Pages

Thursday, 9 February 2017

اميگريشن قانون ۽ سڌارن بابت ايجنڊا

صاحب خان ڀٽي
پاڪ-افغان سرحد کي حڪمرانن محفوظ بڻائڻ جو فيصلو ان وقت ڪيو جڏهن افغان صدر اشرف غني پاڪستان خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ سرحد وٽ به ڇڪتاڻ ٿي، جنهن دوران پاڪ فوج جا ڪجهه جوان به شهيد ٿيا، جڏهن افغان صدر پاڪستان خلاف بيانبازي جو سلسلو شروع ڪيو تڏهن اسان جي حڪمرانن چيو هو ته افغان صدر ٻين جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي، جنهن جي هن بعد ۾ ترديد به ڪئي آهي، پر ان باوجود افعانستان طرفان هن وقت تائين ڪو خاص حمايت ۾ بيان نه ڏنو ويو آهي، پر جڏهن پاڪستان سرحد وٽ گيٽ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هو تڏهن افغانستان به گڊز ٽرانسپورٽ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو هو، بهرحال ان وقت ته ايتري ڇڪتاڻ نه هئي پر جڏهن به افغانستان مان ڪا دهشتگردي ٿي ته ان جو ذميوار به پاڪستان کي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي  وئي هئي ۽ پاڙيسري ملڪ طرفان به افغانستان جي حمايت ڪئي وئي هئي، جڏهن ايل او سي تي ڀارتي جارحيت جو سلسلو وڌي ويو ته افغانستان فورسز به سرحد تي بنا جواز فائرنگ ڪري ڪجهه پاڪ فوج جا جوان شهيد ڪيا هئا پر ان وقت به حڪمرانن صبر کان ڪم ورتو هو پر هاڻ جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جون ڪارروايون وڌي ويون آهن تڏهن حڪومت کي به سرحدن کي محفوظ بڻائڻ جو خيال آيو آهي، اها سرحد جنهن تي ماضي ۾ ڪڏهن به فورس کي خاص چيڪنگ نه ڪرڻي پوندي هئي اڄ اتي سخت سڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن،
 ڇاڪاڻ ته پاڪستان اندر جيڪي به دهشتگرد ڪارروايون ٿيون آهن، انهن بابت به اهو ئي ٻڌايو ويو آهي ته اهي حملي آور افغانستان جي رستي آيا هئا. هڪ ٻه ڏينهن اڳ وفاقي ڪابينا جي چونڊ سڌارن بابت پارليامني ڪيمٽي جو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ سرحد تي اميگريشن جا قانون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ايتري قدر جو وفاقي ڪابيانا جي چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏني وئي هئي، جنهن بابت ٻڌايو ويو هو ته اهي سفارشون ايندڙ مهيني بل جي صورت ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون وينديون. جنهن تحت اليڪشن ڪميشن کي مڪمل انتظامي ۽ مالياتي خودمختياري ڏني ويندي، چونڊ سڌارن بابت  اجلاس ۾ چونڊ تڪ وڌائڻ جي حوالي سان فيصلو آدمشماري کان پوءِ ڪرڻ جو اشارو ڏنو ويو هو. وفاقي ڪابينا جي چونڊ سڌارن بابت اجلاس ۾ منظور ڪيل سفارشن کي ايندڙ ميهين بل جي صورت ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو  ويو هو، جنهن تحت اليڪشن ڪميشن کي مڪمل انتظامي ۽ مالياتي خودمختياري ڏني ويندي، وفاقي ڪابينا جي چونڊ سڌارن بابت اجلاس ۾ چونڊ تڪ جي حوالي سان فيصلو آدمشماري کان پوءِ ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وفاقي وزير مير حاصل بزنجي وزيراعظم نوازشريف کان بلوچستان ۾ فوري طور ادمشماري روڪڻ جو به مطالبو ڪيو هو،  ان وقت وزيراعظم نوازشريف آدمشماري ملتوي ڪرائڻ واري مطالبي کي فوري طور رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته هو آدمشماري ملتوي نه ڪندو پر آدمشماري بابت جيڪي خدشا هوندا انهن کي ختم ڪيو ويندو،
 وفاقي وزير مير حاصل بزنجي چيو هو ته بلوچستان ۾ افغان پناهگيرن جو وڏو انگ بلوچستان ۾ موجود آهي، جنهن سبب آدمشماري درست نه ٿي سگهندي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته افغان پناهگيرن رڳو بلوچستان نه پر سنڌ ۾موجود آهن، افغان پناهگيرن جي ڳالهه تي پري جي سنڌ اندر ته بنگالي، برمي، بهاري ۽ ٻين ملڪن سان تعليم رکندڙ لکين پرڏيهي هتي بنا ڪنهن ويزا جي ترسيل آهن، اڪثر جا ته هتان جا سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهي چڪا آهن ۽ ڪجهه غير ملڪين ته هتي پنهنجو ڪاروبار به ڄمائي ورتو آهي پر ان باوجود حڪومت انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻندي آهن، هن ڀيري جڏهن آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي تڏهن به  سڀ کان وڌيڪ خدشا سنڌين کي ئي آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پرڏيهين کي سنڌ ۾ ڳڻيو ويو ته ان جو نقصان سنڌين کي ئي ٿيندو، اهڙي ريت بلوچستان جو عوام به اهڙي قسم جون دانهون ڪري رهيو  آهي پر حڪمران صرف هٿ تي هٿ رکي ويٺو آهن، هن وقت هڪ طرف مختلف ملڪ پناهگيرن کي تڙڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن ته ٻي طرف وري اسان جي ملڪ ۾ پرڏيهين جي صرف رجسٽريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون ٿيون تڏهن وڏي تعداد ۾ متاثر ماڻهن پاڪستان رخ ڪيو، ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ پاڪستان جي افغان سرحد وٽ ڪو به دهشتگردي جو واقعو نه ٿيو هو ۽ نه ئي وري افغان سرحد وٽ ڪو پاڪ فوج جوان شهيد ٿيو هو پر جڏهن کان پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروايون ٿيون آهن
تڏهن کان افغان حڪومت پاڪستان خلاف بيان ڏئي رهي آهي، بهرحال ان وقت هتان جي حڪمران افغان مهاجرن کي ڏيهه اچڻ جي اجازت ته ڏني پر انهن جي ڪا خاص رجسٽريشن نه ڪئي وئي هئي، جيڪڏهن ڪجهه هنڌن تي رجسٽريشن ڪئي به وئي ته اها به شايد هن وقت حڪمرانن کي نه ملي رهي آهي، تنهن جي ڪري انهن جي رجسٽريشن جو 2017 تي مڪمل ڪرڻ جون دعوائون ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس بابت مختلف اخبارن ۾ لکيل هو ته اجلاس ۾ اميگريشن قانون  لڳو ڪيو ويندو، تڏهن سڀ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويا هئا ته شايد هن ڀيري جلد کان جلد افغان پناهگيرن سميت مختلف غيرقانوني ترسيل ماڻهن کي ڪيمپن ۾ رکيو ويندو پر  ائين نه ٿي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس بابت اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اجلاس ۾ افغان پناهگيرن جي واپسي ۽ چونڊ سڌارن سميت ايجنڊا جا ڪيترائي اهم نقطا غور هيٺ آيا هئا، جنهن ۾ احتساب ڪميشن، ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فوج جي فائرنگ سان متاثر ٿيندڙ ماڻحن جي لاءِ قائم ڪابينا جي رپورٽ، گڙدن، جگر، ڪينسر، بون ميٽرو ٽرانسپلانٽ سميت مختلف موذي مرضن جو شڪار غريب ۽ ضرورتمند شهرين جي علاج کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ اسپتالون تعمير ڪرڻ ۽ هيلٿ انفرا اسٽريڪچر ۽ مينيجمنٽ ڪمپني جي قيام جا معاملا شامل هئا. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا  اهڙن نقطن کي عملي جامو پارايو ويندو يا اهو اجلاس به ماضي جيان ٿيل اجلاسن وانگر ئي هوندو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ايران، فرانس ۽ ٻين سان ٺاهه به منظور ڪيا ويا هئا ۽ غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي فوري طور واپس اماڻڻ جي منظوري ڏني وئي  هئي. جيڪڏهن انهن سمورن نقطن تي جلد کان جلد  عمل ٿئي ته جئين ملڪ ۾  رهندڙ پرڏيهين کي پنهنجن پنهنجن ملڪن  ڏانهن اماڻڻ ۾ تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، وزيراعظم نوازشريف به امگيريشن قانون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو اجلاس ۾ ٻڌائي چڪو آهي، جنهن بعد افغانستان مان ايندڙ شهرين لاءِ ويزا لازمي قرار ڏني ويندي آهي، جيڪو هن ملڪ لاءِ تمام ڏکيو فيصلو آهي پر ان سان پاڪستان جي عوام تمام گهڻو محفوظ بڻجي ويني، جيڪڏهن اميگريشن  قانون کي فوري طور نه لڳايو ويو ته هتان جون حالتون اڃا وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو به ڌارين جي لوڌ آهي، جيڪڏهن اهو معاملو آدمشماري کان اڳ حل ڪيو وڃي ها ته اڄ  بلوچستان ۽ سنڌ پنهنجا خدشا وفاق آڏو نه رکي ها، هڪ ته آدمشماري تمام گهڻو دير سان ڪرائي پئي  وڇي ته ٻيو وري ڌارين جي لوڌ  ملڪ ۾ تمام گهڻا مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. جيڪڏهن هن وقت به وفاقي حڪومت خاص طور تي افغان مهاجرن جي باعزت واپسي لاءِ ڪوششون ڪري  ته اڃا به آدمشماري تمام گهڻو وقت آهي، هونءَ ته اهو عمل  ظاهري طور تمام گهڻو ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته جڏهن افغان مهاجر ملڪ اندر داخل ٿي رهيا هئا انهن جا خاص رجسٽريشن نه ڪئي وئي ه ئي، جنهن سبب اڄ هن ملڪ ۾ هزارين پناهگير هتي ترسيل آهن، جن وٽ  سڃاڻپ ڪارڊ هجڻ جا انڪشاف به ٿيا آهن.


No comments:

Post a Comment