Pages

Wednesday, 5 October 2016

حڪومتي فيصلن سبب پريشان ٿيل عوام

صاحب خان ڀٽي
ڪڏهن ڪڏهن سنڌ حڪومت اچانڪ اهڙا فيصلا ڪندي آهي جنهن سان عوام پريشاني جي ور چڙهي ويندو آهي، تازو ئي سنڌ سرڪار طرفان هڪ اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪراچي جي اهم ترين شاهراهه تي هيوي ٽريفڪ سان گڏ رڪشائن کي نه هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ميڊيا تي اهڙيون خبرون اچڻ بعد حڪومت صرف رڪشائن کي شاهراهه تي نه هلائڻ فيصلو مهيني لاءِ واپس ورتو ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ امير شيخ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هنن شاهراهه فيصل تي رڪشائن کي نه هلائڻ جو فصيلو مهيني لاءِ واپس ورتو ويو آهي ۽ ان هڪ مهيني اندر سروي ڪرايو ويندو ۽ ان سروي تحت فيصلي تي عمل ڪرايو ويندو. هونءَ ته ڪجهه عرصو اڳ به ڪراچي ۾ چنگچي رڪشائن تي پابندي لڳائي وئي هئي، جيڪا اڄ تائين نه هٽي سگهي آهي ۽ شهر ۾ چنگچي ذريعي روزگار ڪندڙ هزارين ماڻهو بي روزگار ٿي ويا پر صوبائي حڪومت کي ڪو به رحم نه  آيو، جڏهن چنگچي رڪشائن تي پابندي جو فيصلو مڙهيو ويو هو ته ان وقت احتجاج ڪيا ويا هئا پر ان جو ڪو به ڪو کڙ تيل نه نڪتو هو، هاڻ جڏهن ڪراچي جي اهم ترين شاهراهه تي هيوي ٽريفڪ سان گڏ رڪشائن تي به پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ان وقت به ڪجهه ماڻهن ان فيصلي جي حمايت ڪئي ته ڪجهه ماڻهن ان کي عوام دشمن قرار ڏنو، هر هڪ جو اهو ئي چوڻ آهي ته  جيڪڏهن اهم ترين شاهراهه تي رڪشائن تي پابندي لڳائي وئي ته ان سان غريب ماڻهن لاءِ پريشانيون وڌي وينديون، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ رڪشا واحد سواري آهي، جيڪا اڌ رات جو به ملي ويندي آهي، ان لاءِ رڪشائن تي پابندي نه لڳائڻ گهرجي، جيڪڏهن رڪشائن  تي  پابندي لڳي ته ان سان لاڳاپيل ماڻهو به بي روزگار ٿي ويندا، جنهن لاءِ حڪومت کي اهڙي فيصلي کان اڳ انهن جي خاندانن جي باري ۾ سوچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٻين ملڪن ۾ حڪومت  غريب ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ رڪشا ۽ ٽيڪسيون وغيره ڏيندي آهي ته جئين اهي روزگار ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪري سگهن پر افسوس جو هن ملڪ ۾ روزگار ڏيڻ بدران روزگار کسيو پيو وڃي، اڳ هزاري چنگچي رڪشا هلائيندڙ کي بيروزگار ڪيو هو،  جنهن سبب هزارين  ماڻهو بيروزگار ٿي ويا هئا، ايتري قدر جو ٻن چنگچي رڪشا ڊرائيورن آپگهات به ڪيو هو، ان وقت به سنڌ سرڪارکي ڪو به رحم نه آيو هو.
هاڻ جڏهن سنڌ حڪومت اهم ترين شاهراهه تي رڪشائن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪرڻ طرف وڃي رهي آهي ته به اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته هاڻ به ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا، جنهن سبب انهن جا خاندان به بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويندا، افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آي ته حڪومت رڪشائن تي پابندي ته لڳائڻ چاهي ٿي پر انهن کي متبادل روزگار ڏيڻ لاءِ ڪو به قدم نه پيو کنيو وڃي، جنهن سبب ان فيصلي کي ڪنهن به صورت ۾ بهتر نه ٿو چئي سگهجي.جيڪڏهن سنڌ حڪومت روزگار فراهم نه ٿي ڪري سگهي ته انهن کان روزگار کسڻ جو به ڪو حق نه آهي، هڪ طرف سنڌ سرڪار طرفان  موٽرسائيڪل هلائيندڙن کي هيلمٽ پائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ هيلمٽ نه پائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون به شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو ڏٺو وڃي ته بهتر عمل آهي پر اچانڪ اهڙو فيصلو ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، ڪڏهن حڪومت اچانڪ ڊرائيونگ لائسنس نه رکندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪندي آهي ته ڪڏهن وري موٽرسائيڪل هلائيندڙ ۽ ان جي پٺيان ويهندڙ لاءِ به هيلمٽ لازمي قرار ڏنو ويندو آهي، اڳ به جڏهن موٽرسائيڪل  سوارن لاءِ هيلمٽ لازمي قرار ڏنو ويو هو ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڏنڊ به وڌو ويو هو پر  ڪراچي جي شهرين پٺيان ويهندڙ لاءِ هيلمٽ پائڻ واري فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ عورتن کي هيلمٽ نه پائڻ  واري فيصلي تي نرمي جو مظاهرو ڪيو هو ۽ چيو هو ته هو هيلمٽ بابت جاڳرتا مهم شروع ڪندا، اها مهم شروع ئي نه ٿي هئي ته موٽرسائيڪل سوان هٿياربندن  ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ حملا ڪيا هئا، جن کي سي سي ٽي وي ڪئمرا ذريعي هيلمٽ پاتل ڏٺو ويو هو، جنهن سبب انهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جنهن سبب شهرين ڳڻتي جو به اظهار ڪيو هو، هاڻ جڏهن ڪراچي م امن امان جي صورتحال قائم ٿي چڪي آهي ته ان وقت عوام هيلمٽ واري حڪومتي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي پر رڪشائن تي لڳائڻ واري پابندي کي عوام دشمن قرار ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي فيصلي کان  عوام سان گڏ رڪشا هلائيندڙن جو به نقصان آهي، اهائي اهم ترين شاهراهه فيصل آهي جنهن تي رات جو  11 وڳي کان پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هئڻ برابر هوندي آهي، بسون وغيره بند ٿي وينديون آهن، جنهن سبب صدر کان ملير ويندڙ ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن، جن کي رات جو ڊيوٽي تان واپسي ۾ ڪا به سواري نه ملندي آهي، جنهن سبب اهي رڪشائن ذريعي پنهنجي گهرن ڏانهن پهچندا آهن.
هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته آخر حڪومت کي رڪشا هلائيندڙن کان ڪهڙي تڪليف پهتي آهي جو انهن اهڙو عوام دشمن فيصلو ڪرڻ جو سوچيو آهي، ڇا سنڌ سرڪار کي رڪشا روڊن تي پسند ناهن يا وري ڪنهن طاقت ور ڌر کي ڪراچي جي اهم ترين شاهراهه تي رڪشا هلائيندڙ پسند نه آهي، خبر ئي نه ٿي پئي ته حڪومت آخر ڪنهن جي چوڻ ته اهڙو فيصلو ڪرڻ طرف وڃي رهي آهي، جڏهن چنگچي رڪشائن تي پابندي لڳي هئي ته ان وقت چنگچي رڪشا هلائيندڙ اهي دانهون ڪري رهيا هئا ته انهن  کي چنگچي رڪشا نه هلائڻ وارو فيصلو ٽرانسپورٽ مافيا جي چوڻ تي ڪيو ويو، بهرحال چنگچي رڪشا ته ڪراچي ۾ غائب ٿي ويا پر هاڻ سنڌ حڪومت الائي  ڪنهن جي خواهش تي اهم ترين شاهراهه تي رڪشا نه هلائڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي. هونءَ ته شاهراهه فيصل تي شام ۽ صبح جي وقت ٽريفڪ جام رهڻ  معمول بڻيل هوندو آهي  پر ان جو ذميوار صرف چنگچي رڪشائن کي ڏيڻ به وڏي زيادتي آهي، ڇاڪاڻ ته شاهراهه فيصل تي هيوي ٽريفڪ سان گڏ وي آءِ پي پروٽوڪل رکندڙ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا گذرندا آهن جنهن جي ڪري  ٽريفڪ کي گهٽتائڻ لاءِ مختلف هنڌن تي بند گاڏين کي روڪيو به ويندو آهي ته جئين وي آءِ پي پروٽوڪول رکندڙ شاهراهه فيصل تان آساني سان گذري وڃي، بهر حال  اهو حڪومت ڄاڻائي ۽ پروٽوڪول رکندڙ ڄاڻين ، پر حڪومت صرف شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ جام هجڻ جو سبب ڄاڻائي رڪشائن تي پابندي لڳائڻ وارو فيصلو ڪرڻ به عوام سان وڏي ناانصافي ٿيندي ڇاڪاڻ ته صرف شاهراهه فيصل نه پر ايم اي جناح روڊ تي به شام جي وقت ٽريفڪ جام هوندي آهي، جيڪڏهن حڪومت کي قدم کڻڻا آهن ته پوري ڪراچي لاءِ کنيا وڃن، صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي به ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هيلمٽ نه پائندرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، خبر نه ٿي پئي ته مولابخش چانڊيي کي هيلمٽ نه پائيندڙ خلاف ايتري ڪاوڙ آهي پر جيڪي ماڻهو سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن انهن خلاف کيس ايتري همت نه ٿي آهي جو انهن خلاف به اهڙو بيان ڏئي جئين هن بغير هيلمٽ جي موٽرسائيڪل هلائيندڙن خلاف ڏنو آهي. بهر حال اسان حڪومت کي اهو ئي عرض ڪري سگهون ٿا رڪشائن تي پابندي لڳائڻ کان اڳ انهن کي روزگار جو متبادل فراهم ڪيو وڃي ۽ شهرين لاءِ ٽرانسپورٽ جو به بندوبست ڪيو وڃي ته جئين شهري ٽرانسپورٽ جي کوٽ کان آجا ٿي سگهن ۽ انهن کي به رات جي وقت به پبلڪ ٽرانسپورٽ آساني سان ملي ته جئين اهو پنهنجي گهرن طرف وڃي سگهن.

No comments:

Post a Comment