صاحب خان ڀٽي
ٿر پارڪر کي قدرت معدني وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي، هر طرف ريگستان ۽ واري جا
وڏا وڏا دڙا ٿر جي خوبصورتي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏين ٿا، هڪ طرف قدرت ٿر جي هڪ حصي
کي جابلو ٽڪرين ۾ورهايو آهي ته ٻيو حصو وري خشڪ ۽ ريگستاني آهي، جڏهن ته جابلو
ٽڪرين جي پاسن کان زرخير زمين آهي، هڪ طرف ٿر پارڪار ۾ هرڻ ۽ ٻيا جانور آهن ته ٻي
طرف مور به ٿر جي سونهن بڻيل آهي، جڏهن به ٿرپارڪر ۾ برساتون ٿينديون آهن ته هٿان
جا ماڻهو خوشحال ٿي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته ٿر جا ماڻهو برساتن جي پاڻي سان ئي فيصل پوکيندا آهن ۽ برساتن سبب ئي ٿر ۾ ساوڪ ۽
ساوڪ نظر اچڻ لڳندي آهي، جيڪو منظر ڏسڻ لاءِ ماڻهو پري پري کان ڏسڻ ايندا آهن پر
ان باوجود هتان جا ماڻهو غربت واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، جڏهن ٿر مان ڪوئلو ۽
ٻيون معدني شيون نڪتيون هيون ته هتان جي ماڻهن سوچيو هو ته سندن زندگي تبديل ٿي
ويندي ۽ سرڪار کين مقامي ماڻهو سمجهه سندن ڀلائي لاءِڪي قدم کڻندي ۽ نوڪريون فراهم
ڪندي پر افسوس جو ٿر جي ماڻهن کي ته نوڪريون ته نه مليون ۽ نه ئي انهن لاءِ روزگار
جا دروازا کوليا ويا، رهندو انهن کي بي
دخل ڪرڻ لاءِ ٽڪساٽ ٺاهڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب ٿر جا ماڻهو پريشانين
کي منهن ڏيڻ لڳا آهن.
جيتوڻيڪ هن وقت ٿر ۾ ڪوئلو ۽ ٻيون
معدني شيون هٿ اچي چڪيون آهن پر ان باوجود نه ته ٿر جي ماڻهن کي تعليم ۽ صحت
جهڙيون بنياديون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ نه ئي انهن جي بهتري لاءِ ڪي قدم
کنيا پيا وڃن.جيڪڏهن ڪو ٿر جو ماڻهو احتجاج به ڪري ٿو ته ان جي دانهن ٻڌڻ وارو به
هتي ڪير نه آهي، هن وقت به ٿر جا ماڻهو هزارن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جيڪو
سلسلو گذريل ڳچ عرصي کان هلندو پيو اچي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ٿر جا ماڻهو
خوراڪ جي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن پر حڪومت سدائين اهي دعوائون ڪندي رهي آهي ته
ٿر ۾ ڪو به ڏڪار نه آهي، پر جڏهن
اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا تي اهي خبرون نشر ٿيون ته ٿر پارڪر ۾ معصوم ٻارڙا
فوت ٿي رهيا آهن ته حڪومت انهن خبرن کان ڪن لاٽار ڪئي ۽ چيو ته اهڙو ڪو به مسئلو
ٿر ۾ نه آهي ۽ ٻارڙا اڳ به مرندا هئا ۽ هاڻ به مري رهيا آهن، اهڙي بيان سان هر هڪ
ساڃاهه وند جي دل ڏکئي هئي پر حڪومت پنهنجي هوڏ تي قائم هئي.
جڏهن نيشنل ۽ انٽرنيشنل ميڊيا ٿر ۾
ڏڪار وارين خبرن کي نشر شروع ڪيو ته آهستي آهستي صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ٿر ۾
امدادي ٽيمون موڪليون هيون ۽ ٿر ۾ ڏڪار سٽيلن کي
امدادي سامان به ڏنو ويو هو. هڪ طرف سنڌ جو وڏو وزير ٿر جا دورا ڪري رهيو
هو ته ٻي طرف وري مختلف سماجي تنظيمون به ڏڪار سٽيلن علائقن ۾ وڃي انهن جا مسئلا معلوم ڪري رهيون
هيون. بهرحال ان وقت به ٿر جا ماڻهو نه ته صحت جون سهولتون ملڻ خلاف روڊن تي نڪتا
هئا ۽ نه تعليم لاءِ احتجاج ڪيو هو پر هن وقت ٿر جا ماڻهو ان ڪري روڊن تي هٿن ۾
پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي روڊن تي نظر اچي رهيا آهن جو کين خدشو ٿيو آهي ته هاڻ ڪجهه
بااثر ڌريون انهن کي ٿر مان بي دخل ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن ۽ هو انهن کي
ناڪام بڻائڻ لاءِ هر سطح تي احتجاج ڪندا. هڪ طرف ٿر ۾ نه ته بجلي آهي ۽ نه ئي ڪي
خاص سرڪاري اسڪول قائم ڪيا ويا آهن جتي تعليم سميت ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون
هجن ته ٻي طرف وري ڪاري سون جي مالڪن کي ڪڍڻ لاءِ هيلا هلائڻ جي ڪوشش به شروع ٿي
وئي آهي ۽ ان جي شروعات ٿر جي ماڻهن جي زمينن تي قبضي کان شروع ٿي وئي آهي، ماضي ۾
ته نه حڪومت ٿر جي ريگستان ڏانهن اک ڦيريندي هئي ۽ نه ئي وري سرڪار انهن ڏانهن
ڌيان ڏيندي هئي پر هاڻ جڏهن کان ٿر مان ڪوئلي جو خزانو هٿ آيو آهي تڏهن کان صوبائي
حڪومت توڙي وفاقي حڪومت ثر تي مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
بهرحال ڪنٽرول حاصل ڪرڻ صوبائي توڙي وفاقي حڪومت جو حق آهي پر ٿر جي ماڻهن جي
بنيادي مسئلن کي به حل ڪرڻ به حڪومت جي به
ذميواري آهي جيڪا هن وقت نه ته صوبائي حڪومت نڀائي آهي ۽ نه وفاقي حڪومت نڀائي رهي
آهي، جنهن سبب ٿر جا ماڻهو ٻٽي عذاب جو شڪار آهن. جڏهن کان خانگي ڪمپنين جي يلغار
ٿر ۾ اچي لٿي آهي تڏهن کان ٿر جا ماڻهو به پريشان ٿي ويا آهن هڪ طرف عرب شڪارين جا
ڪٽڪ ته ٻي طرف وري خانگي ڪمپنيون جيڪي ٿر ۾ رلي رهيون آهن، جن کان پڇڻ وارو ڪو به
نه آهي. هن وقت به ٿر ۾ ساڳي ئي صورتحال آهي پر جڏهن کان ڪوئلي جي کاڻن مان نڪرندڙ
زهريلي پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ٿيو آهي تڏهن کان ٿر جي ماڻهن جون
ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ اهي روڊن تي نڪري آيا آهن، ڇاڪاڻ ته کين خدشو آهي ته ڊيم ٺهڻ سان سندن زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ جر
جو پاڻي کارو بڻجي ويندو پر ان باوجود حڪومت انهن جي دانهن کي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه
آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ وڏي و زير سيد مراد
علي شاهه هڪ اجلاس ۾ چيو هو ته گوڙاڻو ڊيم
تي هڪ ٻن گهرن کي اعتراض آهن، جيڪي به ختم ڪيا ويندا پر جڏهن مٺي ۾ هزارين ماڻهن
گوڙاڻو ڊيم خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته لڳو وڏي وزير کي به شايد گوڙاڻو ڊيم بابت
ڪا بريفنگ نه ڏني و ئي هئي جنهن سبب هن اهڙو بيان ڏنو، بهرحال هاڻ جڏهن ٿر جي
هزارين ماڻهن گوڙاڻو ڊيم خلاف مهم هلائي آهي ته انهن جي سڏ کي هر هڪ سنڌي لبيڪ ڪيو
آهي ڇاڪاڻ ته گوڙاڻو ڊيم هڪ طرف ٿر جي ماڻهن جي زندگي ۽ موت جو سوال بڻجي ويو آهي
ته ٻي طرف وري ماحوليات تي به ان جا ڪيترائي اثر پئجي سگهن ٿا، جنهن سبب اڄ ڪلهه
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گوڙاڻو ڊيم خلاف احتجاج شروع ٿي ويو آهي،
پر افسوس جو نه ته گوڙاڻو ڊيم تي
احتجاج ڪرڻ جو فنڪشنل ليگ نوٽيس ورتو آهي ۽ نه ئي وري حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن ڪو ڌيان
ڏنو آهي. ٿر جي ماڻهن جو اهو مطالبو به
آهي ته گوڙاڻو ڊيم جو هنڌ تبديل ڪيو وڃي ته جئين سندن خدشا ختم ٿي سگهن پر نه ته
اينگرو ڪمپني انهن جو مطالبو تسليم ڪري رهي
آهي ۽ نه ئي وري حڪومت انهن جو مطالبو ٻڌڻ لاءِ تيار آهي، ڪجهه ٿري ته اهي
به دانهون ڪري رهيا آهن ته سندن زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه اهي به الزام
لڳائي رهيا آهن ته سندن زمين ڀڳڙن عيوض ورتي پئي وڃي ۽ اهڙيون خبرون مختلف اخبارن
۾ به شايع ٿينديون رهيون آهن. بهرحال هن
وقت ٿر جا ماڻهو گوڙاڻو ڊيم خلاف سندرا ٻڌي ميدان تي لٿل آهن، جن جي حوصلا افزائي
ڪرڻ لاءِ هر هڪ فرد کي پنهنجو ڪردار به ادا ڪرڻو پوندو، ٿر ي ماڻهن سوچيو هو ته
ڪوئلو نڪرڻ بعد هو مالا مال ٿي ويندا پر افسوس جو ٿر مان ڪوئلي نڪرڻ جو کين ته ڪو
فائدو ته نه ٿيو پر رهندو انهن جي زمينون ڀڳڙن عيوض ورتي پئي وڃي ۽ اهڙا منصوبا
شروعا ڪيا پيا وڃن جن سان ٿر جي ماڻهن جا خدشا وڌندا پيا وڃن. هاڻ اها حڪومت جي ئي
ذميواري آهي ته اهي گوڙاڻو ڊيم بابت پيدا ٿيل خدشن کي ختم ڪري ۽ پي پي چيئرمين
بلاول ڀٽو زرداري به ٿر جي ماڻهن جي احتجاج
جو نوٽيس وٺي ته جئين ٿر جي ماڻهو به سک جو ساهه کڻي سگهن، ڇاڪاڻ ته گوڙاڻو
ڊيم سبب هو تمام گهڻو پريشان آهن.
No comments:
Post a Comment