. ڪجهه عرصو اڳ سنڌ سرڪار
طرفان اها هام هنئين وئي هئي ته نوڪريون نه ٿا ڏئي سگهن، نوڪرين ته پابندي آهي ته
ان وقت الائي ڪٿان کان اعلان ڪيو ويو هو ته سنڌ پوليس ۾ رٽائرڊ فوجي اهلڪارن کي
ڀرتي ڪيو ويندو ۽ انهن کي ڀرتي به ڪيو ويو پر سنڌ جي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ
سنڌ سرڪار هڪ قدم ئي نه کنيو، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز گڏيل قومن ۾ اها دعويٰ
ڪري آيو آهي ته هنن 50 لک افغان مهاجرن کي نوڪريون ڏنيون آهن، جيڪڏهن سرتاج عزيز
جي ڳالهه تي ڌيان ڏيون ته اهو سوچڻ تي
مجبور ٿي وڃون ٿا ته آخر اهو ڪهڙو سبب آهي جو افغان مهاجرن کي وفاقي سرڪار نوڪريون
ڏئي سگهي ٿي ۽ انهن کي روزگار به فراهم ڪري ٿي ته پوءِ آخر سنڌ جي نوجوانن ڪهڙي
قصور ڪيو آهي جو انهن کي نوڪرين کان محروم
رکيو پيو وڃي،هونءَ ته سنڌ مهاجرن جا ڪٽڪ لٿل آهن ۽ اها لوڌ سرڪاري ادارن ۾ به ڀري
پئي آهي، جيڪي به سرڪاري آفيسون ڏسو ته انهن ۾ به ڪافي سارا غير سنڌي ئي ڀرتي ڪيا
ويا آهن
۽ سرڪاري وڏن عهدن
تي به اهو ئي حال آهي، ڪجهه عرصو پيپلزپارٽي جي حڪومت هڪ جيالي بيروزگاري کان
تنگ ٿي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي،
جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جنهن ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد هن فاني دنيا کي ڇڏي
هليو ويو هو. بهرحال اهو وقت ته گذري ويو پر بيروزگاري کان تنگ آپگهات ڪندڙ ماڻهن
جا واقعا اڄ به پيش اچي رهيا آهن، جنهن
لاءِ حڪومت ڪي به قدم نه کنيا آهن، جيڪي هاڻ حڪومت قدم کنيا آهن ان بابت اهو ئي
چيو پيو وڃي ته هي صرف ايندڙ اليڪشن جي
تيارين جو حصو آهن ٻيو ڪجهه به نه آهي، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به ڪجهه
عرصو اڳ اهڙو اعلان ڪيو هو، جنهن چيو هو ته ڪراچي جي سنڌي وسندين کي ليز ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري
ڪيو هو ۽ انهن ۾ ڳوٺن جا نالا ب ڏنا هئا پر ڪجهه ڏينهن گذرڻ باوجود وڏي وزير سيد قائم
علي شاهه اهو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو هو . جنهن
تي ڪراچي جي سنڌي وسندين ۾ رهندڙن
کي ڏاڍو ڏک رسيو هو. بهرحال اهو مسئلو پنهنجي جڳهه تي هاڻ جڏهن سنڌ سرڪار 99 هزار
نوڪرين تان پابندي هٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي ته هن وقت به ميرٽ جو راڳ ڳايو پيو وڃي،
ڪجهه ماڻهو ته اهو چئي رهيا آهن ته پيپلزپارٽي پنهنجا نوازي تحت نوڪريون ڏيندي،
ڇاڪاڻ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به سنڌ اسيمبلي ۾ چئي چڪو آهي ته نوڪريون جيالن جو
حق آهي ۽ هو انهن کي مريٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏيندا، ان تي ڪنهن به اعتراض نه
ورايو پيو پر ايتري سوچڻ تي مجبور ضررور ٿي ويا ته آخر سنڌ سرڪاري جيڪو نوڪريون
ڏيڻ وارو فيصلو ڪيو آهي ڇا ان تي عمل به ٿيندو يا وري هڪ دفعو ٻيهر نوڪرين تي
ماڻهن کي ڀرتي ڪري بعد اهو چيو ويندو ته اهي نوڪريون غيرقانوني طور ٿيون هيون،
ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ اهو ٿئي چڪو آهي ۽ هاڻ به اهي خدشا پيدا ٿي ويا آهن، جنهن لاءِ
سنڌ سرڪار کي ضرور قدم کڻڻا پوندا، اڳ به جيڪي ڀرتيون ڪيون ويون هيون ان بابت اهو
ٻڌايو پيو وڃي ته ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون ڏيڻ جي عيوض پئسا به ورتا هئا پر حڪومت
اهڙن دانهن کي ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيو هو، پر جڏهن نيب ڪارروايون شروع ڪيون هيون ته
ڪامورن جون رڙيون نڪريون ويون هيون، ڪجهه ته وڃي ٻاهرن ملڪن ۾ وڃي رهيا هئا، بهر
حال انهن خلاف ڪارروائي ٿئي يا نه ٿئي پر پيپلزپارٽي کي جيالن سان گڏ هر هڪ سنڌ جي رهواسي کي بنا ڪنهن فرق جي
نوڪريون ڏيڻيون پونديون ۽ اهو اعوام کي يقين ڏيارڻو پوندو ته هن ڀيري انهن کي
پيپلزپارٽي حڪومت ختم ٿيڻ بعد برطرف نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي ڪجهه عرصي بعد انهن کي
اهو چئي برطرف ڪيو ويندو ته انهن جون ڀرتيون جعلي آهن، جنهن لاءِ سنڌ سرڪار کي
ميرٽ جو راڳ ڳائيندڙن سان گڏ سنڌ جي هر هڪ واسي جي دانهن ٻڌڻي پوندي ته جئين سنڌ ۾
بيروزگاري ختم ٿي سگهي.
No comments:
Post a Comment